رجب آزاد
رجب علي سولنگي
ميرچند اوڏ
رجب علي سولنگي مان
رجب آزاد ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۶۱ع ۾ ڳوٺ سيتا ننڍي، ﺗﻌﻠﻘﻪ ضلع دادو ۾ ڄائو. جڏهن ته اسڪﻮل
رڪارڊ ﻣﻮﺟﺐ ڳوٺ ﺁباد ڪلھوڙا، ﺗﻌﻠﻘﻪ نصيرﺁﺑاد، موجوده ضلعو قمبر
ﺷﻬﺪاد ڪﻮٽ ۾ محمد بچل سولنگي جي گهر ۾ جنم ورتو.
;
رجب آزاد
رجب علي سولنگي
ميرچند اوڏ
رجب علي سولنگي مان
رجب آزاد ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۶۱ع ۾ ڳوٺ سيتا ننڍي، ﺗﻌﻠﻘﻪ ضلع دادو ۾ ڄائو. جڏهن ته اسڪﻮل
رڪارڊ ﻣﻮﺟﺐ ڳوٺ ﺁباد ڪلھوڙا، ﺗﻌﻠﻘﻪ نصيرﺁﺑاد، موجوده ضلعو قمبر
ﺷﻬﺪاد ڪﻮٽ ۾ محمد بچل سولنگي جي گهر ۾ جنم ورتو.
شهيد حسن ناصر
تنهنجو جهنڊو جهوليندو
رهندو
سجاد ظهير
پاڪستان ۾ جمهوري ۽ ترقي پسند
سياست جي پهرين شهيد ڪامريڊ حسن ناصر، ڀارتي حيدرآباد جي تمام وڏي آزادي پسند
گهراڻي ۾ ۲ آگسٽ ۱۹۲۸ع ڌاري جنم ورتو. هو هندستاني نواب محسن الملڪ جو پڙ ڏوهٽو. سندس والد جو
نالو علمدار حسين ۽ امڙ جو نانءُ زهرا هئو. پاڻ ان وقت جي تعليمي نظام مطابق
سينيئر ڪيمبرج اسڪولي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ هند جي وڏن تعليمي درسگاهن نظام
ڪاليج ۽ عليگڙهه مان اعلي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ حيدرآباد (ڏکڻ) اسٽوڊينٽ فيڊريشن
کان سياست ۾ پير پاتائين.
ثناءُالله عتيق چنجڻي
املهه انسان - مڻيادار
ماڻهو - سلسلو : 77 هون
حفيظ چانڊيو
ڪي ڪي فرد ڄمندي ڄام
ٿيندا آهن، جيڪي جوانيءَ ۾ پير پائيندي پنهنجي قبيلي سان گڏ قومن جي سڃاڻپ بڻجندا
آهن. ڪي ڪي ماڻهو جدوجهد جي علامت بڻجي سماج اندر ڪنهن قدر تبديلي جو استعارو پڻ بڻجندا
آهن. پنهنجائپ، پيار ۽ ماڻهپي جو خوبصورت نانءُ، ثناءُ الله عتيق چنجڻي به هڪ اهڙو
دلربا نانءُ آهي، جيڪو هڪ شاعر، ڪالم نگار، هڪ استاد سان گڏ سماجي اڳواڻ آهي، جنهن
شعوري طور اگهور ننڍ ۾ ستل قوم کي جاڳائڻ جا جتن ڪيا آهن. هو بحيثيت تعليمدان
تعليمي ميدان ۾ نوجوانن کي روشن مستقبل لاءِ لاڳيتو اتساهيندڙ ڪردار ادا ڪندو رهيو
آهي. سراپا عمل رهندڙ اسان جو هي متحرڪ رهندڙ دوست ڪڏهن به ننڍ ناهي پيو. هن هميشه
هڪ سجاڳ اڳواڻ جيئن ادبي ۽ سماجي بي لوث خدمتون ڪندي پنهنجي ٽهيءَ جي نوجوانن ۾ هڪ
الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي، هن جو تعلق جيتوڻيڪ هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان آهي، پر هو
بنا ڪنهن ساهيءَ جي راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن سچيتائي ۽ روشن خيالي سان
بهترين انسان طور پاڻ موکيو آهي، اهي والدين ڪيڏا نه خوش قسمت هوندا جن جي گهرن جا
اڱڻ ثناءُالله عتيق جهڙا لشمي پٽ مهڪائيندا آهن، سندس سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا آهن،
گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ سنڌ جو هيءُ نوجوان سڀ سان مرڪندڙ مُک سان مکا ميل پيو ٿيندو
آهي، سندس ان دل کي وڻندڙ مرڪ پٺيان، اڻ ڳڻيا ارمان ۽ اوسارا لڪل آهن، جن کي هو پنهنجي نظمن ۾ ۽ تحريرن ۾ مسلسل
اظهاريندو رهيو آهي، ساڻس سرهي سٿ ۾ رهندي جيتوڻيڪ مون کي اڃان چار پنج سال ئي ٿيندا،
پر مون کي الائي ڇو ائين محسوس ٿيندو آهي ته منهنجو ساڻس تعلق صدين تي محيط آهي،
ثناءُالله عتيق چنجڻي، سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر، ليکاري ۽ درد مند انسان آهي، سنسار
جي دردن جي درياهه ۾ ورتل مخلوق جا ڳوڙها سندس ناسي نيڻن مان وهندي ڏسندو آهيان ته
کيس آٿت ڏئي چوندو آهيان ته “مٺا! نيٺ ته ٿيندو سوجهرو، رهڻي ناهي رات” مرڪي وراڻيندو
آهي ته پيارا! ڇا ڪجي، هيڏن هاڃن کي ڏسندي ڏسندي بس هڪ روشن صبح جي اميد ئي باقي
بچي آهي”، اها اميد مون منجهس مسلسل، اڀ ۾ ستارن جيئن چمڪندي ڏٺي آهي.
مولانا عبدالله چانڊيو
سنڌ جو مشهور ناميارو ديني عالم
مولانا عبدالله ولد غلام حيدر چانڊيو ۱۹
فيبروري ۱۹۰۲ع تي ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور
چانڊيي)، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان ۱۹۱۹ع ۾ پاس ڪيائين. فارسي تعليم لاءِ ڳوٺ واصل جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪن ٻين
مدرسن مان پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ ديني علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ۱۹۲۱ع ۾ ’ديوبند‘ دهليءَ ويو، جتي مولانا حسين احمد مدني، مولانا غلام رسول
پشاوري، مولانا اعزاز علي کان تحصيل علم ڪيائين. ان بعد واپس موٽي اچي ۱۹۳۳ع ۾ مولانا ڪوهاٽي صاحب وٽ دستاربند ٿيو. ان کانپوءِ تعلقي ڳڙهي ياسين جي هڪ
مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا عبدالله چانڊيو پنهنجي وقت جو جيد عالم ٿي گذريو آهي،
کيس زبان ۽ بيان جي حوالي سان ’سنڌ جو شاهه ولي الله‘ سڏيو ويندو هو. قرآن، حديث،
فقه، فلسفي ۽ منطق تي عبور رکندو هو. وڏا وڏا عالم سندس احترام ڪندا هئا. ديني
عالم هئڻ سان گڏ وڏو دور انديش شخص هو. هو دين ۽ سياست جي ميلاپ جو مخالف هو.
مولانا عبدالله چانڊيي پنهنجي ڳوٺ ملان چانڊيي ۾ مدرسو کولي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ٻير
شريف جو بزرگ مولانا عبدالڪريم قريشي سندس شاگرد هو ۽ ان مدرسي ۾ پڙهيو هو. ڳوٺ جي
وڏيري جي مخالفت سبب اڳتي هلي پير جهنڊي ڳوٺ ۾ مدرسه راشديه ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا
صاحب پير جهنڊي، ملان جي ڳوٺ (شڪارپور)، ٺيڙهي، گوري پهوڙ، شڪارپور، امروٽ، گٽهڙ، وارهه،
کرڙاهه ۽ ٻين مدرسن ۾ پڙهايو.
