; سنڌي شخصيتون: November 2012

25 November, 2012

سيد ڏاڏا شاهه - مير نادر علي ابڙو


سيد ڏاڏا شاهه
ڇا ته شخص هو
مير نادر علي ابڙو
دنيا جي ڪنهن به خطي جي تاريخ سمجهڻ لاءِ اتان جي ماضي جي اهم شخصيتن جو مطالعو ضروري سمجهيو ويندو آهي. دنيا ۾ آيل هر ماڻهو کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا اهي ماڻهو جن جون زندگيون پنهنجي دور جي حالتن جو شڪار ٿي ويون ۽ ٻيا اهي جيڪي پنهنجي توڙي ايندڙ وقت جي حالتن تي اثرانداز ٿيا. دنيا ۾ اڪثريت پهرين قسم جي انسانن جي آهي جن جون زندگيون رڳو حالتن سان سمجهوتو ڪرڻ ۾ گذري وينديون آهن. ماڻهن جو ٻيو قسم جيڪو نسبتن گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي سو آهي انهن شخصيتن جي اڳواڻي ۾ انساني حقيقتون، نوان مثبت رخ اختيار ڪنديون آهن. خيرپور جو رهندڙ سيد ڏاڏا شاهه پڻ سنڌ جي اهڙين شخصيتن مان هڪ هو. هو ملڪيتون رکندڙ ڪو جاگيردار نه هو، ڇاڪاڻ جو وڏن جون ملڪيتون هو پنهنجي ننڍپڻ سان گڏ سکر ۾ ڇڏي خيرپور اچي رهيو هو. هو پاڻ ڪو وزير يا سياستدان نه هو پر ان وزير ۽ سياستدان ٺاهيا ۽ پيدا ڪيا هو عوام جي مسئلن ۽ احساسن جو بهترين نمائندو هو. سندس شخصيت سياسي مصلحت جي طابع نه هئي ۽ هو حق ۽ سچ جو عملدار، خود دار، سخي ۽ غريب ترس انسان هو. ڏاڏا شاهه هڪ سماجي شخصيت هئڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏو تخليقڪار هو. هو ابتدا ڪندڙ ۽ نوان بنياد وجهندڙن مان هو سندس زندگي ڪا وڏا ڪارناما جاويد اخبار ۽ فلم مومل راڻو جي شروعات سندس تخليقي صلاحيتن جي زنده مثال آهن.

همدرد جانوري - احسان لغاري ’جان‘


همدرد جانوري
’تڪي چنڊ تو کي پيو رات ساري‘
احسان لغاري ’جان‘
وڇڙي وڇڙي وِکري وياسين،
هاڻ سڀن کان وِسري وياسين.
تو نه سڃاتو مون کي مٺڙا،
تنهنجي ڀر مان گذري وياسين.
مٿِيُون سِٽون سانگهڙ جي اُن شاعر جون آهن، جنهن جو ڇٺيءَ جو نالو ته ”پهلوان“ رکيو ويو، پر جڏهن وڏو ٿيو، مَلهه ۽ ڪُشتيءَ وارا اصلي پهلوان ڏٺائين ته نالي تان ئي هَٿُ کڻي ”پرديسي“ ٿي ويو؛ ۽ وري جڏهن ڏاڍي فتح علي خان ريڊيي حيدرآباد تي ”پرديسي“ تي ٽوڪ ڪئي، ته پوءِ ”پرديسيءَ“ تان به هٿ کڻي ”همدرد جانوري“ بڻيو. اڳتي هلي هن پنهنجي قلم کي پهلوانيءَ جي پَڳُ ٻَڌائي، سنڌي ادب ۾ شينهن واري گجگوڙ سان داخل ٿيو؛ ۽ مٿيون سِٽون لِکي ورتائين؛ توڙي جو سندس قَلمُ کي شِينهن ٿيڻ ۾ اڃا وَقتُ لڳندو.

