پريم شواڻي
قديم ٿر جو جديد ماڻهو.
ڀارومل امراڻي سوٽھڙ
سائين پريم شواڻي ٿر
جو سگهارو صحافي، شاعر، ناول نگار، چترڪار، مزاح نگار، منفرد مقرر ۽ استاد هو. جيڪو
ڪڏهن انگريزي ۾ سوچيندو هو ته ڍاٽڪي ۾ اظهاريندو هو ته ڪڏهن ڍاٽڪي ۾ سوچي سنڌي ۾
لکندو هو. ڪڏهن لفظن کان لاتعلق ٿي ته پينسل جي لڪيرن ۾ پنهنجي راءِ رکندو هو. پر
جي ڀر ۾ برش ملي ويندو هو ته رنگن جي روپ ۾ پنهنجا احساس اتاريندو هو.
