; سنڌي شخصيتون: عبدالحميد، پهرين، ملاقات، مٺل، جسڪاڻي،
Showing posts with label عبدالحميد، پهرين، ملاقات، مٺل، جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label عبدالحميد، پهرين، ملاقات، مٺل، جسڪاڻي،. Show all posts

01 August, 2015

عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي - مٺل جسڪاڻي

عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي
ساڻس پهرين ملاقات...
مٺل جسڪاڻي
عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي سان پرپٺ واسطو، موبائيل رابطو، ته شايد هاڻي هڪ سال جي عمر جيترو ٿي ويو هوندو، پر ساڻس روبرو ملاقات ۽ ڪچهري ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي آهي. ان دوران، حميد ٻڌايو ته هن ميهڙ (ضلع دادو) شهر کان اولهه طرف فريد آباد، شاهه گودڙيو روڊ تي، اٽڪل اٺن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي، ساڄي طرف قديم ڳوٺ ٻاڙيا پنهور ۾ جنم ورتو. پاڙيسري ڳوٺ ڪمانگر ۾ ٽي درجا پڙهڻ کانپوءِ تعليم جاري نه رکي سگهيو هو. ڪجهه عرصي بعد کيس وري به پڙهڻ جو شوق ٿيو، ته خانگي (پرائيويٽ) شاگرد جي حيثيت ۾ ۱۹۸۸ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.