; سنڌي شخصيتون: August 2015

30 August, 2015

سيد مير محمد بلگرامي - مختيار احمد ملاح

سيد مير محمد بلگرامي
تبصرة الناظرين جو ليکڪ
مختيار احمد ملاح
بلگرام هندستان جي صوبي اتر پرديش ۾ اچي وڃي ٿو. قديم دور کان هي شهر علم، ادب ۽ تصوف جو مرڪز رهيو آهي. هتان ڪيترا ئي عالم ۽ اديب پيدا ٿيا آهن. جن مان هڪ علمي گهراڻي ”بلگرامي“ جا ڪيترا ئي فاضل، خودمختيار يا نائب طور دهلي درٻار پاران 1706ع کان 1742ع تائين سنڌ ۾ وقائع نگاري تي مقرر هئا. انهن ۾ غلام علي آزاد بلگرامي، سيد مير محمد بلگرامي، مير عبدالجليل بلگرامي وغيره وڏا نالا چئي سگهجن ٿا. ان سلسلي ۾ سيد مير محمد بلگرامي جي ڪلهوڙن جي تاريخ ڊائري جي سلسلي ۾ فارسي ۾ لکيل ”تبصرة الناظرين“ وڏي اهميت وارو ڪتاب آهي.

محمد ڇتل سرهيو - ادريس جتوئي

محمد ڇتل سرهيو
هڪ مثالي اُستاد
ادريس جتوئي
موري شهر ۾ ڪيترا ئي ناميارا پرائمري استاد ٿي گذريا آهن. جن شهر اندر پرائمري تعليم جا بنياد مضبوط ڪيا ۽ علم جي روشني کي ڦهلايو. انهن منجهان سيد جعفر علي شاھ، گل محمد ساٽي، احمد بخش ڪمالاڻي، محمد ڇٽل سُرهيو، رستم خان خميساڻي ۽ خدا بخش سيهڙ به مشهور پرائمري استاد ۽ هيڊ ماستر ٿي گذريا.

ڊاڪٽر ادل سومرو

ڊاڪٽر ادل سومرو
سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ
محمد سليمان وساڻ
پيار کان جي ڌار آهي شاعري
سا به ڪهڙي يار آهي شاعري
سنڌ جي موجوده دور جي شاعرن جو جڏهن ذڪر ڪبو ته سکر جي ڊاڪٽر ادل سومرو جو نالو سڀني کان مٿانهون هوندو. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي شاعريءَ ۾ احساسن، امنگن، جذبن، سونهن ۽ سُريت کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ادل سومري جو اصلي نالو عبدالڪريم سومرو آهي ۽ سندس جنم سکر ۾ محمد صالح سومرو جي گهر ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي ٿيو. شروعاتي تعليم سکر مان ۽ پوءِ ميٽرڪ ۽ بي اي به اتان ئي ڪئي. ايم اي اقتصاديات ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان ۱۹۷۷ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان پاس ڪرڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيء مان ئي ۱۹۷۹ع ۾ سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ايم اي به پاس ڪيائون. ۱۹۹۹ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائون.

قائداعظم رحه - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

قائداعظم رحه
هڪ تاريخ ساز شخصيت
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
قائداعظم ڏکڻ ايشيا جي ھڪ تاريخ ساز شخصيت ھئا، جنھن پنھنجي عزم، استقلال، يقين محڪم ۽ عمل پيھم سان آزاد وطن تخليق ڪيو. کين قانون جي بالادستي تي پختو ايمان ھو کين بلاشبه قدرن جو ترجمان چئي سگھجي ٿو.

ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه

ڊاڪٽر اسلم آزاد

زندگي جي تلخين کي مرڪن سان مات ڏيندڙ

زاهد اسحاق سومرو/جاتي



پورا ۲۲ سال زندگيءَ جي احساسن سان گڏ جيئڻ جا حوصلا رکڻ بابت ڪير ڊاڪٽر اسلم آزاد کان پُڇي، جيڪو ۲۰ ڊسمبر ۱۹۹۱ع تي هڪ مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو سمورو ڪم ڪار لاهي، ڳوٺ تڙ خواجه (جاتي) کان سجاول طرف پنهنجي ٽيم سان گڏ اچي رهيو هو، ته روڊ حادثي جو شڪار بڻيو. ان روڊ حادثي ۾ ۱۳ ڄڻا زخمي ٿيا ۽ هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ۱۳ زخمين ۾ هڪ زخمي ڊاڪٽر اسلم آزاد به هو، جنهن لاءِ ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن ڇهه مهينا لاڳيتو علاج ۽ ڪوششن کانپوءِ کيس اهو چئي گهر موٽائي ڇڏيو ته، سندس ڪرنگهيءَ جي هڏي ٽُٽي وئي آهي، جنهن جو علاج ممڪن ناهي. هاڻي هو سڄي جسم مان رڳو وات ۽ ساڄي هٿ جي ڪجهه آڱرين سان ڪم ڪري سگهي ٿو.

ڪامريڊ چاچا مولا بخش - س ب کوسو

ڪامريڊ چاچا مولا بخش
انقلابي جدوجهد جو اهڃاڻ
س ب کوسو
ڪامريڊ مولابخش، ڪنڌرا ۾ هڪ پورهيت جي گهر ۾ 1935ع ۾ جنم ورتو. سندس جنم هڪ شعور جو جنم هيو. هڪ تحريڪ جو جنم هيو. هڪ کاهوڙيءَ جو جنم هيو. لطيف سرڪار اهڙن ئي ماڻهن لاءِ چئي ٿو ٿو ته ”کرکڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهن.“
چاچي مولا بخش جو جنم هڪ سچ جو جنم هيو. هن سماج جي اوچ نيچ کان انڪار جو جنم هيو ۽ پوءِ سماج شاهدي ڏئي ٿو ته ڪامريڊ سموري حياتي ظلم جي خلاف مٿين طبقي جي استحصال جي خلاف رياست جي ڏاڍ ۽ جبر خلاف جاکوڙ ڪندي، مظلوم قومن، پورهيتن، هارين ۽ قومي حقن جي حاصلات لاءِ جنگ ڪندي 30 آگسٽ 2011ع تي ابدي ننڊ ۾ هليو ويو ۽ پويان ڇڏي ويو آهي. ڪامريڊن جو ڪاروان.

