; سنڌي شخصيتون

02 September, 2011

فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙائي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙائي رح [ 1814ع – 1872ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

انگريزن جي ابتدائي دور جو ناميارو شاعر ۽ روهڙيءَ جو رانول، فقير عبدالقادر عرف قادر بخش ولد ميان محمد حسن قريشي، 22 ذوالقعد 1230هه مطابق 12 مارچ 1814ع تي روهڙي شريف (سکر) ۾ تولد ٿيو. سندس اصل نالو ”عبدالقادر“ هو؛ جنهن کي پيران پير دستگير، سيد عبدالقادر جيلاني رح (1078ع – 1166ع) جي عقيدت ۽ احترام ۾ مٽائي، ”قادر بخش“ رکرايو. ذهانت سببان ٻارهن سالن جي عمر ۾ ڪافي علم حاصل ڪيائين. والد جي وفات بعد، حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح جي درگاه تي مٽيون ڀريندو رهيو، جتان فيض حاصل ٿيندي ئي درازين سچل سرمست فاروقي رح جي درگاه تي پهتو. وڌيڪ فيض وٺندي، واپس روهڙيءَ پهچي شعر چوڻ شروع ڪيائين. گهڻو سير سفر ڪندي، سنڌ جي صوفين، درويشن، بزرگن ۽ فقيرن جا تڪيا به ڀيٽيائين. پيرڳوٺ ۾ سيد علي گوهر شاه ”اصغر“ ۽ سيد صبغت الله شاه کي عربي ۽ فارسيءَ جي سکيا سان گڏ مثنوي مولانا رومي به پڙهايائين، کين تصوف جا راز، اسرار ۽ رمزون به سمجهائيندو رهيو – 16 ذوالقعد 1689هه مطابق 18 مئي 1872ع تي راه رباني ورتائين. کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول لڳ، روهڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو دفنايائونس.

فقير نانڪ يوسف - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


فقير نانڪ يوسف [ 1845ع – 1792ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سندس اصل نالو محمد يوسف ولد محمد هاشم کوکر هو. 12 ذوالحج 1207هه مطابق 23 آگسٽ 1792ع تي، ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”سيريءَ“ ۾ ڄائو هو. عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل هوس. درازي درويش حضرت سچل سرمست فاروقي رح (1739ع – 1829ع) جي خاص خليفن مان هو. سندس ڪيترائي معتقد ٿيا، جن مان مير علي مراد خان ٽالپر جو نالو سر - فهرست آهي – 53 ورهين جي ڄمار ۾ 29 شعبان 1261هه مطابق 2 نومبر 1845ع تي، ضلعي خيرپور جي رنگپور ڳوٺ ۾ وصال ڪيائين. سنڌي، سرائڪي ۽ هندي زبانن ۾ شعر چيو اٿس، جيڪو تصوف جي رنگ ۾ آهي. نمونو هيٺ ملاحظه فرمايو :-

فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ [ 1860ع – 1939ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

وطن عزيز جي سٺن شاعرن مان، ضلعي لاڙڪاڻي جو بلند پايه شاعر، فقير هدايت علي نجفي، ”تارڪ“ ولد تراب علي تونيو، خميس 25 محرم الحرام 1277هه مطابق 23 اپريل 1860ع تي، تعلق واره جي ڳوٺ ”لالو راونڪ“ ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم کان ذهانت ۽ ذڪائت سبب ديني خواه دنيوي تعليم ۾ خاصي مهارت حاصل ڪيائين ؛ جنهن ڪري ستت ئي فارسي، عربي، سنڌي، سرائڪي، اردو، هندي ۽ پنجابي زبانن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. فقير صاحب بلند پايي جي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو نثر نويس پڻ هو.

