; سنڌي شخصيتون

07 August, 2019

سُهراب گوپانگ - حفيظ چانڊيو


سُهراب گوپانگ
مسڪينن جو مسيحا
حفيظ چانڊيو
بنهه ٿورڙا ماڻهو ٻين جي جيون جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ رات ۽ ڏينهن پير پٿون ڪندا آهن، سندن اهنج ۽ ايذاءَ جي خاتمي تائين سک سان ناهن ويهندا، سندن جواني به انساني تشخص جي بحاليءَ لاءِ ارپيل هوندي آهي، اهڙو مقصد عظيم مقصدن مان هڪ آهي، جنهن جي مدد سان هو ٻين جا ٻانهن ٻيلي ٿيندا آهن، اها ان قوم جي خوشنصيبي ئي چئجي جو سندس ڪُک مان اهڙن انسان دوستن جو جنم ٿيندو آهي، انسانيت سان پيار ڪندڙن جو به هڪ الڳ ويڙهو آهي، ان ويڙهي ۾ سڀ حساس طبعيت رکندڙ رضاڪار ٻين جي ڏُکن تي ڏکي پوندا آهن، سندن قافلي جا رخ انسانيت جي علمبرادريءَ ڏانهن هوندا آهن، پرائي دردن کي پنهنجائي جيئڻ سندن شيوو هوندو آهي، اهڙي انساني همدرديءَ واري جذبي سان سرشار نوجوان سهراب گوپانگ به هڪ آهي، جنهن جو جنم ۰۱ آڪٽوبر ۱۹۷۷ع ڌاران ڳوٺ پليو گوپانگ جي هڪ نيڪ مرد رستم خان گوپانگ جي ڪکائين گهر ۾ ٿيو، جيتوڻيڪ سندس والد ڳوٺ جي هر ننڍي وڏي مسئلي تي ساڻن اڀي پير گڏ  بيٺو رهيو، پر ڪڏهن به هن مانجهي مڙس کانئن ڪنهن شيءَ جي طمع نه رکي، بي ضرر ۽ بنا ڪنهن لالچ لوڀ جي، هن پنهنجي سموري ڄمار ڳوٺ ۾ موجود ماڻهن جي لاءِ جهڙوڪ ايڌي جيان ڪردار ادا ڪيو، سهراب پنهنجي پيءُ ماءُ جو اڪيلو پُٽ آهي، مسڪيني حال آڌر هنن سندس پرورش ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي، تڏهن ته سهراب پنهنجي هڪ جيڏن کان بنهه مختلف آهي، سندس ڳوٺ ۾ موجود سندس هم عصر اڄُ به هارپو ڪندا آهن، هي ڳوٺ جو واحد نوجوان آهي، جيڪو سندن هر ڏُک ۾ ساڻن رات ۽ ڏينهن گڏ رهيو آهي،  هن جي انساني همدرديءَ وارو قافلو جيتوڻيڪ مختصر ماڻهن تي مشتمل آهي، پر مخلص ۽ محبتي آهي، جيڪو ڪڏهن به خاموش ناهي ويٺو، تحرڪ سندن خمير ۾ شامل رهيو آهي، ڇو جو سندس والد رستم خان  به ساڳي مزاج جو هڪ شاندار شخص هو،جنهن مارن جي خوشحاليءَ ۽ صحتيابيءَ لئي پاڻ پتوڙِيو هو، سهراب جو قافلو مختصر ماڻهن تي مشتمل کڻي ڇو نه هجي، پر سندس اهو قافلو مخلوق لاءِ مڌ آهي، مسلسل جدوجهد جو نت نئون روپ آهي جيڪو بيهڻ جو نانءُ نه ٿو وٺي ۽ کٽڻ سندس شيڊيول ۾ ناهي، سندس علائقي ۾ ڪيل خدمتن ۾ ڳوٺ ۾ پرائيوٽ ڪلينڪ جو قيام، اسڪول لاءِ ڀڄ ڊڪ، صحتمند معاشري جي تعمير لاءِ علمي، ادبي پروگرامن سان گڏ تفريحي پروگرام منقعد ڪرڻ سر فهرست آهن، جيتوڻيڪ هر پاسي ڏينهون ڏينهن نفرت جي ڄر وڌندي ويجهندي رهي ٿي، جنهن جي زهر کي بي اثر ڪرڻ لاءِ هو محبتن جي گُلابن جي پوک ڪندو رهي ٿو ته جيئن سندس ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ موجود بيمار ۽ زنگيل ذهن دنيا سان شانه بشانه هلڻ جي سگهه ساري سگهن، سندس ان سفر ۾ هن جا موبي پٽ رستم خان، مهراب خان، سرفراز علي ۽ دوست سڪندر علي گوپانگ به شامل آهي، سڪندر گوپانگ معذور هوندي به سهراب گوپانگ سان هر قدم تي گڏُ رهيو آهي.

