; سنڌي شخصيتون

08 May, 2016

رسول بخش بروهي - قاسم سوڍر

رسول بخش بروهي
هڪ کاهوڙي ۽ عوام دوست ڪامريڊ
قاسم سوڍر
سنڌ ڌرتي تي ڪئين عوام دوست ۽ بهادر ڪردارن جنم پئي ورتو آهي جن مان هر باڪردار ۽ اڏول انسان پنهنجي وقت جي جابرن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ اهڙن املهه جوڌن جي هڪ ڊگھي وچور موجود آهي پر اهڙن اڏول انسانن ۾ ڪيترائي گمنام ڪردار به شامل آهن، جن کي جائز مرتبو نه ملي سگھيو آهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هر ڏتڙيل قوم جي اهنجن کي گھٽائڻ ۾ عوام دوست قيادت هميشه اڳواڻ هئڻ باوجود ادني ڪارڪن جي حيثيت ۾ عوام سان جدوجهد جي هر موڙ تي پاڻ کي شامل پئي رکيو آهي. دنيا جي تاريخ ۾ ڪامريڊ لينن، هوچي منهن، چي گويرا، فيڊل ڪاسترو ۽ مائوزيتونگ کان ويندي نيلسن منڊيلا ۽ مهاتما گانڌي تائين ۽ سنڌ اندر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شهيد فاضل راهو کان ويندي شهيد محمد نواز ڪنراڻي ۽ ٻين انيڪ عظيم کاهوڙي ڪردارن تائين ڪهڙو انقلابي اڳواڻ هو جيڪو صرف تيار ٿيل اسٽيج تي اچي، پنڊال ۾ موجود ماڻهن کي خطاب ڪري داد حاصل ڪندو رهيو هجي؟ يقينن انهن ۽ ٻين انيڪ اڳواڻن ڪميٽيڊ ڪارڪنن جيان عوامي مفادن لاءِ پنهنجو رت ست ڏنو، تڏهن ئي وڃي ڪو عوام کي سندن جدوجهد جو ثمر نصيب ٿيو.

نور احمد جنجهي - ڊاڪٽر شير مهراڻي

نور احمد جنجهي

شالا! جُنگَ جِيَنِ...

ڊاڪٽر شير مهراڻي



صبح جو سوير جيئن ئي ليپ ٽاپ کولي سامهون رکيم ته روميءَ جون هي سٽون آجيان ڪري رهيون هيون.

Everyone sees the unseen in proportion to the clarity of his heart, and that depends upon how much he has polished it. Whoever has polished it more sees more - more unseen forms become manifest to him. “

يعني هر ڪو ماڻهو دل جي سچائي ۽ روشني آهر اڻڏٺل شيون ڏسي ٿو ۽ پوءِ اهو مٿس ئي انحصار ڪري ٿو ته هو ڏٺل شين کي ڪيئن ٿو سنواري، ۽ جيڪو سنواري ٿو اهو وڌيڪ اڻ ڏٺل شيون ڏسي ٿو ۽ پوءِ مٿس شيون وڌيڪ واضح ٿين ٿيون.