ساقي شاھ - رياض بلوچ

ساقي شاھ
ملير جو شاعر
رياض بلوچ
”سادن سوُدن ڪپڙن سان واسڪوٽي پهريل، مٿي تي سنڌي ٽوپي رکيل، خماريل اکين سان  ڦَٽ ڦَٽِي هلائيندي يا ڪٿي ويٺي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي، ٻيڙي پيئندي ڪو ماڻهو ڏسو  ته پڪ ڄاڻو اِهو ساقي شاه آهي. هو ٻين صحافين کان بنهه نرالو آهي، کيس ڪنهن به قسم جي اسٽيٽس جي ضرورت ناهي، توهان کيس پَٽَ تي ويهڻ جي صلاح ڪري ڏسو، مجال آهي جو عار محسوس ڪري، هڪدم زانوبند هڻي ويهندو! هي مست ملنگ ماڻهو مارڪي جو مور آهي، توهان سندس ڪچهري ۾ ويهو ۽ ٽهڪ نه ڏيو؟ ايئن ٿي ئي نه ٿو سگهي!“

23 August, 2015

پروفيسر منگهارام ملڪاڻي - قاسم راجپر

پروفيسر منگهارام ملڪاڻي
قاسم راجپر
ناٽڪ اسان جي حقيقي زندگيءَ جي گهڻو ويجهو آهي. انساني زندگي ۽ سماج سان ان جو گهرو ناتو آهي. ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ناٽڪ جو اثر تيز ۽ دير تائين رهڻ وارو آهي. شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول پڙهندڙن جي ذهنن ۾ هڪ تصور پيش ڪندا آهن. پر ناٽڪ لفظن، ڪردارن پوشاڪ، ٺاهه ٺوهه ۽ منظر ڪشيءَ سان ڏسندڙن کي سماج جي حقيقي زندگيءَ جي ويجهو آڻي ڇڏي ٿو.

روپلو ڪولھي


انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ امر ڪردار روپلو ڪولهي جي پونئيرن متعلق هلندڙ بحث پڙهي سٺو لڳو. انهي ڳالھ تي آئون به متفق آهيان ته اسان جا جيڪي به قومي هيروز آهن، انهن تي تحقيق ٿيڻ کپي ۽ انهن کي سرڪاري طور ”قومي هيروز“، جو اعزاز ملڻ گهرجي، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته سرڪار جي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي، قومي هيرو ته قومي هيرو آهي، جيڪو تاريخ جي سُنهري ورقن تي هميشه ياد رهندو پر وري به اهو ضروري آهي ته جنهن رياست جي قوم ۽ ڌرتي جي لاءِ جن ماڻهن جان جا نذرانه ڏيئي ڌارين کي ڌڪي ڪڍيو هاڻ جڏهن اسان آزاد آهيون ته موجوده رياست ۾ بنا دير جي انهن سمورن قومي هيروز کي سرڪاري اعزاز ڏيئي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي اُڀرندڙ ۽ ايندڙ نسل کي به خبر پوي ته تاريخ ۾ اسان جا قومي هيرا ۽ قومي غدار ڪير هئا. قومي غدار جن کي انگريز سرڪار پاران خان بهادر، نواب ۽ سر جا خطاب ڏنا انهن کي ته اسان درسي ڪتابن ۾ هيرو ڪري پڙهايون ٿا پراصل جيڪي اسان جا هيروز آهن انهن کي درسي ڪتابن ۾ شمل ڪرڻ لاء تيار ناهيون ڇو؟؟  امر روپلو ڪولهي اصُل ڳوٺ ڪُونڀاري يونين ڪائونسل هاڙو، تپو مامچيرو جو رهاڪُو هو، ڳوٺ ڪُونڀاري ، ڳوٺ ڪويا کان اولھ طرف، کارسر کان اتر طرف، ۽ مامچيرو کان اوڀر طرف واقع آهي. امر روپلو ڪولهي جي پيءِ جو نالو سامتو، ماءُ جو نالو ڪيسر ٻائي چوهاڻ، ۽ زال جو نالو ميڻاوتي هو. دوستن کپرو طرف رهندڙ سرڳواسي (مرحوم) ڪامريڊ سترام ڪولهي جو ذڪر ڪيوته هُو امر روپلو ڪولهي جو وارث آهي، ائين ئي آئون به ڪيئي وڏن فورمن تي اها دعوي ڪري چُڪو آهيان ته آئون امر روپلو ڪولهي جو وارث  آهيان، ۽ آئون سمجهان ٿو ته نه صرف ڪولهي برادري بلڪه سموري سنڌ جي هر مُحبِ وطن انسان کي اها دعوي ڪرڻ گهرجي. پر تحقيق اها ڪجي ته هُو ڪهڙي خاندان سان تعلق رکندڙ هو.سرڳواسي ڪامريڊ سترام ڪولهي سان تمام گهڻيون ڪچهريون ٿيل آهن، هُو سابق ايم اين اي ۽ ڪولهي برادري جي معزز اڳواڻ سرڳواسي (مرحوم) پارو مل ڪولهي جو تمام ويجهو دوست هوندو هو، ڪولهي برادري جي هر خاص گڏجاڻي ۾ گولاڙچي جو سرڳواسي ڀڳوانداس موريو ڪولهي، وڪيل ڀورومل ڪولهي (جيڪو هن وقت مٺي ۾ وڪالت ڪري ٿو)، سرڳواسي پارو مل ڪولهي، سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڳوئيل ڪولهي، پٽيل رامشي ڪولهي (جيڪو هينئر سامارو جي ويجهو رهي ٿو، پنهنجو ٻني ٻارو اٿس) وارا گڏ هوندا هئا.