ڪستورو مل
ڪبير پنٿي ڪاڪي سان ڪچهري
استاد لغاري
ڪاڪو ڪستورو مل
هونئن ته “تاريخ ريگستان” جي مصنف رائچند هريجن جي شهر چيلهار جو ويٺل آهي، پر هن
وقت تعلقي سانگھڙ ۾، چوٽياري روڊ سان، بس اسٽاپ لُٽڪي موريءَ تي لڏي آيو آهي.
مينگھواڙ قبيلي جو هجڻ ڪري، ڳنڍ ٽروپ ۾ ڪمال جو ڪاريگر آهي. ڪو به ماڻهو ڪنهن ڪم ڪار
سانگي وٽس وڃي ٿو، ته ان کي ڪبير، ميران ۽
دادو جا دوها ۽ سورٺا سُڻائي، خوش ڪري ڇڏي ٿو. ان ڪري آئون کيس “ڪبير پنٿي” سڏيندو
آهيان. ڪافي عرصو اڳ ٽنڊي مٺا خان جي لڪياري سادات سيد دلاور شاھ، مون سان ڪاڪي ڪستوري
مل جو ذڪر ڪيو هو، ته مون ان وقت ئي اٽل ارادو ڪيو، ته اهڙي اَمُلھ انسان سان ملڻ
نهايت ضروري آهي.
“پَک نَهِين، پاوَر
نَهِين، پَهُچ نَهِين، پِيَّه دُور،
اُڏِر نه سَڪان
سَکِيان! مَران سُور بَسُور.”
امامُ راشدي
املهه انسان - سلسلو ۷۴ هون
حفيظ چانڊيو
هن جي تحريرن ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ، تاريخ ۽ قديمي ماڳن بابت اڻ مٽ احساسن سميت اهڙيون کوڙ ڀاونائون پڙهندڙن کي ڇرڪ ڀرائي سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪنديون رهيون آهن - هونئن ته سندس ڇٺيءَ جو نالو سيد امام المتقين راشدي آهي، پر ادبي دنيا ۾ کيس امام راشديءَ جي نالي سان سڃاتو ۽ پڙهيو ويندو آهي. هن جو جنم جيتوڻيڪ سادات گهراڻي ۾ ٿيو، جتي سندس خانداني ۽ پيراڻو ڪم دعا سڳا، تعويذ لکڻ ئي هو، پر راشدي خاندان جي هن املهه ماڻڪ هيري ادبي دنيا جي ئي چونڊ ڪئي - هن ۳ ڊسمبر ۱۹۶۰ع ۾ پير ڳوٺ جي گادي نشين سائينءَ بدر الدُجيٰ شاھ راشدي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم آبائي ڳوٺ پير ڳوٺ نئين ديري مان پرائي هيائين، مڊل کان ميٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان حاصل ڪئي، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين درجي تعليم رتوديري ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ ادب سان گهري لڳاءَ سبب ايم اي سنڌي ادب لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج مان پوري ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان هو هڪ پرائمري استاد طور ۱۹۸۴ع کان ۲۰۲۰ ڊسمبر تائين تعليمي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس ڪيترائي شاگرد آهن، جن ڪاميابيون ماڻيون، ڪن جي ناڪامين تي سندس دل ڪٿي ڏکاري به ٿي هوندي.
