; سنڌي شخصيتون: مٺو فقير، ڍير وارو، سنڌ جو فرهاد، استاد لغاري،
Showing posts with label مٺو فقير، ڍير وارو، سنڌ جو فرهاد، استاد لغاري،. Show all posts
Showing posts with label مٺو فقير، ڍير وارو، سنڌ جو فرهاد، استاد لغاري،. Show all posts

22 September, 2019

مٺو فقير ڍير وارو


مٺو فقير ڍير وارو
سنڌ جو فرهاد
استاد لغاري
اسان ايران جي مشهور عشقيه لوڪ داستان، “شيرين فرهاد” جو قصو، بچپن کان وٺي ٻڌندا ۽ پڙهندا آيا آهيون. ليڪن اڄ سنڌ جي هڪ اهڙي البيلي عاشق جو صفا سچو ۽ حقيقي قصو پڙهنداسين، جنهن ڪاٺيءَ جي پهوڙيءَ سان يا ٽيڪم سان، ڪنهن به پهاڙ يا جبل جو سينو ته ڪو نه چيريو، پر هن تغاريون، ٽوڪرا ۽ ڏلها کڻي، مٽيءَ جو هڪ وڏو ڍير (پهاڙ وانگر اوچو دڙو) جوڙيو. جنهن تي چڙهي، پنهنجي مٺڙي محبوب جي شهر جي ڏيئن ڏسڻ جو شوق پورو ڪيائين. هن البيلي عاشق جو نالو “مٺو فقير” هيو، جنهن کي “سنڌ جو فرهاد” به سڏيو ويندو آهي.