نور محمد لاشاري

نور محمد لاشاري

ليجنڊ اداڪار

لياقت راڄپر



جڏهن کان هي دنيا وجود ۾ آئي آهي ته هڪڙا انسان پيدا ٿين ٿا ۽ ٻيا مري وڃن ٿا ۽ اهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو پر ڏسڻو اهو آهي ته جيڪي به انسان هن جهان ۾ آيا، انهن پوئتي ياد ڪرڻ لاءِ ڇا ڇڏيو آهي. جن زندگي ڀر ڪجهه به اهڙو خاص ڪارنامو نه ڪيو آهي ۽ انهن جو تعداد کربن ۾ آهي. جڏهن ته ڪجهه وري اهڙا به آهن، جن پنهنجون يادون پنهنجي فن ۽ ڪم وسليي ڇڏيون آهن ۽ انهن کي اڄ به ساريو وڃي ٿو.

عبدالڪريم بلوچ هاشم شورو

عبدالڪريم بلوچ
هاشم شورو
عبدالڪريم بلوچ (مرحوم) کي مرحوم لکندي الائي ڇو منهنجو قلم اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي تہ عبدالڪريم بلوچ صاحب اسان کان وڇڙي ويو آهي. اسين ڪوٽڙيءَ وارا خوش قسمت آهيون جو اسان وٽ علم ادب ۽ عرفان جا خزانہ آهن جن ۾ سائين عبدالڪريم بلوچ، عبداللطيف ساقي، عبدالله ڊي بلوچ، علي بابا، هارون رند، چاچا غلام رسول بلوچ، ملڪ سڪندر، اسير ملاح، شهيد سومرو محمد بخش سومرو قادربخش مٺو ۽ ٻيا انيڪ ماڻڪ موتي لعل ڪوٽڙيءَ ۾ پئدا ٿيا ، جن پنهنجي ڪوٽڙيءَ جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي عزت ۽ نالو ڪمايو.
عبدالڪريم بلوچ جا وڏا بلوچستان جي علائقي ڀاڳناڙيءَ کان لڏي ڪوٽڙيءَ ۾ پنهنجو ڳوٺ يوسف بلوچ اڏي اچي آباد ٿيا.۽ عبدالڪريم بلوچ صاحب 1938 ۾ ڪراچي جي بغداديءَ ۾ پئدا ٿيو.
عبدالڪريم بلوچ هڪ باڪردار ۽ انتهائي شريف النفس شخصيت جو مالڪ هو، پنج وقت نمازي هو، سٺو ڊرامہ نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو، بلوچ صاحب سنڌي ساز چنگ ڏاڍي مهارت سان وڄائيندو هو. بلوچ صاحب جي هڪڙي ڳاله جيڪا مونکي ڏاڍي وڻندي هئي اها تہ پاڻ ڪٿي بہ هجن پر عيد ڪوٽڙيءَ ۾ ضرور ڪندا هئا، ۽ پنهنجي ننڍي هوندي جي دوستن سان عيد ملڻ پاڻ هنن جي گهر ويندا هئا، اها انهن جي وڏي خوبي هوندي هئي.
عبدالڪريم بلوچ جو وڏو ڀاءُ عبدالطيف ساقي، جيڪو پاڪستان جي فلم انڊسٽريءَ جو معتبر نالو هو، هن جي ڪريڊٽ تي تمام گهڻيون پاڪستاني فلمون آهن، هن هڪ هاليوڊ جي تنهن وقت جي مشهور فلم ڀاواني جنڪشن ۾ به ڪم ڪيو هئو. عبدالڪريم بلوچ شيردل هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان مئٽرڪ ڪئي۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي. 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. جهونن کي ياد هوندو ته ريڊيوتي هڪ مشهور پروگرام هوندو هو جنهن کي پوري سنڌ وڏي شوق ۽ ذوق سان ٻڌندي هئي ۽ اهو پروگرام آهي “فتح خان جي ڪچهري” ان ۾ ريڊيو جو ليجيند فنڪار صداڪار سائين صالح محمد شاه مرحوم فتح خان جو ڪردار ادا ڪندو هو ۽ سائين عبدالڪريم بلوچ ڳنور خان جو ڪردار ڪندا هئا. ريڊيو تي ڊراما به ڪندا هئا . ٻارن جي مشهور پروگرام “ٻارن جي ٻاري” پروگرام ۾ ما ما ملوڪ جو ڪردار ڪندا هئا. ان ۾ ٻارن کي آکاڻي ٻڌائيندا هئا ۽ جانورن جا آواز به ڪڍندا هئا.۽ پوءِ کين ريڊيو تي ئي پروڊيوسر جي نوڪري ملي، جنهن ۾ پاڻ ڪافي نالو۽ عزت ڪمائي. 1966ع ۾ بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي پروڊيوسر اپائينٽ ٿيا. هي پي ٽي ويءَ جو اوائلي دور هو ۽ سنڌي پروگرام هفتي ۾ صرف اڌ ڪلاڪ هلندو هو ۽ غير سنڌي پروڊيوسر ۽ فنڪار هوندا هئا جيڪي اچار صحيح ڪڍي نہ سگهندا هئا، بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي اچڻ سان پاڻ سان گڏ ريڊيو جا سنڌي فنڪار ڳولهي ڳولهي وٺي آيو ۽ انهن کان سنڌي پروگرام ڪرايائين . جيئين سليمان شاه، علڻ فقير، نور محمد لاشاري، شفيع محمد شاه انور سولنگي، گلاب چانديو ۽ ٻيا ڪافي فنڪار متعارف ڪرايائين، اڄ جيترا به سنڌي فنڪار توهان ڏسو ٿا سي سڀ بلوچ صاحب جا متعارف ڪرايل آهن.
اهڙيءَ طرح بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي سنڌي ماڻهن کي تمام گهڻيون ملازمتون ڏنيون جيڪي اڄ بہ بلوچ صاحب کي دعائون ڏين ٿا. هارون رند پي ٽي ويءَ تي سنڌي ڊرامي جو هڪ وڏو نالو آهي، جيڪو سندن ڀاڻيجو هو، جنهن علي بابا جو بين القوامي شهريت حاصل ڪندڙ ڊرامو(دنگيءَ منجه دريا) جنهن کي جرمنيءَ ۾ عالمي شهريت ملي ۽ پوري دنيا ۾ ٽيو نمبر وڏو ايوارڊ ماڻيو، ۽ هن جي ڪريڊٽ تي ڪافي بهترين ڊراما آهن پر هارون سان زندگي وفا ڪانه ڪئي. اهڙيءَ طرح ڪوٽڙيءَ جو هڪ ٻيو نالو نظير چنا کي بہ پاڻ اڳيان آندائون. سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار علي بابا کي بہ سائين بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ لاءِ لکرايو ۽ اهڙا تہ شاهڪار ڊراما لکيا آهن جو وسرن ئي نٿا. اسانجي ڪوٽڙيءَ جي سنڌي ادبي سنگت جي سابق سيڪريٽري نوجوان شاعر ڪهاڻيڪار ۽ بهترين ڊراما نگار اختر رند کي بہ پي ٽي ويءَ تي متعارف ڪرايو ۽ سندن تربيت بہ ڪئي، جنهن جو اعتراف اختر هر ڪچهريءَ ۾ ڪندو رهندو آهي.
