; سنڌي شخصيتون: ناصر قاضي، اختر آزاد ڏاھري، حفيظ چانڊيو، علي نواز آريسر، ڪوثر سنڌي، افتخار لغاري، ارشاد ساگر گوپانگ،
Showing posts with label ناصر قاضي، اختر آزاد ڏاھري، حفيظ چانڊيو، علي نواز آريسر، ڪوثر سنڌي، افتخار لغاري، ارشاد ساگر گوپانگ،. Show all posts
Showing posts with label ناصر قاضي، اختر آزاد ڏاھري، حفيظ چانڊيو، علي نواز آريسر، ڪوثر سنڌي، افتخار لغاري، ارشاد ساگر گوپانگ،. Show all posts

05 January, 2015

سرمد سنڌي


سرمد سنڌي
لُڙڪَ لَڙي پيا لار ڪري
ناصر قاضي
هي ته ڊسمبر ۲۰۱۴ هيو، پر هر سال جو ڊسمبر پنهنجي آمد شرط سرديءَ سان گڏ جتي ڪيترن ئي ڌرتيءَ ڄاون محترمه بينظير ڀٽو، شيخ اياز، اياز قادري، تاجل بيوس، قربان علي شيخ، روشن جي جون غمگين يادون ساڻ کڻي ايندو آهي،  اتي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سرمد سنڌيءَ جي نه هجڻ وارو احساس ڇيت جيان چڀي رهيو هوندو آهي.
سرمد سنڌي جڏهن به اسٽيج تي ڳائڻ ايندو هو ته سنڌ سان عشق جو اظهار ضرور ڪندو هو، هن پنهنجي حياتيءَ جي مختصر عرصي ۾ سنڌ سان عشق جو جيڪو نعرو هنيو، اڄ اهو نعرو هر سنڌيءَ جي چپن تي سرمد جي ڳايل گيتن جي صورت ۾ زندهه و جاويد آهن. واقعي به سرمد سنڌ جو اهو پروانو هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جي آخر تائين ڌرتيءَ جي عشق کي پاڻ کان پري نه رکيو.