ماڻڪ
جيڪو تخليق جو ٻرندڙ جبل
هو!
منور سراج
ماڻڪ بابت ڪجھه ڳالهائڻ منهن جي لاءِ ائين مشڪل ڪم آهي جيئن ڪنهن ٻار
لاءِ لهرن سان ڀريل درياهه ۾ لهڻ.
ماڻڪ، جنهن خودڪشيءَ کي ڪنهن خواب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هو منهنجي لاءِ هن
مهل تائين هڪڙو پراسرار خواب بڻيل آهي. اهڙو خواب، جيڪو ڪنهن به تعبير جو محتاج ناهي.
هو پنهنجو خواب به پاڻ هو ۽ تعبير به پاڻ هو!