هڪ دفعي بلوچ صاحب شاه لطيف لائبروريءَ ۾ آيو (جنهن جو مان انچارج هئس) ۽ لائبروري کولڻ تي اسانجي ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ حوصلہ افزائي ڪئي. مون سائينءَ کي موقعي مان فائدو کڻندي چيو سائين مان پي ٽي ويءَ تي پروڊيوسر ٿيڻ چاهيان ٿو. پاڻ پڇائون “ڪيترو پڙهيل آهين”
چيم؛ ”سائين ايم اي سنڌي ادب ۾ آهيان.“
چيائون؛ ”زبردست توهان وٽ اخبارون اينديون آهن، باقائيدگيءَ سان ڏسندا رهجو جيئين ئي اسسٽنٽ پروڊيوسر جي ايڊ اچي اپلائي ڪري مونکي اطلاع ضرور ڪجو. ۽ ٻين دوستن کي بہ ٻڌائجو جيڪي ماسٽرز آهن. ”ڪجھ ڏينهن بعد اخبار ۾ اسسٽنٽ پروڊيوسر جون جايون آيون مون اپلائي ڪري ڇڏيو ۽ سائينءَ بہ نياپو موڪليو تہ پي ٽي ويءَ ۾ اسسٽنٽ پروڊيوسر جون جايون آيون آهن اپلائي ڪري ڇڏيو. وري ڪجه ڏينهن ۾ رٽن ٽيسٽ لاءِ وڃڻ ٿيو. هڪ ڏينهن پهرين مان سائينءَ سان سندن آفيس ۾ مليس ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ڪجه ٽپس ڏنائون، ٻئي ڏينهن ٽيسٽ تي پاڻ آيا ۽ مون وٽ اچي چيائين جيڪو نہ اچي مونکان پڇي وٺ ۽ ڪجه اهم شيون ٻڌائي هليا ويا. مان ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيس، وري انٽرويو جي ڪال آئي ويس ۽ بلوچ صاحب سان مليس چيائين صحيح صحيح جواب ڏجان هيڊ ڪوارٽر مان مينيجنگ ڊائريڪٽر آيل آهي اهو انٽرويو ڪندو. انٽرويو ٿيو مان ڏاڍو پر اميد هئس، مونکي فيل ڪري ڇڏيائون ۽ دادوءَ مان هڪ ٻيو سليڪٽ ٿي ويو، پوءِ خبر پئي تہ تنهن وقت جي منسٽر ظفرالله جماليءَ جي سفارش تي همراه ضلع دادوءَ جي سيٽ تي کڄي ويو. خير جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو، ان تي مونکي ڏک ناهي، پر مونکي ان ڳاله جي خوشي ۽ فخر آهي ته بلوچ صاحب پوري سچائيءَ سان منهنجي مدد ڪئي .
گھڻن ماڻهن کي شايد اها خبر نه هجي ته پي ٽي ويءَ جو جڳ مشهور پروگرام جيڪو اڄ به جاري آهي “نيلام گهر” عبدالڪريم بلوچ جي آئيڊيا هئي. پاڻ هڪ دفعي ڪچهري ڪندي چيائين تہ صدر ڪراچيءَ ۾ گهمندي مونکي ماڻهن جو هڪ ميڙ نظر آيو، ويجهو وڃي ڏٺم تہ هڪ ماڻهو ٽيپ، واچون، ريڊيا، ڪئميرائون ۽ ٻيون شيون نيلام ڪري رهيو هيو، منهنجي ذهن ۾ آيو تہ اسين بہ ڪو اهڙو پروگرام ڪريون جنهن ۾ ماڻهو سوالن جي جواب عيوض اهڙيون شيون گهر کڻي وڃن. مون اهو آئڊيو هيڊڪوارٽر ۾ ڊسڪس ڪيو، هنن چيو آئڊيو تہ بهترين آهي پر شيون پي ٽي وي ڪون ڏئي سگهندي، ان جو ذمو مون کنيو ۽ ڪراچيءَ جي واپارين سان ميٽنگ ڪئي هنن کي سمجهايو تہ توهين هوئن بہ اشتهار تہ ڏيو ٿا انهن جا پئسا بہ ڏيو ٿا هي بہ هڪ اسپانسر شپ آهي توهان هن ۾ وڏو فائدو آهي توهان جي وڏي سيل ٿيندي ، واپارين کي ڳاله سمجه ۾ آئي ۽ انهن ها ڪئي. هاڻي ٻيو مرحلو هو ڪمپيئر جو جيڪو اسان انٽرويو ڪرايا ڪافي ماڻهن انهن ۾ حصو ورتو پر مان ڪنهن مان مطئمن نہ ٿيس، تن ڏينهن طارق عزيز ڪراچي آيل هو، پي ٽي ويءَ تي آيو هو. مونسان ملاقات ٿيس تہ مون هن کي نيلام گهر جي ميزبان لاءِ چيو جنهن منهنجي آئڊيا ٻڌي ۽ تيار ٿي ويو. ۽ اهڙي طرح نيلام گهر پي ٽي ويءَ کي ڪروڙن روپين جو فائدو ڏنو ۽ طارق عزيز بہ بلوچ صاحب جي دريافت آهي.
عبدالڪريم بلوچ جي دوستيءَ جو حلقو تمام وسيع هو، جنهن ۾ گهڻو ڪري ادبي شخصيتون هونديون هيون، هنن جي بيٺڪ گهڻو ڪري ايلفي اسٽريٽ هاڻي جي (زيب النساءِ اسٽريٽ) تي حميد ڪاشميري جي بڪ اسٽال تي يا ايلفي هوٽل تي جن ۾ پير حسام الدين راشدي، امر جليل، قمر شهباز، شمشيرالحيدري، اقبال جتوئي، نظير چنا،سان گڏ ڪچهريون ٿينديون هئن، ڪڏهن ڪڏهن عبيدالله عليم ۽ جون ايليا ۽ ٻيا اردوءَ جا اديب بہ ايندا هئا ۽ اتي ادبي ڪچهريءَ کان سواءِ ڊرامہ جون ڪهاڻيون ۽ انهن ڊرامن جا مشهور ڪردار بہ ايندا هئا، بلوچ صاحب غريبن ۽ اميرن جو مشترڪہ دوست هو. بلوچ صاحب جا جتي مرد حضرات دوست هوندا هئا ۽ اتي عورتون بہ دوست هونديون هيون جن ۾ سلطانہ صديقي، مهتاب اڪبر راشدي، ميڪ اپ آرٽسٽ ليليٰ رضا، حسينہ معين، منينزه بصير شامل هيون ۽ پي ٽي ويءَ مان قاسم جلالي، حيدرامام رضوي، ڪنور آفتاب، بيدل مسرور وغيره ۽ ٻيا.
عبدالڪريم بلوچ صاحب پي ٽي ويءَ تي 1966ع ۾ پروڊيوسر ٿيو ۽ ترقي ڪري 1973 ۾ پروگرام مئنيجر ٿيو۽ پوءَ جنرل مئنيجر جي عهدي تي ترقي ورتائون ۽ پوءِ اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر ۾ ترقي ڪري ڊائريڪٽر پروگرامس جهڙي وڏي عهدي تان 1999ع تي ريٽائر ڪيائون۽ 2007 ۾ تنهن وقت جي صدر جنرل پرويزمشرف بيسٽ پرفارمنس جو ايوارڊ ڏنو .هيڏن وڏن عهدن تان ريٽائر ٿيڻ کان پوءَ بہ هن وٽ ڪجه بہ نہ هو. پاڻ باڪردار انسان هئا صاف هٿن سان ويا ۽ صاف هٿن سان عزت سان ريٽائرڊ ٿيا. ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڳوٺ جي عوام جي بي حد اصرار تي يو سي نانگولائين 2 تي ناظم چونڊيا ، پر جلدي ئي هنن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو ڪوئلن جي دلاليءَ ۾ هنن پنهنجا هٿ ڪارا ڪرڻ نٿي چاهيا ۽ اتان بہ استعفيٰ ڏئي ڇڏي 06 آگسٽ 2008 ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.