فيض بخشاپوري

فيض بخشاپوري

[ ولادت ۱۳۴۱ ھ = ۱۹۲۲ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



بلوچ قوم جي مشهور رند قبيلي جو ناميارو قومي شاعر، فيض الله خان ولد مصري خان ڊومبڪي، ۱۳۴۱ ھ مطابق ۱۹۲۲ع ۾ ضلعي جيڪب آباد تعلقي ڪشمور جي ڳوٺ بخشاپور ۾ جنم ورتو آهي. اِنهيءَ نسبت سان پاڻ کي ”فيض بخشاپوريءَ“ جي نالي سان پڌرو ڪيو اٿس. ابتدائي تعليم بخشاپور جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي موزون طبيعت هيس؛ جنهن ڪري شعر چوڻ جي مشق ڪرڻ لڳو. سندس والد بزرگوار نهايت سنجيده، پرهيزگار وفادار ۽ مانائتو مڙس هو. وٽس ڪنهن به شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي. اهڙي ئي سانتيڪي ۽ سکڻي ماحول ۾ فيض صاحب ابتدائي تعليم جا مرحلا ته تيزيءَ سان طيءِ ڪيا، پر پوءِ وڌيڪ تعليم کي ترڪ ڪري، زمينداري پيشي سان لونءَ لڳايائين. پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ کيس پنهنجي قومي سردار، مير تاج محمد خان ڊومبڪيءَ جي صحبت ملي ويئي، جيڪو پڻ سخن شناس، علم جو اڪابر ۽ وڏو دانا هو. اهڙي نيڪ بخت جي نظر فيض اثر هيٺ ”فيض“ صاحب کي ڪافي ڪتابن جي مطالعي جو موقعو مليو. پوءِ ته سنڌيءَ سان گڏ اردو ڪتابن ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪري ورتائين.

قادر بخش ”بشير“ سومرو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


قادر بخش ”بشير“ سومرو [ 1896ع – 1954ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

قادر بخش ”بشير“ ولد حاجي دوست محمد سومرو، تعلقي ٺل (جيڪب آباد) جي ڳوٺ ميرپور ۾ 13 شوال 1314هه مطابق 24 آگسٽ 1896ع تي ڄائو هو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد وفات ڪري ويو هو؛ جنهن ڪري والده جي سرپرستيءَ هيٺ قرآن پاڪ ناظران پڙهي، مامن جي محبت کيس اسڪول تائين آندو، جتان ورنيڪيولر فائينل امتحان پاس ڪري، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پهتو. ڪاليج جي علمي ماحول مان شعر چوڻ جو شوق جاڳيس. پوءِ ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي اچڻ وڃڻ لڳو ۽ کانئس شعر جي سکيا حاصل ڪيائين. مرزا صاحب جي طبيعت ۽ شاعرانه صلاحيتن مان خاصو استفادو حاصل ڪري، 1920ع ۾ واپس ٺل وريو؛ ۽ جيڪب آباد جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملازمت ڪيائين – 1949ع کان 1952ع تائين اسڪول جو گشتي آفيسر A.D.I.S به ٿي رهيو. پر پوءِ صحت سالم نه سمجهي، ٻيهر ماستريءَ کي ترجيح ڏنائين.

قاضي عبدالحق ”عبد“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


قاضي عبدالحق ”عبد“ [ 1850ع – 1930ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ سڳوريءَ هر دؤر ۾ ڪيترائي ڀلارا بزرگ، جيد عالم ۽ نيڪ مرد پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي هڙئون توڙي وڙئون عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سندن فيض درياه جي وهڪري جيان عام هوندو هو؛ جنهن ۾ ڪيترائي علم جا اُڃايل اڃي اُڃ اُجهائيندا هئا. اهڙن سخي مردن مان سنڌ جو عظيم خدمتگار، مولانا عبدالحق ولد مولوي خوش محمد ولد محمد مسعود قاضي، تعلقي رتيديري (لاڙڪاڻو) جي ڳوٺ خيرو ديرو ۾، 1267هه مطابق 1850ع ۾ تولد ٿيو هو. سندس جد- امجد مغلن جي ڏينهن کان وٺي ”قاضي القظات“ جي در جي تي فائز هئا؛ ۽ انگريزن جي آمد تائين ”قضا“ جو ڪم ڪندا آيا؛ جنهن کي مسلسل ٽن پيڙهين تائين برقرار رکيائون. کين ”سب رجسٽرار“ جو عهدو به سونپيل هو. اهڙي ئي سلجهيل علمي ماحول ۾ عبدالحق به شروعاتي تعليم اسڪولن جي احاطي اندر حاصل ڪري، پنهنجي والد بزرگوار وٽان عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پڙهي، دستار - فضيلت ٻڌي. پوءِ پنهنجن وڏڙن جي ڇڏيل ورثي کي وٺي، زندگيءَ جو گاڏو گهليندو رهيو. جيئن ته پاڻ نهايت ئي ذهين، اَوِرچ، سنجيده ۽ داناءُ انسان هو؛ جنهن ڪري سنڌ جي نامور شخصيتن سان به سندس صحبت قائم رهي، جن مان : مولانا تاج محمود اَمروٽي رح، شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، مولوي امام بخش چشمي وارو ۽ حڪيم شمس الدين ”بلبل“ جا نالا قابل - ذڪر آهن.

