; سنڌي شخصيتون: 2025

23 December, 2025

ادريس راجپوت

ادريس راجپوت

سنڌ جي پاڻي حقن جي مضبوط دفاع جي موڪلاڻي

محمد احسان لغاري


ڪجهه موڪلاڻيون رڳو هڪ شخص جو دنيا مان وڃڻ جو اعلان نه ڪنديون آھن، پر ھڪ عھد جي پڄاڻي ۽ نه ڀرجندڙ خال جو ڏس ۽ ڏک پڻ ڏينديون آھن. سائين محمد ادريس راجپوت جي وڇوڙي سان سنڌ اهڙي ئي لمحي مان گذري رهي آهي. هو رڳو هڪ آبپاشي انجنيئر نه هو، نه ئي صرف سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري آبپاشي ۽ پاڻي جو ماھر. هو اصل ۾ هڪ فرض شناس منتظم، ۽ اھڙا استاد هئا، جن واهن، بندن، پاڻي جي وهڪرن، ٻوڏن، پڇڙي جي کوٽن، موسمياتي ڦيرگھير، ڊيلٽا لاءِ پاڻي، ڪالاباغ جي نقصانن واري فني ٻولي کي عام ماڻهن جي سمجهه ۾ ايندڙ بياني ۾ تبديل ڪيو.

گلشن صوفي

گلشن صوفي

لاڙڪاڻو جو سنڌي انڊين اداڪار موسيقار

آصف رضا موريو


گلشن صوفي جو نالو پهريون ڀيرو مون پنهنجي دوست مرحوم عثمان فليش مين جي واتان ٻڌو هيو. بعد ۾ تحقيق ڪرڻ تي پڌرو ٿيو ته گلشن صوفي متحده هندستان ۾ اداڪار، گلوڪار، موسيقار، ليکڪ، پروڊيوسر ۽ شاعرهئڻ سبب گهڻ پاسائين شخصيت ڀائنيو ويندو هيو. لاڙڪاڻي واسين منجهان هي اڪيلو سنڌي هيو جنهن کي ورهاڱي کان اڳ هندستان جي فلم انڊسٽري جي تمام افقن کي ڇهندي پنهنجي دور جي سپر اسٽارن منجهان ليکيو وينديو ويو.

سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج

سيٺ لڻيندا سنگهه بجاج

حسيب ناياب منگي


ڪو دؤر هو! جو شڪارپور ۾ لُلا، جماڻي ۽ بجاج آڪَھِيُن جا سيٺ، خلق جي خدمت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا ۽ سندن سخاوت توڙي فياضيءَ جي ھاڪ سموري ترَ ۾ عام هوندي ھئي. اڄ سندن ڌن ۽ دولتَ، شڪارپور جي عوامي عمارتن تي ايئن خرچ ٿيل ٿي ڏسجي، ڄڻ اُهي عمارتون هُو پنھنجي ذاتي سُک لاءِ ٺهرائي ويا هجن. اهڙن ڌَنويرن ۾ سيٺ لُڻيندا سنگهه بجاج کي وسارڻ وڏي ناانصافي ٿيندي، جنهن سياسي هلچل کان وٺي سماجي خدمت تائين خوب پاڻ ملهايو. هُن جي ڏُور رس نگاهه سچ پچ ته شڪارپور جي شھرين لاءِ هڪ وڏو آٿت ثابت ٿي. ماضيءَ ۾ عوام لاءِ سندس ادا ڪيل ڪردار تي نظر وجهجي ٿي ته کيس جَس ڏيڻ کانسواءِ رهِي نٿو سگهجي!

ضيا ابڙو

سائين ضيا ابڙو

يوناني ديوتائن جهڙو خوبصورت

آصف رضا موريو


محترم سائين ضيا ابڙو عزت افزائي ڪندي ڪالهه منهنجي گهر ڪهي آيو جتي ساڻس کوڙ ساريون ڪچهريون ۽ اوڀاريان لنهوارا حال احوال ٿيا. ضيا ابڙو سنڌ جو نامور تنقيدنگار، شاعر، ڪهاڻيڪار، سماج ڏانهن پارکو، ادب ڏانهن سورنهن آنا سلهاڙيل اديب هجڻ سان گڏ دوستن جو هڏڏوکي، نئين اديبن کي اتساهيندڙ، ڪتابن وٺڻ پڙهڻ جو ڪوڏيو ۽ انسانن کي پڙهڻ جو شوقين همراهه آهي. اسان جي جن سهڻي دوست لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو، انجمن ۽ هڪ اهڙي رزميه داستان آهي جنهن کي پڙهڻ ۾ دل ڍاپندي ئي ڪونه آهي.