بشڪريه مُحمد سُليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام)

22 August, 2015

منصور بلوچ

منصور بلوچ

حميد ڀُٽو



سنڌ جي ڌرتي ثقافتي رنگن سان هميشه کان خوشحال رهي آهي، ثقافتي رنگن ۾ فلم ۽ ناٽڪ جا رنگ به سنڌي ثقافت جي پنهنجي سونهن آهن. سنڌي ناٽڪن ۾ سوين اداڪارن پنهنجي فن کي تمام گهڻو اوج ڏياريو ۽ انهن مان منصور بلوچ به سنڌي ناٽڪ جي دنيا کي تمام گهڻو اوج ڏياريو آهي، جڏهن ديوارين ۾ هاشم خان جو ڪردار ۽ جهنگل ۾ مهراڻ خان جو ڪردار ڪيائين ته سندس اداڪاري ڏسڻ لاءِ سنڌ واسي پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي ٽيليويزن آڏو ويهي ناٽڪ ڏسڻ لاءِ انتظار ڪندا هئا، اهڙي ئي سنڌ جي عظيم اداڪار منصور بلوچ ۱۹۴۴ع ڌاري رئيس عبدالله خان لنڊ جي گهر نوابشاهه جي ڳوٺ بڇيري سٺ ميل ۾ جنم ورتو، سندس والد پنهنجي لنڊ قبيلي نوابشاهه جو چڱو مڙس هو. جيڪو پنهنجي راڄ ڀاڳ جا فيصلا وغيره ڪندو هو. منصور بلوچ اهڙي ماحول ۾ اک کولي.

رام بخشاڻي - مسرور پيرزادو

رام بخشاڻي
سنڌ ڄائو هڪ ڪامياب شخص
مسرور پيرزادو
اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته ۲ سيپٽمبر ۱۹۴۱ واري ڏينهن سنڌ جي حيدرآباد شهر ۾ اهو ٻار ڄمندو جيڪو اڳتي هلي ڪاروبار جي دنيا جو هڪ وڏو ماڻهو ٿيندو. ان ٻار جي قسمت شروعات ۾ هن لاءِ ڏک ۽ تڪليفون آنديون ڇاڪاڻ ته ننڍي عمر ۾ ئي هن جو والد هن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ هن کي پنهنجي ڌرتيءَ کان دُور ٿيڻو پيو. اهو ٻار جڏهن اٺن سالن جو مس ٿيو هيو ته سياست جي تلوار هڪ ئي ملڪ جا ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيا ۽ ڌرتيءَ جي نقشي تي هندوستان ۽ پاڪستان جا ملڪ ٺهي پيا ۽ پوءِ ٻين هزارين خاندانن وانگر هن ٻار جو خاندان پڻ پنهنجي ڌرتي، پنهنجو گهر، پنهنجا رستا ڇڏي ويو ۽ وڃي هندستان آباد ٿيو. اهو ٻار، جنهن کي هن وقت دنيا هڪ تمام ڪامياب بزنس مين رام بخشاڻيءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿي، سو هينئر، ڇاهتر سالن جي عمر به، جڏهن وري سنڌ آيو ته هڪ ٻار وانگر هتان جي هر شيءَ کي معصوميت ۽ حيرت سان ڏسندو رهيو. بلڪل ائين جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي وڇڙيل ماءُ کي تمام گهڻي عرصي کان پوءِ ڏسندو آهي ۽ سنڌودرياهه مان پاڻيءَ جا ٻُڪ ڀري پنهنجي مُنهن تي هڻندو رهيو. اها سنڌ ۽ اها سنڌو هن لاءِ به اهڙي ئي مقدس آهي جهڙي شيخ اياز لاءِ هئي، جنهن چيو هو ته:

