; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر فياض لطيف

28 November, 2021

ڊاڪٽر فياض لطيف

ڊاڪٽر فياض لطيف

(شاعر، مترجم، محقق ۽ نقاد - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا)

ساجد رند



بشير احمد عرف “فياض لطيف“ پھرين اپريل ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ فقير محمد چانڊيو، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻي ۾، محمد محسن چانڊيو جي گھر ۾ جنم ورتو.

پاڻ ۱۹۹۴ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب)  ۾ ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان “شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات “جي موضوع تي ايم فل ڪيائين.

پيشي جي لحاظ کان لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرر مقرر ٿيو، جڏهن ته ھن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سنڌي جي شعبي ۾ تدريسِي خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي.


فياض لطيف ۱۹۹۱ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، پاڻ نظم، غزل، بيت، وائي، ڪهاڻي، مقالو ۽ مضمون صنفن تي ڀرپور طبع آزمائي ڪئي اٿائين.

فياض لطيف سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو ۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل آھي.

فياض لطيف کي علمي، ادبي خدمتن عيوض “ڪينجھر ترجمو ايوارڊ”، “فقير بخش علي ابڙو ايوارڊ “ ۽ “پير حسام الدين راشدي ايوارڊ “ ملي چڪا آھن.

فياض لطيف جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱.خدا، زندگي، محبت ۽ موت (گرو رجنيش جي ڪتاب جو ترجمو)

۲.اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط (اوريانا فلاسي جي ڪتاب جو ترجمو)

۳.چنڊ ڪڪر جي اوٽ (شاعري)

۴.خط، خوشبو خواب (خطن جو مجموعو)

۵.پرن بنا پرواز (گرو رجنيش اوشو جي ڪتاب جو ترجمو)

۶.سائو ڪي سڄاڻ  (شيخ اياز تي ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن جا اثر)

۷.شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال (لطيفيات)

۸.شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو (ترتيب، تدوين)

۹.ڪتين جو ڪٺمال (شيخ اياز تي ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن جا اثر)


ڊاڪٽر فياض لطيف

املهه انسان : سلسلو ۹۰

حفيظ چانڊيو

هو هڪ ناليوارو ليکڪ، شاعر، مترجم، محقق ۽ نقاد آهي، سندس اصل نالو بشير احمد چانڊيو آهي، سندس ادبي نالو ”فياض لطيف“ آهي، هن تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ فقير محمد چانڊئي ۾ پھرين اپريل ۱۹۷۲ع ڌاران ۾ سائين محمد محسن چانڊئي جي گھر ۾ جنم ورتو. پرائمري آبائي ڳوٺ مان پرايائين، ڏهين تائين ڏوڪري پڙهيو، انٽر لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي.. ۱۹۹۴ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات “جي موضوع تي ايم فل ڪئي اٿائين.

ڊاڪٽر فياض لطيف مهان ڪوي شيخ اياز جي جماليات تي ايم فل ڪري اياز جي شاعريءَ جي سڀني رخن کي سهي نموني پرکيو آهي، ان جي هر هڪ لفظ تي سوچيو ۽ لوچي اياز جي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل لفظن تي مشتمل ڊڪشنري ڇپائيءَ جي مرحلي هيٺ آهي، هو پيشي جي لحاظ کان لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرر رهيو آهي، جڏهن تہ ڪميشن پاس ڪري ھن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سنڌي جي شعبي ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

هو اياز کي هن صديءَ جو ئي نه پر هر دور جو جينيئس شاعر سمجهي ٿو، کيس صديءَ جو تمام وڏو شاعر ۽ ٻوليءَ جو ماهر سمجهي ٿو، هن جي اياز شناسيءَ جو بنياد ئي مها ڪوي جي خيالن جي پرواز ۽ نج پڻي تي آهي، هو اياز جو عاشق هڪ عاشق عالم ۽ اديب آهي، جنهن سندس سٽ سٽ سان بي انتها پيار ڪيو آهي، سيني ۾ سانڍيو آهي، هو اياز کي فطرت جو شاعر سمجهي ٿو، ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ هن کاهوڙي ڪردار جي روح منجهه اياز رچي ريٽو ٿي اڀريو آهي.

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رتُ ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي،

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي زندان ڏي، ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا،

ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي منفرد انداز سان اياز تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڀرپور ۽ تاريخ ساز پورهئي طور ادبي دنيا ۾ ضرور ياد رکيو ويندو.

تون به هونئن به مرندين ڪاڇي ۾،

اڄُ ناهر وانگر ڇال ڏئي

تون آءُ پهاڙيءَ پاڇي ۾،

تون گولين هيٺ هلائي ڏس! ۽ ڪنهن پٿر جي اوٽ ڏئي

هِن ڌرتيءَ کي ڌڌڪائي ڏس

جي تنهنجو ڦرندو لاش ڪري

نئين گاجُ مٿان پرواه ناهي. جي ڌرتيءَ تي آڪاش ڪِري

هيءَ ڌرتي ان کان هيڻي آ...

