; سنڌي شخصيتون: سينگار، علي، سليم، سُرن، جو بادشاهه، ناصر، قاضي،
Showing posts with label سينگار، علي، سليم، سُرن، جو بادشاهه، ناصر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label سينگار، علي، سليم، سُرن، جو بادشاهه، ناصر، قاضي،. Show all posts

17 August, 2015

سينگار علي سليم - ناصر قاضي

سينگار علي سليم
سُرن جو بادشاهه
ناصر قاضي
ڪڏهن ڪڏهن اوسيئڙي جي شدت هٿان بيوس بڻجي ڪنهن قاصد يا ڪنهن ڪانگل کان انهن عجيبن جو احوال هن طرح پڇيو هوندائين ته: ”آءُ قاصد ڪر خبر کري الا، آيا ڪن ايندا منهنجا اچڻ ۾ آهن...!!!“ قاصد يا ڪانگل وٽان خاطريءَ جي خبر، يا ڪا خوشخبري ملڻ کانپوءِ قريبن جي قرب ۽ انهن جي اوسيئڙي جي ڪرب ۾ ڏينهن رات پڄريو هوندو ۽ جڏهن اهڙي پيڙا ۽ پڄرڻ پڄاڻان، سندس تڏي تي اهي قربائتا قريب اچي نڪتا هوندا، تڏهن خوشيءَ وچان آلاپيو هوندائين ته: ”آيا اڱڻ عجيب، ٿيا نصيب ڀلا، اهي اڱڻ چمان يا عجيب چمان...!!!“