22 December, 2025

زاهده حنا

زاهده حنا

قصو سندس بيماريءَ ۽ ساڻس ملاقات جو

اياز لطيف دايو


”عورت ٿيڻ، افسانا لکڻ، اختلاف ڪرڻ، ٽيئي اسان جي سماج جون خرابيون آهن ۽ مان انهن جو مجموعو آهيان“هي لفظ آهن زاهده حنا جا جنهن جا کوڙ سارا تعارف آهن، ڪالم نويس، افسانا نگار، ڊراما نويس، شاعرا پر هن جو تمام وڏو ۽ شاندار تعارف اهو آهي ته جڏهن سندس خدمتن جي عيوض ۲۰۰۶ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ته هن اهو انهيءَ دور جي آمر مشرف جي هٿان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن سموري زندگي ملڪ جي مظلوم محڪوم ۽ مجبور ماڻهن جي ڪيمپ جي طرفداري ڪندي پنهنجي قلم انهن جي لاءِ استعمال ڪئي ته اهو ممڪن نه هو ته هوءَ ڪنهن ڦورو، لٽيري ۽ غاصب حڪمران کان اهڙو اعزاز حاصل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ، اها زاهده حنا جنهن جي ڪهاڻي کي فيض احمد فيض جهڙي انقلابي شاعر انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، انهيءَ ۱۹۷۰ ۾ ناليواري شاعر جون ايليا سان انهي وقت پيار جي شادي ڪئي هئي، جڏهن جون ايليا هڪ ادبي رسالي انشاء جو ايڊيٽر هو، ٻنهي جي ملاقات ٿي ۽ هڪٻئي جي رومانس جي احساسن کي انهن پنهنجي عمر جي ويجهو اچڻ نه ڏنو ڇاڪاڻ ته جون ايليا زاھدہ حنا کان چوڏهن پندرهن سال عمر ۾ وڏو هو، انهن جي وچ ۾ گهڻو عرصو اهو محبتن جو سٻنڌ جاري رهي نه سگهيو ۽ ۱۹۸۰ع ۾ ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي، ٻنهي گڏجي رضامندي سان هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نشاني طور انهن ٻن ڌيئرن فنانا، سهانا ۽ هڪ پٽ زريون کي جنم ڏنو، جيڪي هاڻي پنهنجي ماءُ سان گڏ آهن، ٻنهي جي وچ ۾ علحدگي ٿيڻي هئي ٿي وئي پر جون ايليا پنهنجي زندگيءَ کي اڌورو سمجهي شراب نوشي ۾ پناهه ورتي، فراريت هن جي وجود ۾ داخل ٿي وئي ۽ ۲۰۰۲ ۾ هو ڪافي ڏينهن بيمارين سان جهيڙيندي ابدي سفر ڏي راهي ٿي ويو پر برصغير هڪڙي اردو جي عظيم شاعر کان محروم ٿي ويو، جون ۽ زاهده جي ڌار ٿيڻ بعد ٻنهي جو علمي، ادبي فڪري ۽ شعوري سفر جاري رهيو، ڇاڪاڻ ته انهن جي تربيت ئي اهڙي گهراڻي ۾ ٿي هئي جتي علم ۽ ادب جي مشعل کين ورثي ۾ ملي هئي.

ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

ياد رفتگان

ميان مير چانڊيو


موسمون بدلبيون رهنديون آھن، انساني سوچ جا معيار به وقت سان بدلبا رهندا آھن. ماڻھن جي موسمن، محبتن، ماڻھن، جانورن، آرٽ، ادب، ۽ نظرين ڏانهن رويا ۽ خيال به بدلجندا رهندا آھن. جيئن جڏھن سخت سرديون ٿين ٿيون ته ماڻھو پنهنجي سر، سيءَ مان تنگ ٿي اونهاري جو انتظار ڪرڻ لڳندا آھن ۽ جڏھن وري اونهارو شروع ٿيندو آھي ته سياري جو انتظار ۽ گهرج ٿيڻ شروع ٿيندي آھي. اهڙي طرح ماڻھن جو گهاٽيون ياريون وري روين ذاتي مفادن جي بنياد تي ٽُٽي ڦاٽي دشمنين ۾ بدلبيون رهنديون آھن يا وري پالتو جانورن مان جڏھن انسانن جا مفاد ختم ٿيندا آھن، مثال طور، ڊوڙندڙ ڏاندن جو پوڙهو ٿي وڃڻ، ڀلين ڪنڊين مينهن جو کير گهٽائي وڃڻ، گهوڙن جو پوڙهو ٿي وڃڻ يا ٻين سببن ڪري من پسند جانورن ۾ خاميون نظراچڻ لڳنديون آھن، جنهن ڪري اهي ناپسند جي بنياد تي يا وري ضرورت ڄاڻائي وڪيا ويندا آھن. نظريا به ائين ماڻھن جي دلين ۾ سٺا ۽ خراب بڻجي واسو ڪرڻ لڳندا آھن. پر ٿورا ئي اهڙا انسان هوندا آھن جيڪي موسمن، محبتن، جانورن توڙي انسانن سان قائم ڪيل سندن اڳوڻي عقيدت يا اظهار سان هميشه رهندا آھن.

راءِ بهادر انجنيئر موٽُومل آسراڻي

راءِ بهادر انجنيئر موٽُومل آسراڻي

حسيب ناياب منگي


جھڙيءَ ريت شڪارپور جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي اعليٰ رهندي آئي آهي، تھڙيءَ طرح ئي هو کاڌي پيتي جا به شوقين رهيا آهن. روشنين سان شھر کي روشن ڪرڻ وارا ۽ ميلن ملاکڙن ۽ ٻي راند روند سان پنھنجي زندگيءَ ۾ خوشين جا رنگَ ڀري خوشگوار زندگي گذارڻ وارا هي زندھه دل شھري هر دؤر ۾ پنھنجي ڀيٽَ پاڻ ئي رھيا آهن. هو پنھنجي شھر جي ترقيءَ لاءِ پنھنجي کيسي مان خرچ ڪندي به ڪونه ڪيٻائيندا هئا. شڪارپور جي ماڻھن شھرَ جي علمي، سماجي توڙي ثقافتي ادارن جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ جنھن نموني پاڻ ملهايو آهي، تنهن جو ذڪر اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ سونھري اکرن سان لکيل آهي. هن خوشقسمت شھر جي هر گهٽيءَ ۾ پڙهيل لکيل، واپاري، آفيسر طبقي جي ماڻهن توڙي سماجي املھه موتين جو، هر زماني ۾ ڄمڻ به شڪارپور جي ترقيءَ جو هڪ اهم سبب رهيو آهي. وقت بوقت اهي سڀئي پنهنجي شھر ۽ شھرين جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا ۽ انھن جو آواز، مسئلن جو حل ثابت ٿيندو رهيو.

صلاح الدين پنهور

صلاح الدين پنهور

جنين جڳ جرڪايو

حسين ڪپري

صلاح الدين پنهور سان سڃاڻپ پراڻي، تعلق موچارو ۽ ملڻ بي قاعدا رهيو. ساڳي شهر ۾ ڪجهه سال گڏ رلياسين، کلياسين، بحث ڪياسين، ڪڏهن وڙهي، ڪڏهن پرچي اٿياسين. ماڻهو همراز هجي، غمگسار هجي، هجت ڪري سگهي ته وقت سٺو گذري ٿو.

مگر هر شخص جي اندر ۾ هڪ ٻي دنيا به هوندي آهي، جنهن جي قربتن ۾ فاصلا ۽ نزديڪين ۾ دوريون رهنديون آهن، تنهنڪري سالن جي واقفيت جي باوجود به کيس گهڻو ڪو نه سڃاڻان.