رجب علي - نصير مرزا

رجب علي
مون ته هر موڙ تان پُڪاريو هو...
اربع 27 اپريل 2016ع
نصير مرزا
چنڊ جو مهينو رجب ۽ عيسوي سال 1952ع ته بس هي جيڪو اسان جو مشهور گائڪ رجب علي آهي ... خير سان اهو هاڻي هن مهيني چوهٺ سالن جو ٿي چڪو. اصل ۾ استاد منظور علي خان جي وڏوڙ ڀيڻ ۽ رجب علي جي والده ماجده ڪنهن وقت مون کي ٻُڌايو پئي بابا هي سال 1952ع هو ۽ اسين ان وقت ٽنڊي آدم ۾ رهندا هئاسين. انگريزي مهينو ان وقت الائي ڪهڙو هو، باقي آسمان تي رجب جو چنڊ چڙهيو بيٺو هو، جو هي ڇوڪرو مون کي ڄائو. هاڻي گهر ۾ چؤپچو ٿي ته ڪنهن گُني گائڪ جو ٿا مٿس نالو رکون. تڏهن هو سڀ ڪنهن اهڙي نالي جي ڳول ڳولا ۾ رڌل هئا ته صلاح ڏنيمان ته هي رجب مهينو آهي. سو ٻار تي رجب علي نالو ڇو نه ٿا رکو!؟ ته بس ايئن ٻانگ ڏئي مٿس نالو رکي ڇڏيائونس: ”رجب علي!“ هاڻي هتي منهنجا ڀاڳ ڏسو ... مون گلوڪار رجب علي، وحيد عليءَ جي والده امان هدايت به ڏٺي، پوءِ ذوالفقار علي مظهر حسين جي والده ماجده امان بچان سان به مليس ته عظيم گائڪ استاد محمد يوسف ۽ سجاد يوسف جي والده ماجده امان جنت سان به منهنجو مکا ميلو ٿيو هو. رجب عليءَ جو ننڍو ڀاءُ پيارو خان منهنجو ۽ نامياري چترڪار خدا بخش ابڙي جو ته گهاٽو گهرو دوست هو، ان ڪري هي اجهو رجب علي ۽ پياري خان جو گهر جهڙو اسان جو پنهنجو ئي ته گهر هو ۽ يا الله! هاڻي ڇا عرض ڪريان، ان گهر جا هي سڀ گائڪ ... استاد حميد علي خان، فتح علي خان، وحيد علي، اسد علي خان ... جيترا سريلا ۽ سهڻا جوان، اوترا ئي وات جا کليل ۽ ڇُوٽ! نه پُڇو ... اصل ۾ چٽن اچارن سان کليل لفظن واري ڊڪشنري ڪنهن محقق کي ٺاهڻي هجي ته استاد فتح علي خان کان وٺي اسد علي خان تائين کانئس واهه جون مددون هو حاصل ڪري سگهي ٿو. ايئن رجب عليءَ جو والد گرامي استاد غلام رسول به بهترين گويو هو، پر کيس ڏاڙهي مُڇ جا وار نه آيا، سو نه آيا. ساري حياتي شڪارپور، ٽنڊي آدم ۽ حيدرآباد ۾ رهيو...

قمبر شهباز - رکيل مورائي

قمبر شهباز
چنڊ رهين ٿو دور!
رکيل مورائي
پنج مارچ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ قدآور شخص ۽ شاعر قمر شهباز جي وفات جو ڏينهن آهي، قمر شهباز ساهتي پرڳڻي جي اهم شهر نواب شاهه ۾ تيرهين اپريل اوڻويهه سئو اٺٽيهن ۾ جنم ورتو. هو قمرالدين ٻگهئي مان قمبر شهباز بڻيو، اعليٰ تعليم پرايائين ۽ ڪيترن ئي اعليٰ ادارن جي سربراهي ڪيائين، سنڌ ۽ ان کان ٻاهر ادب جي نمائندگي ڪيائين. ادبي وفدن جي اڳواڻي ڪيائين. سنڌي ادب ۾ هڪ آبرو دار سڃاڻ ماڻيائين، هڪ درجن کان وڌيڪ ڪتابن جيترو مراد سنڌي ادب جي جهول ۾ وجهي، سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيائين. سنڌي رسالن ۽ اخبارن جي مختلف ادارن ۾ ويهي سهائتا ڪيائين. ڪيترن ڪتابن جيترو مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ ڇڏي، پاڻ هيءُ جهان ڇڏيائين ۽ سنڌ جي راڄڌاني واري حسين شهر ڪراچيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ٿيو ۽ پويان ڇڏي ويو. پنهنجي ادب معرفت ۽ شخصي سڀاءَ معرفت ڪيتريون ئي سهمتيون ۽ اڻ سهمتيون.

05 May, 2016

زاهد حسين رند - علي ڏنو جروار

زاهد حسين رند
سنڌ جي نوجوانن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻجندڙ
علي ڏنو جروار
هونئن ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيترائي نوجوان مختلف قسم جا امتحان پاس ڪري اعليٰ عهدن تي پهچي رهيا آهن، پر گذريل ڏينهن کان وٺي سنڌي اخبارن، چئنلز توڙي سوشل ميڊيا جي خبرن جو زاهد حسين رند محور بڻيل آهي، جنهن سينٽرل سپيريئر سروسز گروپ ۾ پهريون گروپ ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ جوائن ڪيو آهي. سندس تعلق شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه) ضلعي جي بلڪل ٻهراڙيءَ سان آهي. هي نوجوان دوڙ تعلقي جي اڇڙي ٿر واري پاسي جي هڪ ڳوٺ آچر رند جو رهواسي آهي، جيڪو واريءَ جون ڀٽون ڪراس ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو. جتان پنج درجا پاس ڪرڻ بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول سٺ ميل ۾ پڙهڻ ويو. جتان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج مان انٽرميڊيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. جڏهن ته گريجوئيشن جي ڊگري ڪراچيءَ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين.

