; سنڌي شخصيتون

25 September, 2018

استاد فتح علي خان


استاد فتح علي خان
سُرن جو بادشاھه
استاد عبدالغفور سومرو
۷۶-۱۹۷۵ع واري زماني ۾ گهڻو ڪري مارچ اپريل جا ڏينهن هئا. هڪ ڀيري ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ، لڳ محمد فقير کٽياڻ جي درگاھ تي فقير سائين جي ميلي ۾ استاد فتح علي خان کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ سندس کي ٻڌڻ جو موقعو مليو هيو. هتي راڳ ڏينهن جو ٿيندو آهي. صبح تقريبن ۹:۰۰ بجي کان سج لٿي واري نماز تي ختم ٿيندو هيو. هن درگاھ جي مين گيٽ کان داخل ٿيندي بلڪل سامهون محمد فقير کٽياڻ جي مزار واري چوڪنڊي آهي سندس ڀر ۾ برصغير جو تمام وڏو گائڪ استاد سينڌو خان دفن ٿيل آهي. اهو به وڏو سبب آ جو گوالياري گهراڻي جا سڀئي ڳائڻا جن جو خاص ڪري حيدرآباد ۽ ٽنڊو آدم سان تعلق آهي، اهي سڀ هن ميلي ۾ حاضري ڀرڻ فرض ۾ شمار سمجهندا هئا ۽ آهن. استاد منظور علي خان، غلام رسول خان، وزير علي خان، استاد فدا حسين، نياز حسين، وحيد علي خان، مختيار علي خان، شاگردن مان محمد عرس، دين محمد دمساز، ذوالفقار علي ۽ مظهر علي، لياقت علي وقت بوقت شرڪت ڪندا رهن ٿا.

24 September, 2018

شبنم موتي - سڪينه امام


شبنم موتي
املهه موتين جهڙي گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت
سڪينه امام
شبنم موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ ادبي، حلقو شبنم موتي جي شخصي، علمي ۽ سماجي کيتر ۾ ڏنل خدمتن کان چڱي ريت واقف آهي. شبنم موتي جو ڳاڻيٽو انهن جديد سنڌي عورتن ۾ ٿئي ٿو جن سنڌي نياڻين جي ترقي جي راهه ۾ آيل سموريون رنڊڪون پنهنجي همت ۽ طاقت سان هٽائي پاڻ کي رول ماڊل بڻائي اتساهه جو سبب بڻيون.

پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر - الطاف ابڙو


پروفيسر ڊاڪٽر مير منصف علي ٽالپر
تعليمي تفصيل تعارف بابت سندس ڳالهيون
الطاف ابڙو
مير منصف علي ٽالپر جو جنم خيرپور ضلعي جي تعلقي سوڀوديرو ۾ سن ۸ مئي ۱۹۶۰ ۾ ٿيو. سندس تعلق خيرپور تي حڪمراني ڪندڙ ٽالپر خاندان سان آهي. پرائمري تعليم، گورنمنٽ پرائمري اسڪول سوڀوديرو مان حاصل ڪيائين. جنهن بعد ميٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول سوڀوديرو مان ڪري، انٽر جي تعليم، خيرپور جي قديمي ڪاليج گورنمنٽ سپريئر سائنس ڪاليج ۾ پري ميڊيڪل شعبي ۾ حاصل ڪيائين. انٽر جي تعليم مڪمل ٿيڻ بعد، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ڪئمپس واري دور ۾، ڪيمسٽري شعبي ۾ بي ايس سي ڪيمسٽري فرسٽ پوزيشن ۽ ايم ايس سي آرگنيڪ ڪيمسٽري ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيائين. سال ۱۹۸۶ع ڌاري مير منصف شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ڪيمسٽري شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو. سال ۱۹۹۴ع ڌاري، مانسچر يونيورسٽي آف پولينڊ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. جنهن بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن کي پڙهائڻ جو سلسلو جاري رکيو. مير منصف ٽالپر، سال ۲۰۰۶ ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽريٿ پولينڊ يونيورسٽي انگلينڊ ويو. ڊگري حاصل ڪرڻ بعد واپس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پڙهائي جي شعبي کي سنڀاليائين.