يعقوب ذڪريا


يعقوب ذڪريا
فطري اداڪاري ڪندڙ
سيد يار محمد شاهه

سنڌ جي فن جي تاريخ ۾ يعقوب ذڪريا هڪ وڏو نالو ۽ وڏو فنڪار هو. هو غريب ڪلاس سان تعلق رکندڙ حيدرآباد ۾ فورسيٽر ۽ رڪشا هلائي پيٽ پالڻ وارو فنڪار هو. ريڊيو هجي، اسٽيج هجي، ٽي وي هجي يا سنڌي فلم هجي، نور محمد لاشاري کانپوءِ يعقوب ذڪريا اهو نيچرل فنڪار هو جنهن کان سنڌي پروڊيوسرن کان وڌيڪ اردو پروڊيوسر متاثر هوندا هئا. اردو پروڊيوسر اقبال انصاري جنهن کي آئون به پنهنجو استاد مڃيندو آهيان، ان جڏهن ڊراما سيريل ”ڪاروان” ۾ يعقوب ذڪريا کان سکان جي پيءُ جو ڪردار ڪرايو، جيڪو هن نيچرل طريقي سان ڪيو. هن غريب ٿريءَ جو ڪردار، گڏهه تي چڙهي، ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي دهل وڄائي پنڻ وارو ڪردار ايڏو نيچرل ڪيو جو سڄي ڊرامي ۾ اهو ئي ڪردار نيچرل ٿي لڳو. ان کان اڳ جرمنيءَ مان ايوارڊ ماڻيندڙ پروڊيوسر هارون رند مرحوم جي ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ کان وٺي، پنهنجي خوبصورت اداڪاريءَ سان محبت ڪرڻ واري شخصيت کي هر ڪنهن جي بڪنگ جو کيس اونو هوندو هو. نه صرف پنهنجي لاءِ پروڊيوسرن وٽ ويندو هو، پر جڏهن به محسوس ٿيندو هو ته فلاڻو اداڪار يا اداڪاره وٽ ڪم نه آهي ۽ ان جي معاشي حالت درست نه اٿس، ڪنهن سان اظهار به نٿو ڪري سگهي ته يعقوب ذڪريا اهو محسوس ڪرڻ کانپوءِ، ان جي لاءِ هر پروڊيوسر وٽ هلي وڃي ڪم حاصل ڪري، ان اداڪاره يا اداڪار کي فون ڪرائي ڏاڍو خوش ۽ مطمئن ٿي ويندو هو.

03 August, 2019

اقبال رند - حفيظ چانڊيو


اقبال رند
سماجي خدمتن جو خوبصورت نانءُ
حفيظ چانڊيو
سينوارجي ويل سماج ۾ جتي لفاظن جي ويڙهه ۾ انسان اڪيلائي جي اس ۾ اڪيلو بيٺو هجي، سندس ڪير به پيار ۽ پنهنجائپ جو پاڇو ٿيڻ لاءِ تيار نه هُجي، اتي سماج مفاد پرستيءَ واري لوڙ ۾ لڙهي ويندا آهن.
اهڙي سماج اندر ڪنهن مان چڱائيءَ جي اميد ڪرڻ يا رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهڙڻ جي برابر هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته جتي چڱائي ڪرڻ به ڍنڱرن تي اٽي هارڻ برابر هجي، اتي هن سماج جي تصوير ڪنهن شاعر جي هنن سٽن جيامن وڃي بيهي ٿي:
دور چڱائيءَ جو زمانا ويو ٿي  ختم
هٿَ گهمائي هر ماڻهو اڳــتي ڪجـي.