قاضي علي اڪبر درازي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


قاضي علي اڪبر درازي [ولادت 1313هه = 1895ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سلطان العاشقين، حضرت سچل سرمست فاروقي رح جي پرواني، علي اڪبر ولد علي محمد قاضيءَ، 1313هه مطابق 28 جولاءِ 1895ع تي، قاضي عبدالسميع محله روهڙي، ضلع سکر ۾ ولادت ورتي آهي. ابتدائي تعليم روهڙيءَ مان ۽ سيڪنڊري سکيا سکر جي سرڪاري هاءِ اسڪول مان ورتل اٿس. مئٽرڪ پاس ڪري 1917ع کان روينيو کاتي ۾، ڪلارڪ بڻيو، جتان ترقي وٺي، آخر ٽريزري آفيسر (Treasury Officer) جي عهدن تان 1950ع ۾ رخصت ورتائين. هن وقت باقي حياتيءَ جا ڏانهن، خدا جي ذڪر آذڪار ۾ بسر ڪري رهيو آهي.

قاضي قاضن - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


قاضي قاضن [ 1484ع – 1551ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سمن جي دور جو مشهور سنڌي شاعر ۽ بزرگ هستي، قاضي قاضن بن ابوسعيد بکري بن زين الدين بن ابوالخير قاضي، وقت جو وڏو عالم ۽ مصنف ٿي گذريو آهي. هڪ اندازي موجب سندس ولادت 3 شعبان 889هه مطابق 27 جولاءِ 1484ع تي ٿي آهي. سندس وڏا سيوستان (سيوهڻ) جا ويٺل هئا. سندس والد بااخلاق، خدا شناس، چست، حاضر جواب ۽ ناميارو شخص هو؛ جنهن پنهنجي نينگر کي ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظران سان گڏ حافظ قرآن ۽ خوش الحان قرات (تجديد) جو سبق ڏياريو. ازانسواءِ کيس تفسير، حدي، تصوف فقہ، اُصول، تعويذات (ابجد)، علمه آلات، علم رياض ۽ علم الانشاءَ جي به ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي. متقي، پرهيزگار ۽ خدا ترس به حد درجي جو هو.

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو [ 1928ع – 1979ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

لاڙڪاڻو، سنڌ جو مکيه شهر آهي. سياسي ۽ ادبي اعتبار کان سڄيءَ سنڌي ۾ لاڙڪاڻي کي فوقيت حاصل آهي. سياسي لحاظ کان به سنڌ جي آئينده جو فيصلو ڪنهن زماني کان هن شهر ۾ ئي ٿيندو رهيو آهي؛ ۽ لاڙڪاڻي جي سياستدانن کي سنڌ جي سڀني سياستدانن تي فوقيت حاصل رهندي آئي آهي. سنڌ جا وڏا وزير يا وزير هر دؤر ۾ لاڙڪاڻي مان ئي مڙئي ٿيندا رهيا آهن. ڪوبه اهڙو دؤر نه رهيو آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جو ڪو ماڻهو وزير نه ٿيو آهي.