17 September, 2018

مشتاق احمد راهو - مقبول راهو


مشتاق احمد راهو
ڀٽائي جي ڪردار ڄام راهوءَ جو تسلسل
مقبول راهو
هڪ اهڙي سخي مرد پنهنجي اندر ۾ زرخيز شخص مشتاق احمد راهوءَ جي آتم ڪٿا ڊگهي عرصي کان نيو سعيد آباد ويجهو ڳوٺ شهمير راهوءَ ۽ سندس پسگردائي سميت نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ضلعي مٽياريءَ جي ماڻهن کي متاثر ڪندي رهي آهي، جنهن پنهنجي خوبصورت شخصيت جي بدولت، وت ۽ وس آهر، پنهنجي علائقي جي غريب، بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن کي پنهنجي وجود جو حصو سمجهندي، ساڻن محبت جي انتها ڪندي نه رڳو سندن مالي ۽ اخلاقي مدد پئي ڪئي آهي پر تعليمي ترقي لاءِ پڻ سندس ڪاوشون تاريخ جو حصور رهيون آهن. هن شعور جي اک کوليندي ئي ڄاڻي ورتو هو ته ترقي جو پهريون ڏاڪو تعليم آهي. تنهن ڪري هن تعليم لاءِ هر کڄندڙ نٻل وک ۾سگهه پيدا ڪئي ۽ ان کي مضبوط بڻايو ته جيئن تعليم لاءِ کڄندڙ قدم اونداهي سماج جي راڪاسن هٿان ڪٿي هار نه کائي ويهي رهي  پوءِ هن ڌڙا ڌڙ پنهنجي علائقي جي غريب ۽ بي پهچ نوجوانن کي تعليم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اتساهيو۽ پنهنجا دروازا هنن لاءِ هميشه کولي رکيا ته جيئن هو ڪٿي ڪمزور ٿي ڪري نه پون ۽ سندن تعليم اڌ ۾ نه رهجي وڃي. بنا لوڀ ۽ لالچ جي مشتاق احمد راهوءَ سعيد آباد ويجهو ڳوٺ شهمير راهوءَ ۾ پنهجو انقلابي ڪم جاري رکيو ۽ اڄ تائين جاري رکيو پيو اچي توڙي جو هو پنهنجي سماجي حوالي سان جاگيرداراڻي سماج جو حصو ته رهيو پر هن پنهنجي ذات جي حساسيت سبب اهو ليبل ڪڏهن به پنهنجي مٿاڻ چاڙهڻ نه ڏنو ۽ ان جي ابتڙ هن اهڙا عملي قدم کنيا جن روايتن جا بت ڊاهي ڇڏيا. هن سماج جي اٿندڙ هر آڱر کي ڪٽي ڇڏيو ۽ هن نه رڳو مظلوم عوام پر مظلوم عورتن جي حقن کي پڻ پنهنجي ايجنڊا جو حصو بڻايو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ۽ ڏسندي ئي رهجي وئي ته هن پنهنجي نياڻين کي پڻ اعليٰ تعليم ڏياري ۽ اڄ سندس اهي نياڻيون ڊاڪٽر آهن.