جبار آزاد منگي- حفيظ چانڊيو


جبار آزاد منگي
سنڌ جو کاهوڙي ڪردار
حفيظ چانڊيو
جتي زندگي وهه جو وٽو لڳڻ شروع ٿي ويندو آهي، اتي اذيتن جو احساس ٿيڻ اڻٽر ٿي پوندو آهي، اذيتن مان گذرڻ باوجود زندگيءَ کي بامقصد بنائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. ان باوجود ڪي ڪي ماڻهو زندگيءَ کي پنهنجي علمي بصيرت سان، محبت سان، ڪمٽمينٽ سان سليقي سان گهاريندا آهن، ان حوالي سان سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آهي، جن ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندي، ڪٿي گهٻرايو ناهي، سنڌ دنيا جي ڌرتي آهي جيڪا قدرت جي هر نعمت سان مالامال رهي آهي، ساڳي ئي نموني هن جي ڪُک مان لاتعداد ماڻهن جنم وٺي، سندس مان مٿاهون ڪيو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي ميدان ۾ ٻوليءَ جا لاتعداد گهڻگهرا پيدا ٿيا آهن جن ۾ نامور ليکڪ، ريڊيو ڪمپيئر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس عبدالجبار “آزاد” منگي به هڪ آهي، عبدالجبار آزاد منگي جو تعلق، شهر نصيرآباد، تعلقي نصير آباد سان آهي، جنهن ۱۸ مارچ ۱۹۶۰ع تي روينيو ڊپارٽمينٽ جي سپروائيزر عبدالرحيم منگيءَ جي گهر ۾ اک کولي.

سيد عبدالرحمان شاهه - جاويد احمد پنهور


سيد عبدالرحمان شاهه
فرشته صفت انسان
جاويد احمد پنهور
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
الله پاڪ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ ارشاد فرمايو آهي ته ”بيشڪ مون انسان کي سهڻي تقويم ۾ پيدا ڪيو آهي،“ ڪڏهن ڪڏهن ڪي انسان ڄمندي ڄام هوندا آهن ڪي وري تدريسي طور پنهنجي محنتن ۽ ڪاوشن جي ڪري پنهنجي منزل ۽ مقام تي پهچندا آهن. اڄوڪيون سٽون هڪ اهڙي ئي فرشته صفت انسان ۽ بي مثال شخصيت لاءِ جنهن جهڙا انسان صدين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن اها بلڪل هڪ چئي حقيقت آهي ته هن سائين جو مزاج ئي نرالو هو، سيد عبدالرحمان شاهه جو جنم دادو ضلعي جي ڳوٺ پياري ڳوٺ ۾ سيد جان محمد شاهه جي گهر ۾ ۱۲ ڊسمبر ۱۹۳۱ع تي ٿيو. پرائمري تعليم پيارو ڳوٺ ۾ محمد يعقوب پنهور ۽ محمد ادريس پنهور وٽ حاصل ڪئي، (محمد يعقوب پنهور جو ذڪر ايم ايڇ پنهور زرعي ماهر اسڪالر پنهنجي سوانح حيات ۾ ڪيو آهي ته منهنجي استادن ۾ هي هڪ بهترين استاد هيو)، محمد ادريس پنهور (شمس العلماءِ دائود پوٽو پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ هن استاد جو ذڪر ڪيو آهي). عبدالرحمان شاهه جي تعليمي تربيت جي شروعات اهڙن استادن کان ٿي، جن جي نگراني ۾ فائنل جو امتحان ڏنو، ۱۹۴۹ ۾ پرائمري استاد ٿيو، پهرين پوسٽنگ تعلقي جوهي ۾ ٿيس. بي اي ۽ بي ٽي ۱۹۶۲ع ڪيائين، انگريزي ۽ اسلامي تعليم ميهڙ جي سيد علي اڪبر شاهه جي قائم ڪيل جامع عربيه اسڪول تلڪ چاڙهي حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ان تعليم کي اڳتي وڌائيندي يونيورسٽي آف سنڌ مان ايم اي عربي ۾ ڪيائين ۽ چند سالن بعد اردو ۾ پڻ ايم. اي ڪئي. اعلى نمبرن ۾ پاس ٿيڻ سبب پرنسپال سيد جلال الدين شاهه کين اتي ئي انسٽرڪٽر ڪري رکيو، جنهن سبب جي ڪري سندن هم عمر استاد به سندن شاگرد ٿي پيا ۽ سڀئي کين استاد سڏڻ لڳا.

