; سنڌي شخصيتون

30 July, 2016

جمال الدين فقير - نواز ڪنڀر

جمال الدين فقير
جيڪو پڻ جدا ٿي ويو
نواز ڪنڀر
ھو سُر وکيرڻ کان اڳ ۾ ئي سنڌ، صوفيت، سادگي ۽ فقيري جو ٻاھريون تعارف پنھنجي وضعداري سان دنيا آڏو ڪرائي ڇڏيندو ھو ۽ ڳائيندي جھڙوڪر ھو سنڌ جي دکن ۽ دردن جي ڪھاڻي بيان ڪري ڇڏيندو ھو. ميندي رتا ڳاڙھا وڏا وار، مڇون ۽ ڏاڙھي، گيڙو رتا ڪپڙا ۽ انھن رنگن سان ڀيچ کائيندڙ سندس چمڙي، ھن جي پنھنجي تعارف جا اھڃاڻ ھئا. ھو تمام مٿين سُرن تي ڳائڻ مھل ڄڻ ته واڪا ڪري ڪنھن سان مخاطب ھوندو ھو، ويٺلن کي ڪجھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، ٻڌندڙن جو ڌيان ڪنھن خاص ڳالھ ڏانھن ڇڪائڻ جي جُستجو ڪندو ھو، اھا ڳالھ، اھو درد، اھا پيڙھا جيڪا اڪثريت ڪڏھن به سمجھي نه سگھي! سندس اندر جو درد، جيڪو ھو دنيا آڏو انھيءَ طريقي سان نروار ڪرڻ جي ڪندو ھو. اھو شخص جنھن کي دنيا جمال الدين فقير جي نالي سان سڃاڻندي ھئي، پر ھو پاڻ لاءِ چوندو ھو ته فنڪار ھڪ الڳ شي آھي ۽ فقيري الڳ. آئون فنڪار نه، فقير آھيان. پر دنيا سندس اھو پيغام صحيح طرح سمجھي نه سگھي!

ساقي شاهه - وحيد مراد سيال

ساقي شاهه
سندس ياد ۾
وحيد مراد سيال
سيد سلطان شاهه ساقي هڪ فرض شناس پرائمري استاد هو جيڪو پنهنجي پيشي سان تمام وڏو پيار ڪندو هو. جڏهن به اليڪشن يا ٻيون ڊوٽيون سنڌ سرڪار هڻندي هئي ته هي انهن جي خلاف احتجاج ڪندو هو ته اسان معصوم ٻارن کي تعليم ڏيندڙ استاد آهيون اسان کان اليڪشن ۽ پوليو جي ڊيوٽي وٺي معصوم ٻارڙن جي تعليم تباهه نه ڪيو. ساقي شاهه اسڪول پابندي سان ويندو هو.سيد سلطان شاهه ساقي هڪ بهترين شاعر، ليکڪ، اديب دانشور ته هو ئي هو پر ان کي شاهه عبداللطيف جي ٻولي جي وڏي ڄاڻ هئي. ساقي شاهه ڪچهري لاءِ ويهندو ئي شاهه لطيف کي ڄاڻن لاءِ هو ڇو ته هو هميشه شاهه عبداللطيف کي سمجهڻ پئي چاهيو هن جي اها به خواهش هئي ته هو ڪراچي ۾ گمنام شاعرن، اديبن، دانشورن  ۽ سماجي ورڪرن تي ٻڌل ڪتاب آڻي جن ماڻهن وٽ ڪتاب ڇپرائڻ ۽ وڏن وڏن پروگرامن ۾ اچڻ جي سگهه نه هئي انهن لاءِ هو وڏي همدردي رکندڙ هو.

جمال فقير - لياقت علي ٿهيم

جمال فقير
سڀئي عالَم اُن جو- هندو مسلمان
لياقت علي ٿهيم
سائين جمال فقير سان مان پهريون ڀيرو جهول ڀرسان ٽي سال اڳ، هڪ هوٽل تي مليو هوس. انهي سال سنڌ ۾ ارڙي جو ڪال ڪاهي پيو هو ۽ ڌڙا ڌڙ ٻار مري رهيا هئا. مان تڏهن سانگھڙ جي هڪ غير سرڪاري اداري ۾ ڪم ڪندو هوس ۽ ويڪسين هڻڻ واري هڪ ٽيم سان گڏ رپورٽ لکڻ ويو هوس. شايد وساڻن جو ڳوٺ هو جتي ڪولهين ۽ اوڏن جي گھر گھر ۾ بيمار ٻارن جا ڪيهاٽ پئي پيا. انهي ساڳئي ڳوٺ ۾ اداري جو هڪ اسڪول هوندو هو جنهن کي هڪ پرديدار ۽ تمام خانداني مائي پنهنجي گھر ۾ هلائيندي هئي. انهي اسڪول  جي ٻارن تي اسٽوري پڻ ٺاهڻي هيم.

