سيد عبدالقادر
حديقته اولياءَ جو ليکڪ
مختيار ملاح
سنڌ جي سرزمين صدين کان بلند پائي جي عالمن، صوفي، درويشن، اوليائن، ساداتن
۽ مشائخن جو مرڪز رهي آهي. انهن صوفي بزرگن ۽ الله لوڪ درويشن جي باري ۾ وقت به وقت
ڪيترائي تذڪره ۽ سوانح حيات تي اعليٰ ڪتاب لکيا ۽ تاليف ڪيا ويا آهن. سنڌ خطي جي بدقسمتي
اها رهي آهي جو تاريخ، علم ۽ ادب جا گهڻا ڪتاب غائب ٿي ويا يا ضايع ٿي ويا. اڄ جڏهن
اسان تاريخي ڪتاب لکڻ لاءِ حوالا ڳوليون ٿا، تڏهن راويتن تي منبي ڪتابن جو سهارو وٺڻو
پوي ٿو. ڪي ڪتاب محفوظ بچيا آهن جن مان اڪثر اڻپورا احوال مليا آهن. اهڙن تذڪرن ۾ هڪ بي مثال ۽ قابل
تعريف ڪتاب ”حديقته الاولياءَ“ آهي. جيڪو فارسي زبان ۾ سيد عبدالقادر جو لکيل اهي.