02 August, 2019

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر


  منهنجو استاد
مير نادر علي ابڙو
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر سان منهنجي هلڪي ڦلڪي واقفيت ۱۹۸۸ع ۾ ئي ٿي وئي هئي، جڏهن مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ يارهين جماعت ۾ داخلا ورتي هئي، ان وقت ڊاڪٽر سوڍر پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪاليج ۾ ڪم پئي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جو ليڪچر ڏيڻ جو انداز تقريبن سڀني پروفيسرن کان منفرد ۽ مختلف هئو، هو ليڪچر اهڙي نموني ته  ڏيندو هو جو انهي ليڪچر جو اکر به اکر اڄ ڏينهن تائين ياد آهي. ليڪچر دوران هو شاگردن سان استاد ۽ شاگرد وارو نه بلڪه دوستن وارو رويو رکندڙ هو، سندس آواز چٽو ۽ روب تاب وارو هوندو هو. اسان شاگردن سان هو رليل مليل هوندو هئو. کلندي کلندي سندس پيرڊ پورو ٿيندو هو، ڪوبه ڪلاس ۾ شاگرد اهڙو ڪونه هوندو هوجيڪو سندس ليڪچر مان بيزار ٿئي بلڪه شوق سان ويهي ٻڌبو هو. هو اسان شاگردن کي نه فقط تدريسي تعليم ڏيندو هو بلڪه اخلاقيات تي به گهڻو ڪجهه زندگي گذارڻ تي سمجهائيندو هو، اسان ڪجهه شاگرد هئاسون جيڪي پابندي سان روزانه ڪاليج ايندا هئاسون. ڊاڪٽر سوڍر سان منهنجي ڪچهري تقريبن روز ٿيندي هئي. هن جي ڪاليج ۾ رڳو استاد جي حيثيت ۾ پهچان ڪونه هئي. بلڪه هو هڪ سنڌ جو محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت ۾ پڻ مشهور هيو. تمام ئي ٿورن استادن ۾ اها ڏات قدرت طرفان مليل هوندي آهي ته انهن سان ڪاليج جا شاگرد رلي ملي وڃن. ڊاڪٽر شاهنواز واقعي به انهن استادن منجهان هئو، جنهن جا اسان شاگردن سان دوستانه تعلقات هئا. هن ۾ اها وڏي خوبي هئي، ته هو ننڍن لاءِ پيار ۽ وڏن لاءِ عزت رکندڙ هئو، هن ۾ اخلاق جا ته انبار هئا. اخلاق ڪوئي ڊاڪٽر سوڍر کان سکي. اسان جي معاشري ۾ ڪاليج ڪلچر کان ڪير واقف نه آهي. جتي نوجوان گرم خون هجڻ ڪري اڪثر اختلافي ٽولن ۾ ورهائجو وڃن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اختلاف چوٽ چڙهڻ ڪري هڪ ڇت هيٺ پڙهندڙ شاگرد به پاڻ ۾ مرڻ مارائڻ جي حد تائين پهچيو وڃن. اهڙن موقعن تي ئي دانشمند ۽ صابرين استاد جي مداخلت جي شدت سان ضرورت محسوس ٿيندي آهي. مون ڪافي اهڙن موقعن تي ڏٺو ته ٻن مخالف شاگرد ڌرين ۾ ڊاڪٽر سوڍر وچ ۾ پئي جاني ۽ مالي نقصان کان شاگردن کي بچايو.

خيرالنساءِ جعفري

خيرالنساءِ جعفري
هڪڙي هئي خيرو!
جامي چانڊيو
زندگيءَ ۾ اڳتي نهارجي ٿو ته وقت جو احساس ئي نه ٿيندو آهي. لڳندو آهي وقت اڳتي سُري ئي نه ٿو. زندگي ڄڻ ته اوسيئڙو ۽ انتظار ٿيو پوي. وري جڏهن ڪا ياد، ڪو وڇڙي ويل ماڻهو، ڪو گذري ويل پل يا حادثو، ڪا پوئتي رهجي ويل سار، ڪي اَڌ ۾ رهجي ويل ماضيءَ جون وِکون، ڪنهن لمحي هنيانءَ ۾ چُهنڊي پائي زندگيءَ ۾ پٺتي نهارڻ تي مجبور ڪنديون آهن ته ماڻهوءَ کان بي ساخته دانهن نڪريو وڃي، مارِ! زندگي ته بس ڪجهه يادن، حادثن، ناڪامين، ڪاميابين، حسرتن ۽ اَڌ ۾ رهجي ويل اُڌمن ۽ ڪنهن اڄاتل بيوسيءَ ۽ اداسيءَ جو نالو آهي. ماڻهوءَ جي حياتي بس ڪجهه پاڻمرادو کنيل ٻرانگهون ئي ته آهن. ماڻهوءَ جو ٻاروتڻ ته هڪ ڌنڌلي خواب جيان اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي. اسان وٽ ته گهڻن تي ٻاروتڻ ايندو ئي ناهي. خوشين کانسواءِ ڪهڙو ٻاروتڻ! ماڻهوءَ جي ٻي ٻرانگهه بي پرواهه جوانيءَ ۾ ته ٽين ٻرانگهه ۾ ماڻهو پيريءَ کان ٿيندو وري ٻاروتڻ ۾ پڄيو وڃي. بس فرق رڳو ايترو آهي جو ٻاروتڻ ۾ زندگي بي پرواهه ۽ سراپا اتساهه هوندي آهي ۽ پيريءَ ۾ بس هڪ بارُ!