زاهد ميراڻي

ڊاڪٽر زاهد ميراڻي

سنڌ جو سريلو ڪوي

آصف رضا موريو


ڊاڪٽر زاهد ميراڻي اسان جو تمام سهڻو دوست آهي جنهن سان ان دور کان سنگت رهندي آئي آهي جڏهن مان مشڪل سان پندرنهن سورنهن سالن جو آهيان. ڊگهو، سهڻو، سنهڙو، ڀورو، ٺهيل آڍيل نڪ نقشو، سلڪي وار، خماريل نيڻ، ڳمڀير ڳالهائڻ، طبيعت ۾ ماٺار، گهمڻ ۾ ڄام ۽ ڇا ڇا نه. واهه جي سهڻي، سريلي ۽ سرجيل شخصيت آهي. سگريٽ مون کي ڪنهن به ڪونه وڻندو آهي پر زاهد ميراڻي جي سگريٽ پيئڻ جو انداز به اهڙو مانائتو ۽ وڻندڙ هوندو هيو جو ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هيم ته جيڪڏهن ”سگريٽ مون کي به اهڙو ٺهي جهڙو زاهد کي ٺهي ٿو ته جيڪر مان به پيئان“.

محمد سليمان ميراڻي

محمد سليمان ميراڻي

استاد به پنهنجا ترها تاري ويو

آصف رضا موريو


مون کي سال ته ياد ڪو نه آهي ته ڀائو محمد سليمان ميراڻي سان ڪڏهن پهرين ملاقات ٿي پر ۱۹۹۸ع يا ۱۹۹۷ع ۾ ساڻس ملاقاتن جي شروعات ٿي. جتي لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جي ”لوڪو شيد“ وارو ڦڏو سڌو حصو، شام ڌاري لاڙڪاڻو شهر جي کلاڙين لاءِ راندين جي ميدان جيان هوندو هيو. جتي مان روزانو جوڊو-ڪراٽي جي پريڪٽس ڪرڻ ويندو رهندو هيس. جتي شهر جي مختلف پاسن کان نوجوان رانديگر مختلف رانديون کيڏڻ ايندا رهندا هيا. اتي ئي مرحوم سليمان ميراڻي المعروف استاد بوبي، پنهنجي ٽيم جي دوستن سان ڪرڪٽ کيڏڻ ايندو رهندو ِهيو. جتي ساڻس روز جي بنياد تي کل کيڪار ٿيندي رهندي هئي. هلڪي قد ڪاٺ وارو هي جوان، ان دور ۾ به ڪرڪٽ کيڏندڙن لاءِ تمام گهڻو سهڪاري ڪردار هوندو هيو جنهن لاڙڪاڻو شهر ۾ نون سيکڙاٽن اندر ڪرڪيٽ راند کي ايترو ته پروموٽ ڪيو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.

سگهڙ فقير لکاڏنو نوتيار

سگهڙ فقير لکاڏنو نوتيار

ٿرپارڪر جو اڻ ملھ ستارو

محمد حسن نهڙيو


هن سونهاري سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي سگهڙن عالمن، فاضلن، ليکڪن، صوفين جنم ورتو آهي. اهڙن انمول انسانن مان ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڪلوئي جي ڀٽن جي ڀر ۾ ڳوٺ مهراڻي بيگن نوتيار ۾ هڪ سگهڙ لکاڏنو ولد محمد حسين نوتيار ۱۹۹۰ع ڌاري اجري اڱڻ ۾ پير پاتو. جيئن تہ لکاڏنو نوتيار ماءَ پيءَ جو اڪيلو پٽ آهي. ان وقت انهيءَ علائقي ۾ تعليم جو شعور گهٽ هو پر اتي اڃا تائين تعليم نه ھئڻ برابر آھي. سندس والد صاحب پرائمري تعليم جا چار درجا پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. غربت سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو. ۱۴ سالن جي عمر ۾ سنڌ جي نامياري سگهڙ فقير سڪندر علي جانيارو کان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي سمجهه ۽ تربيت جي شروعات ڪئي، جيڪا اڃان تائين جاري ۽ ساري آهي. ان بعد سندس استاد سڪندر علي جانيارو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام سڳنڌ ۽ سلسلو سرَهي سرَهي سوچ جي ميزبان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سگهڙ سيد ماڪن شاھ رضوي سان ملاقات ڪرائي. ان وقت ۾ سگهڙ فقير محمد لائق خاناڻي جت بہ ساڳي پروگرام جو لسنر هو. سگهڙ فقير محمد لائق خاناڻي جت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو پارکو هو، جنهن سان ملاقات سيد ماڪن شاھ رضوي ڪرائي. توڻي جو فقير محمد لائق خاناڻي جت عمر جو وڏو هو پر شاھ لطيف جي رسالي جو پتنگ عاشق هو. ان سان گڏجي سگهڙ لکاڏنو نوتيار بہ شاھ صاحب جي بيتن بابت خط و ڪتابت جو سلسلو شروع ڪيو آهي. سون جي تعداد ۾ شاھ صاحب جا اڻ ڇپيل ۲۰۵ بيت پروگرام سرَهي سرَهي سوچ ۾ موڪلي ٻڌندڙن ۾ مقبوليت ماڻي ۽ آهستي آهستي سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيو. سگهڙ فقير لکاڏنو نوتيار دوستن جو دوست ۽ يار ويس انسان آهي. سندس ويجھڙائي شاعرن، ليکڪن، صحافين، سگهڙن سان آهي. لاڙ پٽ جي جڳ مشھور شاعر ۽ دنيا ۾ پھريون ڀيرو ڪلام پاٽ جو سنڌي ٻولي ۾ منظوم ترجمو ڪندڙ مولوي حاجي احمد ملاح رح جون مونکي دوست لاءِ سٽون دل ۾ ياد اچن ٿيون دوست جي نانءُ ڪجن ٿيون.