16 April, 2016

قاضي نظير عرف ڪڪو بابا - يونس چانڊيو

قاضي نظير عرف ڪڪو بابا
سياسي ۽ سماجي ڪردار
يونس چانڊيو
سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين آهي، هن ڌرتيءَ جي صوفين، تن پوري انسانيت جي عالم کي امن ۽ سلامتيءَ جو درس ڏنو آهي. سنڌ جي مٽيءَ مان انيڪ لازوال ڪردارن جو جنم ٿيو آهي، جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي لاءِ جاکوڙ ڪندي زندگي گذاري ڇڏي. اهڙا ئي ڪردار اُملهه ڪردار هجن ٿا، جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪندي تاريخ ۾ امر بڻجي وڃن ٿا. اهڙن ئي اُملهه ڪردارن مان سنڌ جو قاضي خاندان به آهي، جنهن جون سياسي، سماجي ۽ صحافتي خدمتون شاندار آهن. قاضي خاندان جيڪو اصل ۾ دادو ضلعي جي علائقي سيوهڻ سان تعلق رکي ٿو. حڪمت جي دنيا ۾ به هن خاندان جو وڏو ناماچار رهيو آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو نانءُ اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي.

مولوي عبدالحليم ”شرر“ - مختيار ملاح

مولوي عبدالحليم ”شرر“
سندس سنڌ شناسي
مختيار ملاح
ويھين صدي جي شروع ۾ سنڌ شناسي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي. موهن جي دڙي جي دريافت سميت قديم تهذيبون دريافت ٿيون. انگزيزي اردو، گجراتي، بنگالي علمن جي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ ۽ ترجما نگاريءَ جي ڪري تاريخي علمن جو  ڦهلاءُ ٿيو سنڌ شناسي به سنڌي زبان مان نڪري اردو، گجراتي ۽ ٻين هندستاني زبانن ۾ ڦهلجڻ لڳي. خاص طور تي انگريزي کانپوءِ اردو زبان ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ علم ۽ ادب تي گهڻو ڪم ٿيڻ لڳو. ان دور ۾ ”مجمع الاخبار“ جي باني مير اشرف علي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ افغانستان“ ۾ سنڌ بابت اهم معلومات ڏني ۽ اهل هند کي اردو وسيلي سنڌ سان روشناس ڪرايو پر سنڌ تي پهريون ۽ اهم ڪتاب مولوي عبدالحليم”شرر“ لکيو ۽ شايع ڪرايو.

ايم ڪمل - ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي

ايم ڪمل
سندس ناٽڪ نويسي
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
ايم ڪمل سنڌي شاعر جي حيثيت ۾ ته هڪ اونچو مقام جوڙي سگهيو آهي، پر ننڍي ناٽڪ جڳت ۾ به هن جو مقام محفوظ آهي، ايم ڪمل جي ايڪانڪين جو ڪئنواس سندس شاعريءَ جيان ٿي وڏو ۽ گهرو آهي، هن جي سوچ ۽ نگاهه، زندگيءَ جي چوطرف وري ٿي، ان ڪري هن جي ايڪانڪي ناٽڪن ۾ سماجي، سياسي، ڌرمي ۽ ڪيتري حد تائين فيلسوفي ۽ منوو گيان جا نڪتا به صاف ظاهر ٿين ٿا، جيڪي ناٽڪي فن سان خوب نباهيا ويا آهن،  هن جي ايڪانڪين ۾ پيش ڪيل ڪردار، اسان جي روز مرهه جي زندگيءَ جا جيئرا جاڳندا آهن، جن کي ليکڪ ويجهڙائيءَ تان گهري نگاهه سان پرکيو آهي ۽ سندن نقاب پوشيءَ کي فاش ڪيو آهي، ڪڏهن ته اسان کي ائين لڳندو آهي ڄڻ اهي سڀ اسان جا ڏٺل وائٺل آهن ۽ اسين انهن کان بخوبي واقف آهيون، پر ناٽڪ نويس پنهنجي هنر منديءَ سان ائين کين اڀاري، اسان جي آڏو پيش ڪيو آهي، ڄڻ اسان کين پوريءَ ريت سڃاڻي نه سگهيا آهيون، ساڳئي وقت ليکڪ، ڪوڙين حقيقن، سماج ۽ ڪٽنب جي وهنوار کي جي اسان جي تهذيبي زندگيءَ سان جڙيل آهن، انهن کي ناٽڪي پلاٽ ذريعي پيش ڪيو آهي. ايم ڪمل جديد ايڪانڪين ۾ فني ۽ فڪري سطح تي ڪافي تجربا ڪيا آهن، هن جي جديد تجرباتي ناٽڪن جي سڌي سولي زبان، ذهن کي ڌونڌاڙي، سوچڻ تي مجبور ڪندي پنهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ تي آماده ٿي ڪري، هن جي لاءِ مذاق براءِ مذاق ڪانهي، ان ۾ هيٺ سوچ جي لهر به موجود رهي ٿي.