29 August, 2018

غلام انور سهتو - غلام حسين خاصخيلي


غلام انور سهتو
املهه ماڻڪ شخصيت
غلام حسين خاصخيلي
غلام انور سهتو روزاني ”عبرت“ ۾ ۱۴ آگسٽ ۱۹۵۸ع ۾ شروعات ڪئي ۽ سندس ساٿ زندگي جي آخري گهڙين تائين عبرت گروپ آف پبليڪيشن سان سلهاڙيل رهيو. غلام انور سهتو سموري زندگي روزاني ”عبرت“ ۽ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ساٿ ۾ ساٿ نڀائيندي اخبار جي سرڪيوليشن کان وٺي اخبار جي سمورن معاملن ۾ سندس ساٿ وسارڻ جوڳو ناهي. غلام انور سهتو زندگيءَ جو سفر عبرت سان نڀائيندي پورو ڪيو. هِن دنيا مان هر ڪنهن کي اُن منزل ڏانهن راهي ٿيڻو آهي جنهن منزل ڏانهن انور سهتو روانو ٿي ويو آهي. اهڙيون املهه ماڻڪ شخصيتون پنهنجي زندگيءَ ۾ بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪري کين زندگيءَ ۾ مڃتا ملي ٿي. عبرت گروپ آف پبليڪيشن ۾ روزاني ”عبرت“ جي شروعات وارن ڏهاڙن ۾ قاضي عبدالمجيد عابد طرفان جڏهن اخبار جي شروعات ڪئي وئي ته ان وقت انور سهتي عبرت اخبار ۾ ملازمت وٺندي عبرت سان ساٿ آخرين گهڙين تائين نڀايو. قاضي عبدالمجيد عابد کان وٺي قاضي اسد عابد تائين غلام انور سهتو عبرت گروپ آف پبليڪيشن سان ساٿ نڀائيندي اخبار جي لاءِ جيڪا محنت ڪئي اها تعريف جوڳي آهي. اهڙين املهه شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪندي سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو هي بيت کيس ارپيون ٿا.

02 August, 2018

مختيار مغل - منظور ڪوھيار


مختيار مغل
(يادگيريون)
منظور ڪوھيار
البم ۾ ھن پراڻي فوٽو کي ڏسي مير عبدالحسين سانگي جو شعر ياد اچي ويو:
ياد ڪيو ياد ڪيو، ياد ڪيو سي
وسري جي وڃن دل تان لهي دوست پراڻا
هن فوٽو جي وچ تي سفيد پينٽ شرٽ سان مختيار احمد مغل بيٺو آهي، جيڪو ڪيترا سال اڳ اسان کان اوچتو وڇڙي ويو. پر ان يار جون ڳالهيون ۽ طرز بيان اڃا تائين نه وسريو آھي. پيشي جي لحاظ کان استاد، ۽ اعلى درجي جي وضع قطع رکندڙ ۽ سليقي شعار شخصيت هيو. ڏسڻ سان لڳندو هيو، ته ڄڻ کيس ڌوٻي کنڀ مان ڪڍي، تار تي سڪائي، ڪپڙن سوڌو استري ڪري موڪليو هجي. هميشه صاف سٿرو، ۽ فضيلت ماب. ڪرسيءَ تي ويهڻ کان اڳ ڪرسي کي جاچيندو ته ميري سيري ته ناهي. جي آهي، ته ويهڻ کان اڳ کيس چڱيءَ ريت اگھندو، ۽ پوءِ ويهندو. وري ويهندو به اهڙي طرح جو مجال آ جو ڪپڙي کي ڪو گھنج اچي، ڀل کڻي ويٺي ورھ گذري وڃن. پاڻ ڪوشش جي باوجود به مختيار وانگر ويهڻ نه سکياسي، ڪچهري ڪندي اڌڪلاڪ کانپوءِ ڏس، ته آڳو گابي چٻاڙيل ۽ قميص جون ٻانهون گھنجيل.

27 July, 2018

اڪبر جسڪاڻي


اڪبر جسڪاڻي
ادبي بورڊ ۽ بِندريون ديوارون
ضراب حيدر
ڄامشوري جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!؟
ڄامشورو جيڪو دلرُبا ئي آهي، هُن جيڪي زخم جيڪي گهاءَ ڏنا آهن سي ڇُٽا ئي ڪٿي آهن، اڄ به اُهي سمورا ڦٽ تازا آهن جهڙا ورهيه اڳ هئا. سنڌوءَ جي اولهاوين ڪڙ تي هي پٿريلو قصبو خبرناهي ڪيڏن قصن ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي.