مولانا عزيز الله ٻوھيو
عبدالقدير ميمڻ
نوشھروفيروز
عزيز الله ٻوھيو ڳوٺ
خير محمد ٻوھيو ۾ استاد عبدالرئوف ٻوھيو جي گھر ۾ ۱۴ مارچ ۱۹۴۶ ۾ جنم ورتو بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول
۽ مدرسي مان حاصل ڪئي جڏهن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سکر جي واري تڙ جي مدرسي ۾
تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ اتي مدرسي ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ وارو عمل ورجايو اتي ئي سکر
جي واري تڙ واري علائقي ۾ پنهنجي پريس کولي جتي عبدالوحيد آريسر ۽ ناليواري شاعر
ادل سومري پڻ پريس تي ڪم ڪيو سياسي طور تي جي يو آئي جو ورڪر رهيو ۽ مولانا مفتي
محمود جو ساٿي پڻ رهيو اتي به سنڌ جي وسيلن جي ڳالھ ڪرڻ جي ڪري گهڻو وقت جي يو آئي
۾ نه رهي سگهيو ان دوران سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ تان وقت جي آمرن سزائون ڏئي جيل
موڪليو پر هن آڻ نه مڃي ۽ ۸۰ واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪيو سموري سنڌ ۾
سوين ڪارڪنن پيدا ڪيا هي مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ ٺهندڙ ڪيترن ئي اتحادن جو
حصو رهيو ۽ اڳوڻي وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ سوين ڪتاب سياسي مذهبي ڇپرايا هو ۷۵ سالن جي ڄمار ۾ ۲ نومبر تي سيوهڻ جي دل واري اسپتال ۾ وفات ڪري
ويو ۽ پونئيرن ۾ بيوهه چار پٽ، ٽي نياڻين ۽ سنڌ ۾ سوين پيدا ڪيل سياسي ڪارڪن سوڳوار
ڇڏي ويو آهي.
شوڪت حسين شورو
نامياري ڪھاڻيڪار جي موڪلاڻي
غلام حسين
خاصخيلي
نامياري ڪھاڻيڪار
افسانه نگار ڊراما نگار شوڪت حسين شورو جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان آھي پر ڇا
ڪجي ھن دنيا جو سفر مڪمل ڪري اڳتي وڃڻو آھي. الله سائينءَ جي جيڪا رضا ھوندي آھي،
اھوئي ٿيندو آھي. شوڪت شوري سنڌي ادب ۾ جيڪا خدمت ڪئي آھي، ان کي تاريخ ۾ سونھري لفظن
سان ياد رکيو ويندو. شوڪت شورو سنڌي ادب ۾ نثر لکڻ جو املھ ماڻڪ شخص ھو، کيس سنڌ
جي عظيم شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيت جون ھي سٽون کيس ڀيٽا طور پيش ڪريان
ٿو؛
ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج،
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي.
ڊاڪٽر عبدالقدير خان
قومي هيرو ۽ ائٽمي
سائنسدان جي موڪلاڻي!
عبدالفتاح عباسي
وطن جي حب، سڪ ۽
محبت هر هڪ ماڻهوءَ ۾ قدرتي طور ٿئي ٿي، جنهن سرزمين خطي ۾ ماڻهو رهي ٿو، انهيءَ
ماتر ڀومي سان قدرتي طرح پيار محبت ۽ الفت رهندي آهي ۽ انهي سرزمين جي تحفظ حفاظت
۽ انهيءَ مٿان دشمنن جي وار کي روڪڻ لاءِ هر هڪ محب وطن جو قومي فرض آهي، اسان جي
ملڪ پاڪستان جي چئني صوبن سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا، پنجاب جي سرحدن جي حفاظت
لاءِ پنهنجي جوانن ڪيترا ئي ڀيرا دشمنن جي وار کي ناڪام بڻايو، بار بار بزدلانه
سوچ رکندڙ دشمن جي ڌمڪين کان پوءِ آخرڪار پاڪستان جي قومي هيرو ائٽمي سائنسدان
عبدالقدير خان پنهنجي ساٿين سان ايٽم بم ٺاهي دشمنن کي پهرين مات ڏيئي ڇڏي.
علي مراد ٽانوري
براڊ ڪاسٽر ۽ شانائتو
شخص - سلسلو - املهه انسان - ڪڙي نمبر ۵۳
حفيظ چانڊيو
ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي
عمل ۽ ڪردار سبب نه صرف پنهنجي والدين، علائقي واسين لئي فخر جو سبب هوندا آهن پر
بي ساکين تي بيٺل سماج ۽ ملڪ جي قومي تشڪيل سان گڏ تحفظ جي ضمانت ٿيندا آهن. انهن
مان ڪيترائي نوجوان والدين، علائقن جو نالو روشن ڪندا آهن ته وري ڪن مان وري پوري قوم
خوش هوندي آهي، اهڙن املهه ڪِردارن مان سڳداسي چانورن جهڙي خوشبوءِ پئي ايندي آهي.