مهرالنساءِ لاڙڪ - علي ڏنو جروار

مهرالنساءِ لاڙڪ
سنڌ کان وڇڙي ويل آپا!
علي ڏنو جروار
ڪالهه اسان کان آپا مهرالنساءِ لاڙڪ به وڇڙي وئي. آپا مهرالنساءِ لاڙڪ سنڌ جي پڙهيل لکيل علمي، ادبي شخصيتن ۾ هڪ نمايان حيثيت رکندڙ ڏاهي ۽ بهادر عورت هئي. آپا مهرالنساءِ جي وڇوڙي سبب اسان سنڌ واسين کان هڪ بهترين ليکڪا، تعليمي ماهر، مقرر، ذاڪر ۽ لطيف شناس عورت هميشه لاءِ موڪلائي وئي آهي، پر سندس يادون ۽ سندس قلم جي بهادري ۽ همت اسان وٽ موجود آهي، جيڪا سدائين سنڌ کي پڙهيل لکيل طبقي جي ذهنن تي حاوي رهندي.

ڊاڪٽر ذوالفقار کوهارو - ساجد مسڻ

ڊاڪٽر ذوالفقار کوهارو
پاڙي ويڄ هُيام، تان مُور نه پڇيا!
ساجد مسڻ
ڊاڪٽر ذوالفقار کوهارو جي پيدائش ۶ جنوري ۱۹۶۶ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪريم ڏنو کوهارو ۾ هڪ بي باڪ ڪردار، محنتي جفاڪش ۽ سنڌ جي تعليم سان پاڻ نڀائيندڙ (مرحوم) استاد غلام عمر کوهاري  جي گھر ۾ ٿي. ڊاڪٽر ذوالفقار کوهارو اڃا مس پنجن سالن جو ٿيو ته سندس والد ٻارڙن جي بهتر تعليم واسطي پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي ڏوڪري شهر ۾ اچي آباد ٿيو. چوندا آهن ته قدرت واري وٽ عدل ۽ انصاف ٿيندو آهي، اهڙي طريقي سان ڊاڪٽر ذالفقار کوهارو جو والد (مرحوم) غلام عمر کوهارو پنهنجي سچائي ۽ سخت محنت سان سنڌ امڙ ڌرتي جا ٻار پڙهايا، انهن تي محنت ڪئي، انهن کي پنهنجو اولاد سمجهيو ته قدرت به هن جي اولاد کي دنيا جي تعليم ۽ ترقي ۾ سڀني کان ممتاز، اعلى، مٿانهون ۽ نرالو بڻائي ڇڏيو آهي. غلام عمر کوهاري (مرحوم) جا ڪي پٽ اعلى ڊاڪٽر آهن ته ڪي بئنڪ آفيسر، جڏهن ته وري نياڻيون به سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجو فرض نڀائي رهيون آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار علي کوهارو کي الله تعالى خدادادي صلاحيتن سان مالامال ڪري پيدا ڪيو هو. هو ننڍي هوندي کان ئي ذهين، هوشيار سلڇڻو ۽ انسان دوست صفتن سان ٽمٽار هيو. هي ۵ سال لاڙڪاڻي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ اتان هي ايم بي بي ايس (M.B.B.S)  جي ڊگري ۱۹۹۱ع ۾ پاس ڪري نڪتو.

