; سنڌي شخصيتون: ڀڳت نيڻو رام، سنڌ جو سنت، حليم باغي،
Showing posts with label ڀڳت نيڻو رام، سنڌ جو سنت، حليم باغي،. Show all posts
Showing posts with label ڀڳت نيڻو رام، سنڌ جو سنت، حليم باغي،. Show all posts

22 September, 2019

ڀڳت نيڻو رام - حليم باغي


سنڌ جو سنت
حليم باغي
Related image
ڀڳت نيڻو رام ۱۹۰۱ع ۾ ڄائو ۽ ۱۹۷۹ع ۾ گذاري ويو. اسلام ڪوٽ جي ننڍڙي ۽ خوبصورت ڳوٺ جو ويٺل، لوهاڻي ذات وارو هو. وطن مالوف سنڌ جا مختلف رهاڪو “هندو” پوءِ کڻي مالهي هجن، سونارا هجن، ڪولهي هجن، ڀيل هجن، ميگهواڙ يا اوڏ هجن.
اتر سنڌ جا ماڻهو هر ذات واري هندو کي “ديوان” سڏيندا آهن پر ايئن ڪونهي. ننڍي کنڊ ۾ منو جي جيڪا انسانيت ۾ تفريق وجهڻ جي روايت وڌي اُها تفريق ڏينهن ڏهوڻي ۽ رات ويهوڻي ترقي ڪندي رهي ٿي. ذات قبيلي جو غرور، ڪُل ۽ ڪڙم جو گهمنڊ رهندو آيو آهي. عربيءَ ۽ عجميءَ جا فرق ته تاريخ پاڻ ٻڌائي پئي. سنڌ ۾ جيڪي ڪڙم قبيلا، ذاتيون ۽ نسل رهن ٿا، انهن ڪڙمن قبيلن مان واڻين جي ڪميونٽي به هڪ آهي.