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي



ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
هدايت پريم
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو؟
پيار منجهان ٿي گود وهاريو؟
خوش ٿي هر هر مون ڏي  نهاريو! منهنجي امڙ
”منهنجي امڙ“ جي عنوان وارو هيءُ بيت هر ان سنڌي ٻار برزبان ياد ڪيو آهي، جنهن پهريون سنڌي ڪتاب پڙهيو آهي. سن ۱۹۰۵ع کان وٺي هيءُ پيارو پيارو بيت اڄ تائين جي سنڌي نصاب ۾ شامل رهيو آهي ننڍڙي ٻار جي مٺڙي ٻولن وارو هيءُ بيت جنهن ۾ معصوم جذبن جي خوبصورت عڪاسي ڪيل آهي، ذهن تي هڪ اهڙو دائمي تاثر ڇڏي ٿو جيڪو زندگي ڀر قائم رهڻو آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ شايد ٻيا به گهڻائي هجن. امڙ جيجل جو رشتو آهي به ته اهڙوئي عظيم، جيڪو ٻين سمورن رشتن کان مٿي آهي. هن لازوال بيت جو رچيندڙ آهي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - ۱

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

ھارين جو همدرد- انقلابي اڳواڻ

ارشاد ڪاغذي



سنڌ سونهاريءَ جي ڪک مان ڪيئي اهڙا مانجهي مڙس مٿير پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي علم، عقل، ادراڪ، سوچ سمجهه سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي، جن پنهنجي نام ۽ ناموس جي ذريعي سنڌ جو مانُ مٿانهون ۽ ڳاٽ اوچو رکيو آهي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به اهڙن مهان، عظيم، قابل ۽ اعليٰ انسانن مان هڪ هو، جنهن جي هاڪ، مڃتا، مهانتا ۽ مانُ پڌرو آهي. ڪامريڊ هارين جو همدرد، هڏڏوکي ۽ مخلص روشن خيال سياستدان هو.

ڪنور رام ڀڳت - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ڪنور رام ڀڳت [ 1885ع – 1939ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مشهور صوفي سنت ۽ پريمي ڀڳت، ڪنور رام پٽ تارا چند گدواڻي، 22 آڪٽوبر 1885ع تي وسپت (خميس) جي ڏينهن، سکر ضلعي ۾، تعلقي ميرپور ماٿيلي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”جروار“ ۾ اک کولي. سندس پتا هڪ مسڪين واڻيو هو. سندس مانا (ماءُ) جو نالو شريمتي تيرٿ پائي هو، جيڪا پڻ حليم سڀاءَ ۽ ماٺيڻي طبيعت جي مالڪ هئي. ڪاڪو تاراچند گدواڻي مدت کان اولاد لاءِ آسائتو هو، ڌڻيءَ سندس راه کولي؛ جنهن ڪري اُن وقت جي ساڌو صوفي ڀڳت، ڀائي سترامداس ”سڪايل“ (1831ع – 1899ع) جي دعا سان کيس پٽ ڄائو؛ جنهن جو نالو به سندس ئي منشا موجب ”ڪنور رام“ رکيو ويو.

لطف الله بدوي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


لطف الله بدوي [ 1904ع – 1968ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

لطف الله ولد حاجي امام بخش ”خادم“، 17 شوال 1322هه مطابق 4 جولاءِ 1904ع تي شڪارپور (سنڌ) ۾ جنم ورتو هو. سندس خانداني تعلق ”آل احمد“ سان آهي؛ جنهن جي مزار مصر ۾ آهي. سندس ڏاڏو محمد بچل ملتان کان لڏي حيدرآباد ۾ آيو ۽ ڪجهه وقت بعد باقاعده شڪارپور ۾ رهڻ لڳو. سنڌي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽان ورتائين، جيڪو پرائمري استاد ۽ پڻ بهترين شاعر هو. اڃا گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو، ته سندس والد وفات ڪري ويو؛ جنهن ڪري تعليم کي جاري رکي نه سگهيو. لاچار ٿي 1920ع ۾ ورنيڪيولر فائينل امتحان پس ڪري؛ 1921ع ۾ شڪارپور ٽريننگ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، پوءِ ٺل ۾ انگريزي ماستر مقرر ٿيو – 1949ع ۾ ميونسپل اسڪولن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر بڻيو ۽ 1952ع ۾ بي – اي پاس ڪرڻ بعد گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور ۾ عارضي طرح سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. آخر مستقل ملازمت ۾ رهي، پروفيسر جي عهدي تان رٽاير ڪيائين.