29 July, 2016

شاهنواز جوڻيجو


شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو - ورسيءَ جي مناسبت سان
نور سنڌي
سنڌ ۾ ڪلاسيڪل بي تاج بادشاهه ۽ وڏيري طور مشهوري ماڻيندڙ شاهنواز جوڻيجي جي وفات کي ۱۴ سال گذري ويا آھن پر اڃا تائين يقين نٿو اچي ته ڪو ھو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اڄ هو اسان جي وچ ۾ ناهي پر سندس انيڪ ساروڻيون ۽ سندس ڪردار صدين تائين ياد رهندو. شاهنواز جوڻيجو هڪ ننڍڙو ۽ عام زميندار هو، سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون، منجهس جيڪي خوبيون هيون، اهي ايتريون ته وزندار هيون جو شاهنواز جوڻيجو خلاف سخت پروپيگنڊه جي باوجود به هن تي اثرانداز ٿي نه سگهيون. شاهنواز جوڻيجو هڪ بهادر، بي باڪ، ارڏو ۽ ذهين ماڻهو هو، هالا جي مخدوم خاندان سان سندس شروع کان وٺي نيازمندي رهي، پاڻ مخدوم طالب الموليٰ کان ڏاڍو متاثر هو. جواني کان وٺي هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مخدوم هائوس تي ضرور ويندو هو. بعد ۾ هو مخدوم هائوس تي فيصلا مخدوم طالب الموليٰ جي سربراهي ۾ ڪندو هو. سندس انداز مان مخدوم طالب الموليٰ به ڏاڍو متاثر ٿيندو هو ۽ شاهنواز جوڻيجو کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ پنهنجي پيچيده ۽ منجهيل مسئلن بابت به شاهنواز جوڻيجو سان مشورا ڪندو هو. مختصر عرصي ۾ فيصلن جي حوالي سان نه رڳو سنڌ پر بلوچستان ۾ به مشهور ٿيڻ لڳو. مخدوم هائوس تي اچڻ وڃڻ دوران سندس مخدوم امين فهيم سان ويجهڙائپ گهري دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. شاهنواز جوڻيجو فيصلا منصفاڻا ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ واري چوڻي جيان ڪرڻ جي ڪري هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي هئي ته فيصلو شاهنواز جوڻيجو کان ئي ڪرايان ۽ سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ سندس اوطاق تي فيصلا ڪرائڻ وارن ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا.

نسيم کرل

نسيم کرل

سنڌي ٻوليء جو امر ڪهاڻيڪار کي سندس ورسيءَ تي ڀيٽا

محمد سليمان وساڻ



سنڌي ادب جو هيءُ ناميارو افسانه نويس ۽ ڪهاڻيڪار ڳوٺ کرل خيرپور جو پڙهيل زميندار هو، سندس پيدائش ۲۹ جون ۱۹۳۹ع ۾ ٿي ۽ زمينداريءَ ۾ جهڳڙي جي سبب سان سندن قتل ۱۴ جولاء ۱۹۷۸ع ۾ ٿيو.

سندس پهريون مجموعو ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ اداره ادب جي طرفان ۱۹۶۶ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس جڳ مشهور ڪهاڻي ڪافر کان سواءِ گردش زماني جي، گذريل واردات، ڳڻ گٽس، ڪچو رنگ ۽ ڪجهه ٻيا افسانا شامل آهن.

استاد محمد بچل - رکيل مورائي

استاد محمد بچل
سُرن کي روشني ڏيندڙ آڱرين جي موڪلاڻي
رکيل مورائي
استاد محمد بچل حادثاتي طور سنڌ جي سُرن کان جدا ٿي ويو. سنڌ جو ادب سندس لاڏاڻي تي اداسُ ڪو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا اڪثر اديب کيس ڪو نه سڃاڻن. ان ڪري هنن جو سندس وفات تي قلم کڻڻ ڏکيو آهي، انهن جو ڏوهه به نه آهي. هو سنڌ جي مختلف هنرن ڏي ڌيان گهٽ ڏيندا آهن. هو فقط عالمي ڄاڻ رکندا آهن. پر....

