ادراڪي بيگ لاري
ارغون دور جو تاريخ نويس
مختيار ملاح
سمن جي حڪومت جي زوال سان سنڌجون واڳون ارغونن جي هٿ آيون، جن اچڻ سان
سڄي ملڪ ۾ رڻ ٻاري ڏنو. پوري ملڪ ۾ قتل عام شروع ڪيو ويو. ارغون ترڪستان جي هڪ خاندان
جو نالو آهي، جنهن خاندان 1520ع کان 1555ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. هن خاندان جو نسبتي
سلسلو چنگيز خان سان وڃي ملي ٿو. ارغونن کانپوءِ سنڌ، سندن ساٿين ۽ سپاهين، ترخانن
جي هٿ لڳي. جن جو دور اڳئين دور کان وڌيڪ انتشار وارو هو. سنڌ۾ فارسي زبان پنهنجي عروج
تي پهتل هئي، علم ۽ ادب جا اڪثر حوالا فارسيءَ ۾ ئي لکيا ويا، جن مان هڪ حوالو ”بيگلر
نامه، يا“ بيگلار نامو“ آهي. ڪتاب جي مصنف بابت مولائي شيدائي لکي ٿو ته ”بيگلار نامه
ابوالقاسم خان ولد شاهه قاسم خان بيگلار جي تصنيف آهي. هن ۾ ترخان گهراڻي جو بيان
1017هه کان سن 1036هه تائين ڏنل آهي.“ جڏهن ته ٻيو خيال اهو آهي ته اهو ڪتاب اهو ادارڪي
بيگلاري لکيو. اها خبر نه ٿي پوي ته ادارڪي سندس تخلص هو يا نالو. بهرحال محقق ان ڳالهه
تي متفق آهن ته ان ڪتاب جو ليکڪ ادارڪي بيگلاري هو.