26 July, 2018

منگهارام اوجها


منگهارام اوجها
پراڻي پارڪر جو ليکڪ
ڀارومل امراڻي
ملير جي مٽيءَ پاران ڏنل ڏُٿ جي ڏات کي صحيح ڪارج عمل ۾ آڻي ڌرتيءَ جو قرض لاهيندڙ ۾ منگها رام اوجها جو نالو “صف اول” ۾ شامل آهي.
هن جي قلمي پورهئي جي طفيل پارڪر جو پٽ، موهن جي دڙي ۽ اروڙ جي اتهاس سان گڏ جرڪيو. هن تاريخ ۽ ثقافت جي سنگم کي لفظن جي روپ ۾ آڻي پوري برصغير جي تهذيبي ادب تي “پاري نگر” جي بندرگاهه، “ڪارونجهر” جي ڪهاڻين ۽ ڀالوا جي ڀوپت (وڻندڙ) رنگن جا ترورا ڦهلايا.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو


ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
علمي ۽ ادبي خدمتون
 جامي چانڊيو
سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جن جي دانش ۽ ڪم جي پوريءَ طرح مڃتا نه ٿي آهي. سنڌ ۾ شين جي پرک، عقلي (Rational) ۽ علمي ڇنڊڇاڻ ۽ سندن جائز حيثيت جي تعين جي روايت اڃان پختي ناهي. تاريخ جو ڊگهو عرصو غلام، محڪوم، محروم ۽ ويڳاڻپ جو شڪار رهڻ ڪري عام طور جيڪي سماجي ۽ نفسياتي ڪمزورين اهڙن معاشرن ۾ پيدا ٿينديون آهن، اُنهن جو شڪار اسين به ٿيا آهيون ۽ پنهنجن املهه ماڻڪن جو گهربل قدر نه ڪرڻ به اهڙين ڪمزورين مان هڪ آهي. ڊاڪٽر ٻوهيو جنهن سطح جو عالم، مفڪر ۽ اديب هو ۽ هن سڄي زندگي جن وڏن ۽ بنيادي موضوعن تي نهايت علميت ۽ گهرائيءَ سان سوچيو ۽ لکيو، جي اُهي اڄ به اسان جي سماجي، فڪري ۽ ادبي ايجنڊا تي گهربل اهميت سان سامهون اچن ته مان پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته سنڌي ادب ۽ سماج صحيح معنيٰ ۾ هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.

محمد علي پٺاڻ

محمد علي پٺاڻ
هڪ سچيت تخليقڪار
نصير ڪنڀر
اڄ ۳ فيبروريءَ جي ڏينهن هن جي پنجونجاهين سالگرهه آهي. انهي عرصي دوران هن پنهنجي زندگي جون ڪجھه ڪڙيون ڪجهھ مٺيون حقيقتون ڏٺيون. انهي جي بدلي هن هرڪنهن سان پيار ڪندي پنهنجي قلمي پورهي کي ٽائيم ڏنو. پاڻ هن جي ادبي پورهيئ تي نظر وجھون ٿا. محمد علي پٺاڻ سان منهنجي روبرو ملاقات ته ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ٿي. پرهن جي ڪهاڻي ”ستون نمبر“ مون وٽ هن جو تعارف پهرين ڪرايو. سنڌ جي اتر واري علائقي ۾ ناسور بڻيل ڏوهه ”ڪارو ڪاري“ جي پسمنظر ۾ لکيل هي ڪهاڻي تمام جاندار ۽ ذهن کي جنجھوڙيندڙ آهي. جنهن ۾هڪ همراهه ٻئي جودڪان ڦٻائڻ لاءِ جتي وٺڻ جي بهاني دڪان ۾ وڃي ٿو. دڪاندار کي چوي ٿو “ يار ليڊيز جتي کپي نمبر ياد ڪونهي.” دڪاندار چوي ٿو“ عام طور ليڊيز نمبر ست هوندو آهي. اوهان هي ست نمبر وارو چپل وٺي وڃو جي نه ته صبحاڻي بدلائي وٺجو.” همراهه چپل ڏسي چوي ٿو “ ها هي بهتر رهندو.” ٻئي ڏينهن اهو ماڻهو اچي ٿو ۽ دڪاندار سان اچي جهيڙو ڪري ٿو ته منهنجي زال جي پير جي نمبر جي توکي خبر ڪيئن پئي. ضرور تون منهنجي زال سان ڦٽل آهين. دڪاندار ڀڄي جان بچائي ٿو. نيٺ فيصلو سردار وٽ وڃي ٿو. زندگي جي بخش ۾ ڏنڊ طور رقم لاءِ همراهه کي دڪان جو سامان، گهر سڀ وڪڻڻا پون ٿا. الزام هڻندڙ انهي رقم مان ٻني وٺي ٿو. محمد علي پٺاڻ جي هن ڪهاڻي  “ڪارو ڪاري” جهڙي ڪڌي رسم جا بکيا جيئن اڊيڙيا آهن ائين تمام گهٽ ڪهاڻين ۾ نظر آيو آهي. اسين ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ملياسين، تڏهن به هي ڪهاڻي اسان جي ڪچهري جو موضوع هئي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن محمد علي دوستي جو ڀرم رکندي اهو رشتو نڀايو اچي. پاڻ منهنجي ڪا به تحرير پڙهيائين ته ضرور فون ڪري نه صرف انهي تحرير تي  حال احوال ڪندو، پر ڪمين ڪوتائين تي به ڳالهائيندو.