سيد عبدالله شاهه


سيد عبدالله شاهه
هڪ حقيقي قومپرست سياستدان
غلام حسين لغاري
سياسي توڙي سماجي حيثيت رکندڙ واهڙ ضلعي ڄامشورو جو سائين مرحوم سيد عبدالله شاهه ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي جيڪو هڪ ننڍي ڳوٺ مان وڪالت جي لحاظ کان ڪراچي پهتو ۽ سنڌ جي وڏ وزارت ماڻڻ ۾ ڪامياب ويو. مرحوم پيرالاهي بخش کان پوءِ هو اڳوڻي ضلعي دادو جو ٻيو وڏو وزير هو جنهن سنڌ جي ماڻهن لاءِ پنهنجي حد تائين ڪافي پتوڙيو. بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سياست ڪئي. ٿي سگهي ته مرحوم ڪجهه سياسي غلطيون يا ڪوتاهيون به ڪيون هجن پر انجي عوام لاءِ ڪيل بي لوث خدمتن جو اعتراف ڪبو ته اها هڪ ذيادتي ٿيندي ڇاڪاڻ ته سندس دور ۾ اهليت جي بنياد تي سرڪاري ادارن ۾ بنا ڪنهن سفارش جي بي پهچ نوجوانن کي روزگار مليو شايد ئي ڪنهن ٻئي وڏي وزير جي دور ۾ مليو هجي.زراعت جي لحاظ کان به صوبي ڪافي ترقي ماڻي جنهن ۾ نين زرعي جنسن جا ٻج متعارف ٿيا، روڊ رستن جو نه صرف ڄار وڇايو ويو پر وڏي انگ ۾ صحت مرڪز قائم ٿيا ۽ پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن کي تعليم، پيئڻ جي پاڻي ۽ صحت واريون سهولتون ميسر ٿيون. بوبڪ لڳ سيوهڻ ايئرپورٽ جو قيام، ڄامشورو سيوهڻ روڊ جي اڏاوت، گورک هل اسٽيشن لاءِ رٿا جو اعلان ڪرڻ، بڊي جبل تي پوليس جو ٽريننگ سينٽر قائم ڪرڻ، سيوهڻ جهانگارا نئنگ روڊ جي اڏاوت، منڇر جي بي گهر ٿيل مهاڻن ۽ آبادگارن کي معاوضو ڏيارڻ  به سندس دور حڪومت جو ڪارنامو آهي.

طارق اشرف

طارق اشرف
رسالي سهڻي جو ميهار
رضوان گل
سن ۱۹۴۰ ۾ حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ طارق اشرف جهڙي ريت ڪهاڻي سان پنهنجو ناتو نڀايو، ساڳي طرح پبلشنگ وارو ڪم به منفرد انداز ۾ ڪيو. سندس انداز مان متاثر ٿيندي بعد ۾ ٻين ماڻهن پڻ جهڙيس ڪوششون ڪيون. جڏهن سنڌي ادب ذريعي مختلف مزاحمتي لاڙا اڀريا ۽ خاص طور ون يونٽ واري زماني ۾ اديبن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ته طارق اشرف عملي طور به ميدان ۾ لٿو. هن دل کولي لکيو ۽ وقت جي حڪمرانن سان به سڌي سنئين ريت مخاطب ٿيڻ کان نه ڪيٻايو. سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندي هن ڪنهن به پلئـٽفارم تي مصلحت کان ڪم نه ورتو.

05 April, 2016

حسين بخش خادم

حسين بخش خادم

سنڌي سنگيت جو ”خادم“

محمد عثمان ميمڻ



جيتوڻيڪ فنڪار کي هاڻي پنهنجو آواز جھر جھنگ پهچائڻ لاءِ ايتري محنت نه ٿي ڪرڻي پوي، مختلف چئنلس ۽ ميموري ڪارڊ اچڻ بعد فنڪار لاءِ پنهنجو آواز ٻين تائين پهچائڻ تمام سولو ٿي پيو آهي، نه ته ماضيءَ ۾ فنڪار ويچارا پنهنجون عمريون وڃائي ڇڏيندا هئا، تڏهن ئي وڃي ڪا شهرت کين پلئه پوندي هئي. ماضيءَ ۾ ايتريون سهولتون ته ڪانه هيون، جيتريون هن دؤر ۾ نڪري پيون آهن، پر تنهن هوندي به ڪيترن ئي اهڙن فنڪارن پنهنجي محنت سان ايترو ته نالو ڪمايو، جو اڄ به سندن ساڳي ئي اهميت ۽ افاديت آهي. اهڙن فنڪارن ۾ حسين بخش خادم جو نالو سر فهرست آهي. هيءُ پنهنجي دؤر جو مشهور ڪافي گو شاعر ۽ لوڪ راڳي ٿي گذريو آهي. حسين بخش خادم ولد پير بخش ڀنگر ۱۵ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ پيدا ٿيو.