شفيق حسين ميمڻ - محمد سليم ميمڻ

شفيق حسين ميمڻ
محنتي ۽ سادگي پسند شخصيت
محمد سليم ميمڻ
شفيق حسين ميمڻ سنڌ جي تاريخي شهر هالا نوان ۾ نامور صحافي ۽ تحريڪ آزادي جي مرد مجاهد حاجي محمود هالائيءَ جي گهر ۾ 22 جولاءِ 1961ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرحيم ارباب اسڪول هالا ۽ مخدوم طالب الموليٰ اسڪول هالا ۾ حاصل ڪئي. جنهن بعد ميٽرڪ جو امتحان گريڊ I ۾ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان 1979ع ۾ پاس ڪيو. انٽرميڊيٽ پري انجنيئرنگ جو امتحان 1981ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان پاس ڪيو. جنهن بعد هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽر آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪئي.

فقير عبدالغفور


فقير عبدالغفور
آواز آلاپ جو راڻو - ورسيءَ تي ڀيٽا
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
يڪتارو چپڙي هٿ ۾ کڻي جڏهن فقير عبدالغفور آ ڪندو هو ته سندس آواز جي گونج پري پري تائين پهچي هلندن کي بيهاري ڇڏيندي هئي. هن جو آواز ايترو وڏو هو جو هروڀرو لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت نه پوندي هئي. ڊگهي قد ڪاٺ وارو همراهه ڳائڻ وقت نچي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو.

مير غلام الله ٽالپر - مخمور مهيري

مير غلام الله ٽالپر
سندس غمناڪ وڇوڙو- چاليهي جي مناسبت سان
مخمور مهيري
سنڌ ڌرتي اُها شاداب ۽ سرسبز ڌرتي آهي، جنهن زندگي جي هر شعبي ۾ هميشه ناياب ۽ نامدار شخصيتون پيدا ڪيون آهن، پوءِ ڀلي اهو شعبو علم جو هجي، ادب جو هجي، سياست جو هجي، سماج جو هجي، مذهب جو هجي، محبت جو هجي، مزاحمت جو هجي، زراعت جو هجي، ٽيڪنالاجي جو هجي يا وري زندگي جي ڪنهن ٻئي وهنوار سان واڳيل هجي يا واسطو رکندو هجي. جيڏانهن به نظر ۽ نگاهه ڪجي ٿي ته ڪيتريون ئي قدآور شخصيتون ستارن جيان چمڪندي ۽ جرڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. تاريخ ۾ امر ۽ رقم ٿيل اهڙين شخصيتن جي ڪم ۽ ڪردار کي اڄ تائين وقت جو واچوڙو وڃائي نه سگهيو آهي. اهڙن قربدار، خوشبودار، مک ۽ خلق جي خدمت ڪندڙ چهرن کي ياد ڪندي هن وقت جنهن شخصيت جو چهرو اکين اڳيان اُڀري رهيو آهي، انهن ۾ سابق تعلقي ناظم ٽنڊو محمد خان مير غلام الله ٽالپر به هڪ آهي.

معراج محمد خان - رياض سهيل

معراج محمد خان
کاٻي ڌر جي اصول پرست سياستدان جو لاڏاڻو
رياض سهيل
معراج محمد خان جو خواب ملڪ تي مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن جي حڪمراني هئي ۽ هو اهو خواب اکين ۾ کڻي ئي دنيا ڇڏي ويو. ان خواب جي پورائي لاءِ هن ايوب خان ۽ جنرل ضياءُ الحق کان علاوه ان پيپلز پارٽيءَ کي به ڇڏي ڏنو هو، جنهن جي منشور ۾ سندس سوچ ۽ فڪر جو به نچوڙ شامل هو.

24 July, 2016

نارائڻ شيام

نارائڻ شيام

هجي جا کاڻ خوبين جي

وينا شرنگي



پهتاسين ڪهڙي ماڳ وڃي ڇا ڪندين پڇي

ها، ڏس ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان.