شير محمد لاشاري - استاد لغاري


شير محمد لاشاري
پورب ويا پيهي - سندس ياد ۾ تاثر
استاد لغاري
“دُک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ،
مون لاءِ مري وئين تون، هن تار اُماڻي آ.”
(اياز گل).
بتاريخ ۰۳ جولاءِ ۲۰۱۹ع بروز اربع تي، معمول مطابق جيئن ئي صبح جو سوير چئين وڳي اُٿي، مون پنهنجو موبائيل فون کوليو، ته فورن مئسيج لڳو، “چاچا سائين! منهنجو والد صاحب شير محمد لاشاري فوت ٿي ويو آهي”. (ننڍو فرزند انيس احمد لاشاري) منهنجي روح مان هڪ اهڙي ته رڙ نڪري ويئي، جيڪا يقينن ڪنهن کي به ٻڌڻ ۾ ڪو نه آئي هوندي. ليڪن ست زمينن ۽ ست آسمانن تائين ضرور پهتي هوندي. “الم، درد، حسرت، فغان، آھ، زاري. حشر هي ٿئي ٿو بپا روز روز”. (ضياءَ خياروي) امرجليل چيو هو، “زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو ظاهري گھاءُ نه ٿيندو آهي. اها گولي، انسان جي جسم کي نه، پر ان جي روح کي چيري، ان مان آرپار نڪري ويندي آهي. ان گوليءَ جو ظاهري زخم ڏسي نه سگھبو آهي، فقط محسوس ڪري سگھبو آهي. ان گوليءَ جو درد، هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهي ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهندو آهي”. ان صبح جو ٺيڪ چئين وڳي، منهنجي روح مان، دُک، درد، الم ۽ اندوھ جي جيڪا گولي آرپار نڪري ويئي هئي، اها ظاهر ۾ ته منهنجي جسم کي چيري ڪو نه سگھي هئي، البت اها گولي، ست زمينون ۽ ست آسمان ضرور چيري ويئي هوندي. آھ! شير محمد لاشاري!!!

سيد موٽڻ شاھ - خادم رند


سيد موٽڻ شاھ
ڀلوڙ صوفي راڳي
خادم رند
سچل سرمست جي درگاھ سان لاڳاپيل سنڌ جو مشهور ۽ ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪندڙ ڳائڻو سيد موٽڻ شاھ هينئر اسان ۾ نه رھيو آھي. ھو وڏي عرصي کان شگر، ساھ جي تڪليف ۽ فالج جهڙن موذي مرضن سان جهيڙيندي ڇنڇر ۲۷ جولاءِ تي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ۷۳ سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس مڙھ ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ راھوجا آڻي سوين آلين اکين جي موجودگيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

24 July, 2019

سيد اظهر گيلاني


سيد اظهر گيلاني
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
ٻه سؤ کان وڌيڪ ڪتابن جي خالق ۽ مالڪ، سيد اظهر گيلانيءَ جي وفات جو ڏينهن، تاريخ ۲۲ جولاءِ ۽ سائينءَ جي لاڏاڻي جو سال ۲۰۰۶ع آهي. نثر ۽ نظم جي ٻن سؤ ڪتابن مان پورا هڪ سؤ ڪتاب شاعريءَ جي مختلف صنفن تي لکيائين. فقط غزل جا ٻاويھ ديوان لکي مڪمل ڪيائين، جن مان ٻه چار پاڻ ڇپرايائين، باقي سڀ اشاعت لاء آتا آهن.