امداد سهتو


امداد سهتو
ساهتي جو سهڻو شاعر
منظور سولنگي
امداد سهتو ۽ منهنجو تعلق ساهتي پرڳڻي جي انهيءَ شهر سان آهي جنهن سان پهرين سنڌي اخبار جي ايڊيٽر عبدالرحمان قاضي جو هئو. ڳائڻ ۾ منفرد اسلوب رکندڙ ماسٽر چندر جو تعلق به هن شهر سان هو ته وري سنڌي ادبي سنگت جي چئن بانيڪارن مان هڪ گوبند مالهي به هن شهر ۾ جنم ورتو. پاڪستان کان اڳ مزاح جي وڏي نالي نوري مشڪري جو به تعلق هن شهر سان هئو. شايد اهو ئي سبب ۽ اثر هو جو اڳتي هلي سائين غلام قادر سومري سنڌي ادب ۾ طنز و مزاح جي عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ مون (منظور سولنگي) شعوري ۽ طنزيه ڪالم ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ لکيو.

28 June, 2018

امداد بلوچ


امداد بلوچ
الڳ ۽ منفرد طبيعت جو شخص
مٺل جسڪاڻي
امداد بلوچ، مورو کان نيو جتوئي روڊ تي ڳوٺ ھوت خان بھراڻي جي ھڪ غريب ڪٽنب ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙو ھو، ته ان ئي علائقي جي ماڻھن کي تعليم پرائڻ لاءِ ميسر موجوده دور جون سھوليتون نه ھيون، ان ھوندي به، ننڍپڻ کان حوصلي ۽ ھمٿ سان، سنڀالي قدم پٺيان قدم کڻندو، ڏاڪي کان ڏاڪو چڙھندو، اڳتي وڌيو، ته وڌندو ئي ويو.
امداد بلوچ پڙھيو، پرايو، ته ھاڻي ڳوٺ ڪو قسمت سانگي، سال ۾ ھڪ دفعو ضرور ويندو آھي، پر ڳچ عرصو عرب ملڪن ۾، گھڻو وقت دبئي ۾ گذاري ٿو.

18 June, 2018

شيخ محمد اسماعيل


شيخ محمد اسماعيل
شاهه جو پارکو، محقق ۽ تعليمي ماهر
طارق عزيز شيخ
شيخ محمد اسماعيل سنڌي ادب ۽ لطيف شناسيءَ جي انهن عالمن منجهان هو جيڪي ڪنهن غرض کان سواءِ علمي پورهيو ڪندا رهندا آهن. پاڻ سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، سنڌ جي تاريخ، درسي ڪتابن ۽ لطيف بابت تحقيق تي مڪمل عبور رکندو هو. پاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورد، سنڌي ادبي بورڊ، ثقافت کاتي، لطيف چيئر ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جهڙن ادارن جي مختلف تحقيقي پروجيڪٽن ۾ دلجوئي سان ڪم ڪيائين.