انهن فخر لائق نوجوانن جي شخصيت جي گهاٽي ڇانوري هيٺ ٿَڪُ ڀڃي پوري قوم عجيب قسم
جو آنند محسوس ڪندي آهي ۽ تحفظ سان گڏ پنهنجائپ واري ڀرپور احساس سان شانائتو جيون
پسندي آهي.
ڊاڪٽر مولوي محمد ادريس
سومرو السندي
جامعہ دارالعلوم
شرعيہ روھڙي
مولوي ڊاڪٽر محمد
ادريس ولد مولانا محمد قاسم سومرو، ۲۷ سيپٽمبر ۱۹۶۱ع ۾ ڪنڊياري لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ “چنيهاڻي” ۾ ڄائو. سندس
والد محترم محمد قاسم سومرو سنڌ جو مشهور ليکڪ / مصنف آهي. جنهن جا ننڍا وڏا ۷۰ کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. هن ٻاراڻي ادب ۾
پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي.
زرينه ناريجو
بامقصد جدوجهد جو هڪ
لازوال ڪردار - ۲۳ آڪٽوبر جنم ڏينهن..
ولي ناريجو
سياستدان، ڪهاڻيڪار
۽ ليکڪا ڪامريڊ زرينه حسين ناريجو، نامياري سياستدان، ايم آر ڊي جي ڪنوينر ڪامريڊ
حسين بخش ناريجي جي گهرواري آهي، سندس جنم ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۵۷ع تي محمد ابراهيم ناريجي جي گهر ۾، نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي
۾ ٿيو. پاڻ گرئجوئيٽ آهي، ننڍپڻ کان ئي کيس ادب سان وڏو لڳاءُ هو. ستين ڪلاس ۾ پڙهڻ
دوران هن هڪ ڪهاڻي لکي. جيڪا ٻارن جي رسالي “گل ڦل” ۾ شايع ٿي هئي ۽ ڪهاڻي ايتري
زبردست لکيل هئي جو ان کي کي پهريون نمبر انعام ڏنو ويو. زرينه ناريجو جا اردو ۽
سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي ڪالم ڇپجندا رهيا آهن، سندس شمار سنڌ جي انهن چند
عورتن ۾ ٿئي ٿو، جن سياسي جدوجهد ۾ مردن سان گڏ عملي طور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ
جاکوڙيو. ڪامريڊ زرينه ناريجو عوامي تحريڪ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ عوامي
نيشنل پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميمبر به رهي چڪي آهي. هن عورتن جي مسئلن بابت
ميڊيا توڙي سياسي پليٽ فارم تان ڀرپور جدوجهد ڪندي رهي آهي. سندس ڪالم سنڌي ماڻهن
جي تڪليفن ۽ سورن جا عڪاس آهن. هوءَ پنهنجي لکڻين ۾ نه رڳو سماج جي خرابين ۽
انساني بي حسيءَ جي نشاندهي ڪندي رهي آهي، پر انهن جي خاتمي لاءِ پتوڙيندي ۽
جدوجهد ڪندي رهي آهي. هن نه صرف سنڌي
اخبارن لکيو آهي پر اردو اخبارن ۾ پڻ سنڌ جي مسئلن تي لکندي رهي آهي. ڪامريڊ زرينه ناريجو سائوٿ ايسٽ ايشيا
تنظيم (آسا) جي وفد کي ٿر جو دورو ڪرائي ٿري ماڻهن جي مسئلن کي بابت آگاهي ڏني بين
الاقوامي فورم تي پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
سليمان هاليپوٽو
سائين به وڃي يار کي
پرتو.
جلال ڪوري
سندس جنم ۱۹۴۰ع ڌاري
راجستان جي ٻاهڙ مير ضلعي جي کارڇي ڳوٺ ۾ ٿيو هو. اتان جو مشھور عالم مولانا حبيب
الله سمون تاملهيار وارو وري ڍوري ناري لڳ کنڀري جي مدرسي ۾ علامه ميان عبدالله اڪبري
جو شاگرد هو. کارڇي ڳوٺ جو مولانا مريد علي هاليپوٽو وري ناري پٽ جي مشھور عالم
مولانا محمد عثمان قراني جو شاگرد هو.