پروفيسر محمد هارون
سومرو صاحب
علم، انسانيت ۽ وقار جو
روشن سفر
خادم حسين مشوري
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو
پيدا ٿيا آھن، جيڪي صرف پنهنجي زندگي لاءِ نه، پر مستقبل جي نسلن لاءِ روشنيءَ جو
سبب بڻيا. اهڙا ماڻهو علم، اخلاص، ۽ انسانيت جو اهڙو ميل رھيا آهن، جنهن کي لفظن ۾
بيان ڪرڻ مشڪل آهي. پروفيسر محمد هارون سومرو صاحب به اهڙو ئي انسان هو، جنهن
پنهنجي زندگيءَ جو هر لمحو علم جي خدمت، شاگردن جي تربيت، سماج جي بهتري ۽ انسانيت
جي فروغ لاءِ وقف ڪيو. سندس زندگيءَ جو هر پل، هر قدم، هر سوچ اهڙي ھئي ڄڻ ڪنهن وڏي
مقصد سان لکيل هجي، ۽ سندس وجود هڪ روشن منارو بڻجي ويو، جيڪو وقت جي گهمڻ سان به
ختم نه ٿيو.