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي - شوڪت شورو


ورھائجي ويل سنڌي ادب جو اسڪالر
شوڪت شورو
سنڌي ٻولي ۽ ادب جنھن تيز رفتاريءَ سان ترقي پئي ڪئي، ان کي ورھاڱي کان پوءِ ڄڻ بريڪ لڳي ويو. ڪجھ سالن جي ماٺار کان پوءِ جڏھن وري نئين سر شروعات ٿي ته ان ۾ سست رفتاري ھئي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ کي جيڪو ڌڪ لڳو، ان جي تلافي نه ٿي سگھي آھي. ڪراچي ۽ ڪجھ ٻين وڏن شھرن ۾ سنڌي ٻولي جي اڳوڻي حيثيت ختم ٿي وئي. اھا گھڻائي بدران ٿورائيءَ واري ٻولي بڻجي وئي. ھوڏانھن سنڌ مان لڏي ويل سنڌي انڊيا ۾ ٽڙي پکڙجي ويا، ان ڪري سنڌي ٻولي کي گھڻي عرصي تائين سنڀالي سلامت رکي نه سگھيا. سنڌي ادب ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو. تحقيق ۽ تنقيد جي صنفن تي ان جو وڏو اثر پيو. سنڌ جي سنڌي ادب ۾ تنقيد جي صنف ختم ٿي وئي. البت ھند ۾ تنقيد زور ورتو ۽ وڏا نقاد وڌي آيا. پر اتي تحقيق جي صنف اسري نه سگھي. ڇاڪاڻ ته عالمن اديبن کي تحقيق لاءِ گھربل وسيلا ۽ حوالا ميسر نه ھئا. ھن وقت جڏھن ھند ۾ نئين ٽھي سنڌي ٻولي پڙھڻ ۽ لکڻ کان ته پري آھي، پر ڳالھائڻ به ڪنھن حد تائين گھٽجي ويو آھي، تڏھن به شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۽ نقادن بددل ٿي لکڻ نه ڇڏيو آھي.

21 July, 2019

ڪريم فقير - ڀارومل امراڻي


ڪريم فقير
ڪيرٽي جو ڪلونت
ڀارومل امراڻي
ڪيسر مڪواڻي جي قرب نگر ڪيرٽي عرف ڪيرلي نگر ۾ آچار مڱڻهار جي گهر ۾ مئي ۱۹۶۱ع تي جنم وٺندڙ ڪريم فقير سنڌ جو سريلو راڳي آهي. جنهن جي آلاپ تي ريجهي صحرا جي شفق سنجها جو ڏيئو ٻاريندي آهي. جنهن جي سُرن جي ستارا ساک ڏيندا آهن، جنهن جي راڳ جي راحت ۾ ڀالوا جي ڀٽ مينهن وساڙن جو ڏيک ڏيندي آهي.
ڪريم فقير اڃان ٻه ٽن مهينن جو هو، تڏهن سندس مامي سروپي مڱڻهار وارا مٺي ڪوٺي آيا. پوءِ اتي ئي مامي جي گهر ۾ پلي وڏو ٿيو. سروپي مڱڻهار جي مٺي ۾ دهل جي وڄت جي حوالي سان وڏي مقبوليت رهي آهي.

20 July, 2019

حمايت علي شاعر


سنڌ دوست اردو شاعر جو وڇوڙو
نصير مرزا
هو سوشلسٽ هو يا شيعو؟ اها ته خبر ناهي مون کي، البت ايتري ڄاڻ ضرور، ته هند مان اردو شاعرن ۽ دانشورن جي جنهن کيپ، سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو، اُنهن مان ڊاڪٽر الياس عشقي، پروفيسر آفاق احمد  صديقي ۽ حمايت علي شاعر جهڙا مخلص ۽ سنڌ دوست اردو قلمڪار، نه مون اڳ ڪڏهن ڏٺا، نه پوءِ.... حمايت علي شاعر صاحب، جنهن کي سڀني پيار ۾ سدائين ”حمايت ڀائي“ چئي مخاطب ڪيو، اصل ۾ حيدرآباد دکن جي اورنگ آباد جي مِٽي هو. ۱۹۵۰ع ۾ هن اتان لڏيو ته اول ته سنڌ جي دل ڪراچي ۾ اچي رهيو، پر پوءِ هُو حيدرآباد ۽ حيدرآباد ۾ به لطيف سائينءَ جي نالي سان منسوب لطيف آباد ۾ گهرڙو اڏي اچي ويٺو. جتي ست نمبر ۾ جيڪو پنهنجو آکيرو جوڙيائين ان جو نالو رکيائين؛ ”گهواره“.