22 February, 2015
مولانا غلام رسول مهر - مختيار احمد ملاح
عامر سيال- ڊاڪٽر شير مهراڻي
قاضي مقصود گل
سيٺ هرچند راءِ وشنداس - پروفيسر اعجاز احمد قريشي
پروانو ڀٽي - غلام حسين لغاري
03 February, 2015
خادم حسين ’ديوانو‘ - ناصر قاضي
ڀڳونتي ناواڻي
ڀڳونتي ناواڻي
سنڌ هند جي ڪوئل
سنڌين جي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره، سنڌوءَ جي نياڻي، ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جو جنم، ۱ فيبروري ۱۹۴۰ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور ضلعو حيدرآباد (هاڻي مٽياري) هو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي. پرائمري تعليم ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ وٽ انڊين گرلس اسڪول مان حاصل ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، ۱۹۴۸ع ۾ فسادن سبب سنڌ مان لڏي مائٽن سان گڏ بمبئي هلي وئي. پهرين ڪملا گرلس هاءِ اسڪول بمبئيءَ ۾ پڙهي، ان بعد هاءِ اسڪول فار سنڌيز بمبئيءَ مان ۱۹۵۷ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين.
ڀڳونتي ناواڻيءَ وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر ۽ ٽي ڀينرون هيون ۽ ڀڳونتي ڀائرن
۽ ڀينرن ۾ ٽيون نمبر هئي.
11 January, 2015
قاضي اختر حيات
قاضي
اختر حيات
سنڌ ڌرتيءَ
جو هاڪارو مصور ۽ تعليمدان
ناصر قاضي
جنوري ۲۰۱۵ع جي آمد ۾ اسان جون وڏيون اميدون واڳيل هيون. ڇاڪاڻ نئين سال جي نون اجرن صبحن مان ئي هڪڙو صبح مون سميت منهنجن سڀني رشتيدارن، دوستن، پرين پيارن ۽ واقفڪارن لاءِ خوشين جا خزانا کڻي اچڻ وارو هو، منهنجي گھر مان هو جمالن جي هوڪن سان گڏ مينديءَ جي مهڪار، توڙي ڳانن جي ڳاڙهاڻ سموهجڻ واري هئي، دهلن جي ڌڌڪار ۽ جھمرين جي جھنڪار ۾ امڙ ابي جي آسيسن ۽ دوستن جي دعائن سان اسان جي گھر ڀاتين ۾ اضافو ٿيڻ وارو هو، مون کي نئين زندگي ملڻ واري هئي ۽ آئون ٽيٽيهن سالن تي محيط پنهنجي اڪيلائيءَ واري عمر اڪارڻ بعد هڪ مان ٻه ٿيڻ وارو ئي هيس ته ڊسمبر ۲۰۱۴ع جي چوٿين اڀاڳي ڏينهن تي منهنجي گھر ڀاتين ۾ اضافو ٿيڻ بجاءِ گھاٽو ٿي ويو ۽ اسان کان اسان جي مٺڙي ڀائيجان، منهنجي پياري چاچي، سنڌ ڌرتيءَ جي هاڪاري مصور ۽ تعليمدان قاضي اختر حيات موڪلاڻي ڪندي، گھر ۾ سوڳوار تڏو وڇرايو.