21 December, 2025

گل محمد گاد

گل محمد گاد

سنڌ پرست دوست

منظور ڪوھيار


چيني فلاسافر ” لائوتز“ جو چوڻ آھي ته

Life and death are one thread; the same line viewed from different sides.

(زندگي ۽ موت هڪ ڌاڳي جيان آھن. جن کي ساڳي سڌائي ۾ مختلف طرفن کان ڏٺو وڃي ٿو۔)

موت, زندگي جو لاڳاپيل ۽ اڻٽٽ حصو آھي. ان کي ھر صورت ۾ تسليم ڪرڻ گھرجي. جيئن چئبو آھي ته موت ناھي مهڻو، پرڻو ناهي گار. پر ڏسڻو اھو آھي، ته مرحوم جو زندگي ۾ ڪو اھڙو ڦلدائڪ ڪم ٿيل ھجي، جنهن کي ماڻهو ياد ڪندي رشڪ ڪن.

رومن فلاسافر ”سسرو“ جو قؤل آھي ته .

The life of the dead is placed in the memory of the living

(مرحوم جي زندگي، زنده ماڻهن جي ساروڻين ۾ موجود ھوندي آهي)

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

سوانح ۽ سندس علمي ادبي ڪارناما

محمد پُنهل ڏهر

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ملڪ جي انھن ناميارن عالمن، اديبن ۽ محققن مان هڪ هو، جن تحقيق جي ميدان ۾ ملڪي سطح تي تمام گهڻي شھرت ماڻي. هن تاريخ ۶ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي ڳوٺ مٺا خان جوکيو (تعلقو دولتپور صفن ضلعو شھيد بينظيرآباد) ۾ محمد ابراهيم لاکي جي گهر ۾ جنم ورتو. محمد ابراهيم لاکي کي پنجن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد هو، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سندس پٽن جي اولاد مان ٻئي نمبر تي هو.

10 December, 2025

چاچو عبدالله مڪاني

چاچو عبدالله مڪاني

منظور ڪوھيار

ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجي ننڍپڻ جي دوست سهيل مڪانيءَ پڇيو؛ ”هاڻي شخصي تاثر يا خاڪو ڪنهن تي لکندين؟“

چيومانس؛ ”تو تي!“

چيائين؛ ”مون کي ڇڏ، پهريان بابا تي لک!“

سوچيم، ”سهيل تي ته ڪسو ڪانڊو لکي سگھجي ٿو. ھم عصرن تي لکڻ ۾ گھاٽي واڌي ٿي وڃي ته خير آھي. پر سندس پيءُ عبدالله مڪاني تي ڪيئن لکجي...؟ پاڙي جي بزرگن تي لکڻ مون کي اؤکو لڳندو آهي ته متان ڪا اڻ سڌيءَ طرح گستاخي نه ٿي وڃي. اڳ ۾ لاهوري محلي لاڙڪاڻي جي ٽن بزرگن محمد حسين عرف فقير غلام حسين مڪاني، قلندر بخش بدوي ۽ انيس انصاري تي ته سوانحي خاڪا لکي چڪو هيس. پر ڪا شڪايت موصول نه ٿي ھئي. سندن پونيئرن شڪر گذاري جو اظهار ڪيو هيو. مثلًا اسحاق انصاريءَ جو ۱۷ اپريل ۲۰۰۰ع تي، ڪراچيءَ مان موڪليل خط، ان جو شاھد آهي، جڏهن هو اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر هيو.