(شيام)

سدا حيات شاعر شيام ڪهڙو ماڳ وڃي وسايو آهي، ان جو انت لهڻ ته مشڪل آهي، پر زندگيءَ جي سفر ۾ هو ڪٿان ڪٿان رهگذر ٿيو، ان سفر جو پيرو کڻن ته مشڪل آهي، جنهن  تخليقي شعور جي منزل ۽ ماڳن جي بلندين کي شيام ڇهيو تنهن نقش پا، جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ هڳاءَ جو واس جڏهن به، جنهن به ماڻيو آهي، اهو مدهوشيءَ جي عالم ۾ پاڻ وڃائي ويٺو آهي، هو سچ ۽ سنهن جو شاعر هو، سندس ٻوليءَ ۾ مٺاس، ۽ ان جو استعمال اهڙي ته ٺهڪندڙ نموني ڪيو آهي جو عبارت ۽ سندس اسٽائيل ٻين شاعرن کان الڳ ٿي بيهي ٿي، سندس شاعري بلندين کي ڇهي ٿي، پوءِ چاهي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل تشبيهون هجن يا وري مُحاورا يا مثال – شيام پنهنجي رچنائن ۾ جا ٻولي ۽ لفظ ڪتب آندا آهن، تن جي باري ۾ شاعر سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته : هو اهڙا لفظ نه گهڙيندو آهي جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو هجي، شيام پنهنجا لفظ گهڙيندو ضرور آهي پر اهڙا جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگهي، دهليءَ جي سدا حيات شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن کي اوهان آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، شيام سان ڪهڙي سال ملاقات ٿي، اهو ته ياد نه آهي پر ماضيءَ جي جهروڪن مان سندس ماٺيڻي شخصيت جا ڪي عڪس ۽ اولڙا اُڀري اچن ٿا، سندس گفتگو ٿڌي هير جيان، اڄ به اچي دڳ جهلي ٿي بيهي، تقريبن اڌ صديءَ شيام شاعريءَ جي نانءِ ڪري ڇڏي، دهليءَ جي هن سدا حيات شاعر جو جنم ۱۹۲۲ع ۾ ٿيو، ۱۹۳۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس پتا ڪامورو هو، سندس ادبي پونجي.

23 July, 2016

واجد منگي

واجد منگي

جا پيڙ هئي پرواني ۾

منظور ڪوھيار



’واجد‘ سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي ته مون ٽي ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون. هڪ ته هو خوشخط آهي. ٻيو ڦڻي ڦوڪاري جو شوقين آھي. ٽيون سندس لفظن جي ادائيگي زبردست آهي.

واجد سان منهنجي ڇتڙن جي ياري ته ڪو نه هئي. پر پنهنجي، ”عليڪ سليڪ“ ادبي ميڙاڪن ۾ ٿي، ۱۹۷۵ع ۾. ڪجهه ويجهڙائپ وڌي ته چار چونڪ گيان باغ جي نام نهاد ليڊيز پارڪ ۾ ويهي ڪُٽيندا هياسي. جنهن ۾ عورتون گھٽ، مرد گھڻا ويٺا هوندا هيا. انهيءَ دؤران مون کيس انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ واجد مون کي شاعريءَ جو بحر وزن سمجهائڻ جي. ٻئي ناڪام وياسي.

17 July, 2016

ماسي سدوري - منظور ڪوھيار

ماسي سدوري
قربائتو ڪردار
منظور ڪوھيار
عبدالرحيم ڪلهوڙي جي ڳوٺ جو ذڪر نڪتو، ته هڪ اهڙو قربائتو ڪردار ياد اچي ويو، جنهن جي قرب جو احساس اڃا تائين ذهن ۾ ٻيرن جي خوشبوءِ ۽ کجيءَ جي ڏوڏن جي مٺاڻ مثل تازو آهي. اهو ڪردار هيو، ماسي سدوريءَ جو. سچ پچ ته ماسي سدوري، رڳو نالي جي سدوري نه هئي، پر لڳندي به سدوري هئي. ٻاجھاري ٻولي، منهن ۾ نيمڪ، چپن تي مرڪ، ڪڻڪ رنگي، سنهڙي، ڦڙت جھڙوڪر ڇيهل. ماسي سدوري هئي، ته منهنجي نانيءَ جي سنگتياڻي، پر اَمان جو اُن کي ماسي سڏيندي هئي، سو اسان ٻارن جي به ماسي هئي.