ڊاڪٽر فياض لطيف شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات تي ٿيل علمي ادبي پورهيو تاريخي سڏ آهي، جنهن جي خوشبوءِ سينواريل سماج اندر اڻ برابريءَ جو خاتمو آڻيندي، هو اياز جي سٽن جيان ئي آهي، جنهن زندگيءَ جو مقصد ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي سک ۽ سلامتيءَ کي ارپڻ بڻايو، هو عاشق آهي، تنهن رستي تي هلڻ جيتوڻيڪ مشڪل ۽ جوکائتو ڪم آهي، بنا ڪنهن پرواه جي هو عشق جي اڻ ڏٺل پيچرن تي هلي، قلمي پورهيو ڪري اياز جي شاعريءَ ۾ قوم جي نجات ڀانيو اٿائين سندس ادبي پورهيو وقت جي عين ضرورت به آهي، هڪ اهڙي چيخ پڻ آهي، جيڪا ڌرتيءَ تان ڌارين جا پير ڊاهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

فياض لطيف کي ڪير نه سڃاڻي، نهايت خوبصورت شاعر، سٻاجهڙو ڪوي آهي، جتي به رهيو ديانتداري سان رهيو آهي، گلا غيبت کان ڪوهين ڏور رهندڙ سنڌ جو هيءُ پڙهيو ڳرهيو اديب پنهنجي ڪم ۾ مصروف ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ سپورنج انسان آهي. هن شاعريءَ جي شروعات ۹۰ واري ڏهاڪي کان ڪئي، سندس نظم، غزل، بيت، واين کي پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته هو سنڌ جو سهڻو شاعر آهي، جنهن جو سڌو سنئون واسطو "فطرت “سان آهي، ان کان علاوه هو هڪ ڪهاڻيڪار، مقالانگار ۽ مضمون نويسيءَ ۾ پڻ خوب ملهايو اٿائين.

فياض لطيف سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو ۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻي سان واڳيل رهيو آھي. کيس علمي، ادبي خدمتن عيوض ”ڪينجھر ترجمو ايوارڊ“، ”فقير بخش علي ابڙو ايوارڊ “ ۽ ”پير حسام الدين راشدي ايوارڊ “ ملي چڪا آھن.

ڊاڪٽر فياض لطيف جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱.خدا، زندگي، محبت ۽ موت (گرو رجنيش جي ڪتاب جو ترجمو)

۲.اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط (اوريانا فلاسي جي ڪتاب جو ترجمو)

۳.چنڊ ڪڪر جي اوٽ (شاعري)

۴.خط، خوشبو خواب (خطن جو مجموعو)

۵.پرن بنا پرواز (گرو رجنيش اوشو جي ڪتاب جو ترجمو)

۶.سائو ڪي سڄاڻ (شيخ اياز تي ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن جا اثر)

۷.شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال (لطيفيات)

۸.شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو (ترتيب، تدوين)

۹.ڪتين جو ڪٺمال (شيخ اياز تي ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن جا اثر)

۱۰.اياز جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڏکين لفظن جون معنائون ۽ تشبيهون تي آڌاريل ڪتاب جيڪو هينئر ڇپائيءَ جي مرحلي هيٺ آهي.

ڊاڪٽر فياض لطيف جي شاعريءَ، فڪر ۽ فهم جو محور سنڌ ۽ سنڌ جا بي پهچ ماڻهو ئي آهن، جن خوشحاليءَ جي لاءِ هو راتيون جاڳي گيت، غزل ۽ نظم لکندو رهيو آهي. سندس ڪهاڻيون سنڌ جي ٻهراڙين جي ماحول جون عڪس ئي آهن، جنهن ۾ چاهي پيو ته سڌارا اچن، سندس مضمون نويسي ۾ سنڌ جي علمي ادبي تاريخساز شخصيتن جي زندگيءَ جي جدوجهد جو احوال آهي، جن کي هن پڻ پنهنجي انداز سان پيش ڪيو آهي. دعا آهي ته شال سنڌ جو هيءُ شاعر سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وسعت لاءِ پنهنجون اکيون پير ڪري سنڌ جي بقا جي جنگ وڙهندو رهي.

جي تون چاهين خال ڇڏي وڃُ،

يا ڪوئي مثال ڇڏي وڃُ...

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

1 comment:

  1. سائين فياض لطيف جماليا تي پي ايچ _ڊي ڪئي آهي ان ڪري ايم فل ڊاهي پي ايڇ _ ڊي لکيو وڃي

    ReplyDelete