25 November, 2025

پروفيسر محمد هارون سومرو صاحب

پروفيسر محمد هارون سومرو صاحب

علم، انسانيت ۽ وقار جو روشن سفر

خادم حسين مشوري



سنڌ جي تاريخ ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا آھن، جيڪي صرف پنهنجي زندگي لاءِ نه، پر مستقبل جي نسلن لاءِ روشنيءَ جو سبب بڻيا. اهڙا ماڻهو علم، اخلاص، ۽ انسانيت جو اهڙو ميل رھيا آهن، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي. پروفيسر محمد هارون سومرو صاحب به اهڙو ئي انسان هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو هر لمحو علم جي خدمت، شاگردن جي تربيت، سماج جي بهتري ۽ انسانيت جي فروغ لاءِ وقف ڪيو. سندس زندگيءَ جو هر پل، هر قدم، هر سوچ اهڙي ھئي ڄڻ ڪنهن وڏي مقصد سان لکيل هجي، ۽ سندس وجود هڪ روشن منارو بڻجي ويو، جيڪو وقت جي گهمڻ سان به ختم نه ٿيو.

ڊاڪٽر ساجده پروين

ڊاڪٽر ساجده پروين

سندس لطيفي مونوگراف جو جائزو

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



ڊاڪٽر ساجده پروين جو جنم جولاءِ ۱۹۸۲ع تي گمبٽ (خيرپور) جي ڳوٺ مهتاڻا ۾ ٿيو. سندن والد عاشق علي بهليم جي ڪراچيءَ ۾ رهائش سبب هن پنهنجي سڄي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي، ايم فل ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيائين، جن ۾ سندس لکيل تحقيقي مقالا هن ريت آهن: شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو) ۲۰۰۷ع، ايم اي جو مونوگراف، سائين جي ايم سيد جون ادبي خدمتون، جديد تنقيدي نظرين جو سنڌي ادب تي اثر، پي ايڇ ڊي جو مقالو. اهي مقالا ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. کين جي ايم سيد ميموريل ڪاميٽي هيوسٽن آمريڪا طرفان مڃتا ايوارڊ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس سوسائٽيءَ پاران پي ايڇ ڊي ريسرچ ايوارڊ مليل آهن. هوءَ هڪ سرگرم اسڪالر ۽ استاد طور پنهنجون خدمتون ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سرانجام ڏيئي رهي آهي. ان کانسواءِ ريسرچ جرنلز ۾ سندس تحقيقي ڪم مختلف موضوعن تي شايع ٿيندو رهي ٿو، جن مان چند جا عنوان هن ريت آهن: استاد بخاريءَ جي رومانوي شاعري، لپ اسٽڪ فيمينزم، جديد سنڌي شاعريءَ جو روشن ستارو حسن درس، ساختياتي تنقيد ۽ سنڌي ادب، شيخ اياز جو هائڪو- هڪ مطالعو، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ پيار جو تصور. شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو) ايم اي جو مونو گراف مقالو ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو.

10 November, 2025

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ

(۱۱۶۵ - ۱۱۰۲ ھجري)



والد : شاھ حبيب الله.

ڏاڏو : عبدالقدوس شاھ.

پڙڏاڏو : جمال شاھ.

تڙڏاڏو : شاھ عبدالڪريم.

جنم ھنڌ : ھالا حويلي.

وڏن جو تعلق: ھرات سان.

۱- شاھ لطيف ننڍڙو هيو تہ سندس والد ھالا مان لڏي ڪٿي وڃي رهيو؟

جواب: ڪوٽڙي

۲- ڳوٺ وائي ۾ شاھ لطيف کي ڪنهن جي درسگاه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو؟

جواب: آخوند نورمحمَّد ڀٽي جي درسگاه ۾.

۳- شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪھڙين ٻولين جو عالم ۽ فاضل هيو؟

جواب: عربي، فارسي، ھندي ۽ سرائيڪي.