; سنڌي شخصيتون: ادريس راجپوت، محمد احسان لغاري، اعجاز ممنائي، سڪندر گلاب سومرو،
Showing posts with label ادريس راجپوت، محمد احسان لغاري، اعجاز ممنائي، سڪندر گلاب سومرو،. Show all posts
Showing posts with label ادريس راجپوت، محمد احسان لغاري، اعجاز ممنائي، سڪندر گلاب سومرو،. Show all posts

23 December, 2025

ادريس راجپوت

ادريس راجپوت

سنڌ جي پاڻي حقن جي مضبوط دفاع جي موڪلاڻي

محمد احسان لغاري


ڪجهه موڪلاڻيون رڳو هڪ شخص جو دنيا مان وڃڻ جو اعلان نه ڪنديون آھن، پر ھڪ عھد جي پڄاڻي ۽ نه ڀرجندڙ خال جو ڏس ۽ ڏک پڻ ڏينديون آھن. سائين محمد ادريس راجپوت جي وڇوڙي سان سنڌ اهڙي ئي لمحي مان گذري رهي آهي. هو رڳو هڪ آبپاشي انجنيئر نه هو، نه ئي صرف سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري آبپاشي ۽ پاڻي جو ماھر. هو اصل ۾ هڪ فرض شناس منتظم، ۽ اھڙا استاد هئا، جن واهن، بندن، پاڻي جي وهڪرن، ٻوڏن، پڇڙي جي کوٽن، موسمياتي ڦيرگھير، ڊيلٽا لاءِ پاڻي، ڪالاباغ جي نقصانن واري فني ٻولي کي عام ماڻهن جي سمجهه ۾ ايندڙ بياني ۾ تبديل ڪيو.