ليکراج ڪشنچند عزيز - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ليکراج ڪشنچند عزيز
ننڍي کنڊ جو ناميارو اديب
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي ۱۹ ڊسمبر ۱۸۹۷ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ڪشنچند نائون مل زميندار جو هيءُ پٽ، تعليم جي دوران ئي مجازي عشق جي چپيٽ ۾ اچي ويو. انهيءَ هوندي به تعليم حاصل ڪيائين. پر فارغ وقت ۾ سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو. سندس حساس طبع ۽ بي اختيار منظوم ڪلام چيو، جيڪو هُو هڪ ڪاپيءَ تي لکندو ويو ۽ ائين ڪجهه مشاعرن ۾ شرڪت بعد باقاعده شعر چيائين. سندس شعري مجموعو ”ڪليات عزيز“ ۾ غزل ۽ مثنويون آهي. ساڳيءَ ريت پاڻ هڪ بهترين نثر نويس پڻ هو. هن سٺا ناٽڪ لکيا ۽ خاص طور مضمونن جي مجموعي ”ادبي آئينو“ کيس تمام گهڻي شهرت ڏني، جنهن تي کيس انعام سان پڻ نوازيو ويو. ادبي آئينو نه فقط انهيءَ وقت ۽ موجوده وقت پڻ تمام ڪامياب مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن سنڌي ادب جي مضمون نويسيءَ جي هڪ وڏي خال کي ڀريو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ ۽ هند جي يونيورسٽين جي نصاب ۾ پڻ شامل آهي. هيءُ ڪتاب ۱۹۴۱ع ۾ ڇپيو ۽ اڄ به سنڌي ادبي مضمون نويسيءَ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.

رجب علي آگاڻي - پروفيسر منظور ڇڄڙو

رجب علي آگاڻي
ھڪ اوجاڳيل انسان، جيڪو ڊگھي ننڊ سمهي پيو
پروفيسر منظور ڇڄڙو
رجب علي آگاڻي منهنجو دوست، منهنجو ساٿي، جدوجهدن ۽ ڏک سک ۾ گڏ رهندڙ پيارو پرين وڇڙي ويو. نه صرف مون کان وڇڙي ويو پر هو عزيزن ۽ سنڌ جي سمورن قومي ڪارڪنن کان وڇڙي ويو. هو پنهنجي محبوب دوست ڊاڪٽر منور ڪيهر کان به وڇڙي ويو. هنن ٻنهي جو ننڍپڻ کان پيريءَ تائين اڻ ٽٽ ڳانڍاپو آخر ٽُٽي ويو! هن پنهنجي عظيم دوستيءَ کي عظيم رشتيداريءَ ۾ ان ڪري تبديل ڪيو هيو، جو هن ساٿ ڇنڻ نه پئي چاهيو ۽ منور سان دوستيءَ مان رشتيداريءَ ۾ پاڻ کي ملايو پر موت منور کان جگري يار کسي ورتو!

نور محمد ڪلهوڙو - عبدالخالق مغيري

نور محمد ڪلهوڙو
سنڌ ۾ آبپاشي نظام جو بادشاھ
عبدالخالق مغيري
سنڌ جي تاريخ جي سنهري دور جو اهڃاڻ آهي؛ ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبا. ۶۴ ايڪڙن تي پکڙيل، سنڌ جو اهو تاريخي ماڳ آهي، جنهن سان سنڌ جي سياسي، دفاعي، ثقافتي، معاشي ۽ عملي ترقي جا ڪيترا ئي شاندار باب سلهاڙيل آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبا، جتي هينئر خاموشي ۽ اداسي پنهنجا پر پکڙي ڇڏيا آهن، ڪنهن دور ۾ هڪ آباد شهر هيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو تخت گاهه هو، جنهن کي محمد آباد جي نالي سان سڏيو ويو. هيءُ ماڳ موري شهر کان ۱۶ ڪلو ميٽر جي پند تي تعلقي دولتپور ضلعي نوابشاهه جي ڳوٺ مقيم ڏاهري کان ۲ ڪلو ميٽر اولهه ۾ آهي.

شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو

عرس مبارڪ جي مناسبت سان

نور سنڌي



سنڌ جو ڪامل ولي الله، صوفي شاعر حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جيڪو ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جو پڙڏاڏو هو. سندس وڏا هرات مان سنڌ ۾ آيا، حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو ۲۰ شعبان ۹۴۴هه ۱۵۳۸ع ۾ سيد ميان لعل محمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍا هئا ته سندن والد هي جهان ڇڏي ويو ۽ سندن پرورش ۽ تربيت سندن امڙ ۽ وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه ڪئي. سندن ننڍپڻ جو تفصيلي احوال نه ٿو ملي. سندس ڀاءُ جي دلي خواهش هئي ته شاهه ڪريم پڙهي عالم فاضل ٿئي، پر شاهه ڪريم ان طرف ڌيان نه ڏنو. ان جي باوجود کيس ۶ سالن جي ڄمار ۾ هڪ مڪتب ۾ موڪليو ويو، پر پاڻ سبق ياد ڪرڻ بجاءِ ڌڻي تعاليٰ جو ورد ڪندا هُئا. مائٽن ۽ سندس استاد مولوي صاحب گهڻو ئي زور ڏنو ته پاڻ پڙهن، پر ڪجهه به نه وريو. ننڍي هوندي کان سماءُ سان دل لڳائي جواني ۾ پاڻ خود سماع ۾ حصو وٺندو هو. هڪ ڏينهن سماع واري محفل ۾ مشغول هو ته سندس ڀاءُ کيس اتان وٺي اچي قاضي آڏو پيش ڪيو ۽ سندس نڪاح پڙهايو، جيستائين سندن ڀاءُ جلال شاهه حيات هئا، ايستائين شاهه عبدالڪريم گهر ٻار جي بار کان آجو هو ۽ اڪثر ذڪر فڪر ۾ ۽ سماع ۾ مشغول گذاريو. علائقي ۾ جتي به سماع جون محفلون ٿينديون هيون، پاڻ ان ۾ شريڪ ٿيندو هو. گجرات کان احمدآباد تائين به سفر ڪيائون. سندس ڀاءُ جي وصال بعد پاڻ محنت مزدوري ۽ سخت پورهيو ڪرڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندس سڄي خاندان جو بار سندن ڪلهن تي اچي ويو هو. زمين آباد ڪرڻ کانسواءِ ڪڏهن ڪڏهن گهرو ڪم، چوپايو مال جي سار سنڀال، کاڌو تيار ڪرڻ ۾ عيب نه سمجهيو. پاڻ صوفي بزرگن مطابق عبادت کانسواءِ سخت رياضتون پڻ ڪيون. سماع سان سندن غير معمولي لڳاءُ هو. ڪنهن عالم، ذاڪر، قوال کان ڪو اعليٰ معنيٰ وارو ڪلام ٻڌندا هئا ته مٿن وجد طاري ٿي ويندو هو.

17 August, 2015

سينگار علي سليم - ناصر قاضي

سينگار علي سليم
سُرن جو بادشاهه
ناصر قاضي
ڪڏهن ڪڏهن اوسيئڙي جي شدت هٿان بيوس بڻجي ڪنهن قاصد يا ڪنهن ڪانگل کان انهن عجيبن جو احوال هن طرح پڇيو هوندائين ته: ”آءُ قاصد ڪر خبر کري الا، آيا ڪن ايندا منهنجا اچڻ ۾ آهن...!!!“ قاصد يا ڪانگل وٽان خاطريءَ جي خبر، يا ڪا خوشخبري ملڻ کانپوءِ قريبن جي قرب ۽ انهن جي اوسيئڙي جي ڪرب ۾ ڏينهن رات پڄريو هوندو ۽ جڏهن اهڙي پيڙا ۽ پڄرڻ پڄاڻان، سندس تڏي تي اهي قربائتا قريب اچي نڪتا هوندا، تڏهن خوشيءَ وچان آلاپيو هوندائين ته: ”آيا اڱڻ عجيب، ٿيا نصيب ڀلا، اهي اڱڻ چمان يا عجيب چمان...!!!“

14 August, 2015

محمود صديقي - جي ايم خاصخيلي

محمود صديقي
تون ياد وري آئين ليجنڊ اداڪار
جي ايم خاصخيلي
سنڌي توڙي اردو ڊرامن جي ليجنڊ اداڪار محمود صديقي کي اڄ اسان کان وڇڙي 15 سال گذري ويا آهن پر هو اڄ به پنهنجي پرستارن ۽ ساٿي فنڪارن جي دلين ۾ زنده آهي. لڳي ائين ٿو ته محمود صديقي کي هر سال وانگر اڄ به سندس مٽن مائٽن، دوستن توڙي ثقافتي ادارن وساري ڇڏيو آهي. اسان مرده پرست قوم آهيون، فنڪارن کي انهن جي زنده هوندي ۽ نه وري انهن کي ڏکئي وقت ۾ ياد ڪندا آهيون.

ڊاڪٽر موتي پرڪاش - رکيل مورائي

ڊاڪٽر موتي پرڪاش
جنھن سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون
رکيل مورائي
اهو نائين آڪٽوبر ٻه هزار هڪ جو ڏينهن هئو، جنهن ڏينهن مون هن جو حسين چهرو پهريون ڀيرو ڏٺو هئو.
اسين راڄڌاني ايڪسپريس ۾ صبح جو ڏهين وڳي ممبئيءَ پڳا هئاسين ۽ اتان ٻارهين ڌاري، ممبئيءَ ۾ جڙيل سنڌين جي ثقافتي مرڪز، ”سيتا سنڌو ڀون“ ۾ آيا هئاسين جتي اسان سان ملڻ لاءِ ڊاڪٽر موتي پرڪاش بنهه تڪڙو آيو هئو، ڇاڪاڻ ته ٻن پهرن جو کيس دبئيءَ لاءِ جهاز ۾ اڏامڻو هئو، هو ممبئيءَ پنهنجي ڀاءُ جي ديهانت جي موقعي آيل هئو.

ايم ڪمل - ڊاڪٽر جڳديش

ايم ڪمل
زندگيءَ جو شاعر
ڊاڪٽر جڳديش
ايم ڪمل (8-8-1925-3-2-2010) هن ننڍي کنڊ جو هڪ وڏو شاعر آهي. هو زندگيءَ جو  شاعر آهي هن جي شاعري پنهنجي دامن ۾ ،حياتيءَ جا گهڻي ئي رنگ، سميٽي هلي ٿي. شاعر دنيا جي تبديليءَ کي پنهنجي ڏور نگاھ سان ڏسي، فنڪارانه ڍنگ سان ان جي ترجماني ڪري ٿو. موجوده دور جي صحيح صحيح عڪاسي، ڪلاتمڪ صلاحيتن سان، جيڪا ايم ڪمل پنهنجي ڪلام ۾ ڪئي آهي، مان نه سنڀران  ته هن جي ٻي ڪنهن همعصر شاعر ڪئي هوندي.

13 August, 2015

ساقي شاهه - جميل چانڊيو

ساقي شاهه
جميل چانڊيو
عمر ٿيم اپار، ورهه وٽيان ڪن سين
سي ڏوٿيئڙا ڏور ٿيا، تڳا نجن تنوار
سٽائون سنگهار، کوهن تان کڻي ويا
شاهه
سيد سلطان شاهه ساقي جو جنم 25 آگسٽ 1962ع ۾ ملير جي ڳوٺ سيد محمود شاهه پپري ڪراچيءَ ۾ ٿيو جتي هن وقت پاڪستان اسٽيل، پورٽ قاسم ۽ ٻيون سوين انڊسٽريون قائم آهن. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي.
1977ع م اسٽيل ملز پورٽ قاسم ۽ ٻين ادارن جي تعمير سبب هنن کي پنهنجا اصلي پٽ خالي ڪرڻا پيا ان کانپوءِ ديهه کانٽو ۾ ساڳيو ڳوٺ محمود شاه رزاق آباد جي نالي قائم ٿيو.

09 August, 2015

شري موتي پرڪاش- نور سنڌي

شري موتي پرڪاش
جوت جلائڻ وارو
نور سنڌي
اڃا ڪاڪا لڇمڻ ڪومل، ڪاڪا ڪيرت ٻاٻاڻي جي وڇوڙي تي هند سنڌ جي علمي، ادبي، ساڃاهه وند ڌرين جا نيڻ آلا آهن. هنن عظيم سنڌ ڄاون شخصيتن جي لاڏاڻي تي گهاوَ تازا آهن ته وري اوچتو سنڌيت جي جوت جاڳائڻ وارو ”آنڌي ۾ جوت جاڳائڻ وارا سنڌي“ جهڙن خوبصورت گيتن جو سرجڻهار مشهور شاعر، اديب، ليکڪ، ڊراما نويس، تعليمدان، نقاد، شري موتي پرڪاش به لکين چاهيندڙن کي ڇڏي ڏور اتي هليو ويو آهي، جتي ويندڙ وري نه موٽندا آهن.

06 August, 2015

عبدالله جروار - مٺل جسڪاڻي

عبدالله جروار
گهڻ گُڻو شخص سائين
مٺل جسڪاڻي
ماڻهو کي مٺڙو، محبتي، ملنسار، نيڪ نيت، پرخلوص، ڏاهو، سونهون ۽ سيکاريندڙ هجڻ گهرجي. ماڻهو کي شريف هجڻ گهرجي. هيڻن جو همراهه هجڻ گهرجي. ماڻهو لاءِ جيتريون به مثبت وصفون آهن، اهي سڀ هر هڪ ماڻهو ۾ هجڻ گهرجن.

03 August, 2015

بيگم اشرف عباسي - غلام محمد ڀٽي

بيگم اشرف عباسي
سياسي جدوجهد جو اهم ڪردار
غلام محمد ڀٽي
اسان جي معاشري توڙي سماج ۾ ڪم ڪندڙ ان عظيم عورتن جا ڪردار قصا، خدمتون، محنتون، قربانيون رائيگان نه ويون آهن. جيڪي اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ زندهه بڻيل آهن ۽ وڇڙيون آهن مگر پر ڪڏهن به وسريون ناهن ڇو ته ٻين ڪاڻ جيئڻ واريون عورتون ۽ سماج ۾ بي پهچ عوام جون خدمتون سرانجام ڏيڻ توڙي دلي سڪون مھيا ڪرڻ واريون عورتون ڪڏهن به نه مرنديون آهن. انهن عظيم عورتن ۾ امر بڻيل شخصيت، ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي به نمايان حيثيت رکندڙ آهي. جيڪا ڪڏهن به تعارف جو محتاج نه رهي هئي. جيڪا سياسي سماجي ادبي ساک رکي پاڻ مڃرائي ملهائي وئي هئي ڇو ته اها هڪ ئي وقت وڏو نانءُ هئي. جيئن ته شهيد بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري، ايم اين اي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر، ليکڪ (جيڪي هلن هيڪليون) ڪتاب لکيو ۽ عورتن کي شعور ڏئي، همٿائي ورڪرن کي فرش کان عرش تائين پهچائي، انهن جي حقن لاءِ جاکوڙي توڙي تعليم ڏياري ڄڻ ته ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي يونيورسٽي جيان ادارو هئي! جيڪا پنهنجي ڪاڻ جيئڻ بدران ٻين ڪاڻ جيئڻ سيکاري وئي. ڇو ته ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي ورڪرن توڙي برادري جي ماڻهن لاءِ امڙ ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سان شهرت ماڻي ورتي هئي. جيڪا هر شعبي ۾ وڏي حيثيت رکندڙ ۽ بهترين ڪردار نڀائيندڙ ۽ قومي اسيمبلي جي پهرين سنڌي ڊپٽي اسپيڪر عورت هئي ۽ پيار اولاد جيان سڀني ورڪرن توڙي سهيلن سان ڪندي هئي ۽ انهن مٿان ڇپر ڇانءَ بڻيل هئي ۽ گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ هئي. جنهن هر شعبي ۾ پاڻ ملهائي ڏيکاريو. تڏهن ته اڄ به ورڪرن توڙي پيارڪندڙ شاگردياڻين ۽ خاندان جي دلين ۾ زندهه آهي.

01 August, 2015

عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي - مٺل جسڪاڻي

عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي
ساڻس پهرين ملاقات...
مٺل جسڪاڻي
عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي سان پرپٺ واسطو، موبائيل رابطو، ته شايد هاڻي هڪ سال جي عمر جيترو ٿي ويو هوندو، پر ساڻس روبرو ملاقات ۽ ڪچهري ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي آهي. ان دوران، حميد ٻڌايو ته هن ميهڙ (ضلع دادو) شهر کان اولهه طرف فريد آباد، شاهه گودڙيو روڊ تي، اٽڪل اٺن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي، ساڄي طرف قديم ڳوٺ ٻاڙيا پنهور ۾ جنم ورتو. پاڙيسري ڳوٺ ڪمانگر ۾ ٽي درجا پڙهڻ کانپوءِ تعليم جاري نه رکي سگهيو هو. ڪجهه عرصي بعد کيس وري به پڙهڻ جو شوق ٿيو، ته خانگي (پرائيويٽ) شاگرد جي حيثيت ۾ ۱۹۸۸ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.