احمد بخش سنڌي - جاويد بوزدار

احمد بخش سنڌي
ھندستاني سيست جو سرگرم ڪردار
جاويد بوزدار
هر سنڌي لاءِ اها قدرتي ڳالهه آهي ته هو اها ڳالهه ڄاڻي ته سنڌين جي دنيا ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ سنڌي ڪيئن آهن ۽ سنڌ کان ٻاهر هنن جون ڪهڙيون سرگرميون آهن ۽ ڪهڙيون اهم شخصيتون مختلف ميدانن ۾ جاءِ ٺاهي رهيون آهن. اها ته هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي ته ورهاڱي لکين سنڌين لاءِ اذيتن، ذلتن، ڏکن ۽ ڏوجهرن جو نه کٽندڙ سلسلو آندو، توڙي جو جاگرافيائي لحاظ کان ته سنڌ ورهائجڻ کان بچي وئي پر ورهاڱي سبب پهتل نفسياتي ۽ روحاني زخم ايترا ته گهرا آهن جو ۶۵ سالن جو ڊگهو عرصو گذرڻ باوجود اهي اڄ به اذيتون ڏئي رهيا آهن. عام طور تي ورهاڱو ذهن ۾ اچڻ سان اسان سڀني جي ذهن ۾ اها ڳالهه اچي وڃي ٿي ته ان سان نه رڳو لکين سنڌي هندو خاندان متاثر ٿيا ۽ انهن پنهنجي ڌرتي ڇڏي هندستان، عرب ملڪ، وچ اوڀر ايشيا ۽ ٻيا ملڪ وسايا، پر اها حقيقت به آهي ته اڪثر هندو سنڌي متاثر ٿيا پر اها ڳالهه درست نه ٿيندي، نه رڳو هندن لڏ پلاڻ ڪئي پر ڪيترائي سنڌي مسلمان ۽ سنڌي عيسائي خاندان به متاثر ٿيا ۽ کين پنهنجن پيارن ۽ پنهنجي ڌرتي کان ڌار ٿيڻو پيو. ان کان سواءِ سنڌي پارسين ۽ سنڌي يهودين کي به نفسياتي طور جنم ڀوميءَ کان جدا ڪيو ويو. ڪيترائي سنڌي مسلمان خاندان ڌرتي کان ڌار ٿيا، انهن مان ڪجهه گجرات هليا ويا ته ڪيترائي وري راجسٿان ۾ آباد ٿيا. بيڪانير جي سنڌي سياستدان ۽ سماج سڌارڪ احمد بخش سنڌي جو خاندان به متاثرن مان هڪ هو.

ھريش واسواڻي - رکيل مورائي


ھريش واسواڻي
سنڌي نئين ڪوتا جو جنم داتا
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو غير معمولي ليکڪ، سنڌي ٻوليءَ ۾ نئين ڪوتا جو جنم داتا، سنڌي ٻوليءَ کي ”پرش وئشيا،“ جهڙي اڇوتي ڪوتا ڏيندڙ، هريش واسواڻيءَ، ڪيئي ورهيِھ ٿيا لکڻ ڇڏي، ادب کان پاسو وٺي ويهي رهيو. هن جي ان فرار جا ضرور ڪي سبب هوندا. هن جڏهن محسوس ڪيو ته ادب جهڙي مقدس ڪم ۾ سياست جي رنڊي گهڙي پئي آهي ته هن قلم کي الماڙيءَ ۾ رکي ڇڏيو ۽ سياست کي ادب سمجهندڙن لاءِ ميدان خالي ڪري سنتوش ماڻيو، يا پاڻ ان ڪيفيت ۾ محسوس ڪيو. ظاهر ڳالھه آهي ته في الحال ان الڳ پڻي کي سنتوش ئي چئبو. هن سچ پچ ڪيترو سنتوش ماڻيو، اهو ته اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. پر هڪ ڳالھه بنهه سمجهڻ ڏکي ڪانهي ته چاليھه سال ادب کي ارپيندڙ شخص/اديب، ائين ادب کان پري ٿي وڃي ۽ اڪيلو گذارڻ لڳي ته ان عمل جي پويان ڪو درد، ڪا پيڙا، ڪا تڪليف هن ضرور ڀوڳي هوندي!

قاضي شفيق احمد مهيسر - آزاد انور ڪانڌڙو

قاضي شفيق احمد مهيسر
سنڌ دوست سياستدان
آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ
سنڌ ۾ جڏهن به اصولي سياست جو ذڪر ٿيندو ته ان ۾ نامياري سياستدان قاضي شفيق احمد مهيسر جو نالو سرِفهرست ملندو. قاضي شفيق احمد مهيسر، سچن ۽ بيباڪ سياستدان مان هڪ هو. سندس اصول پسنديءَ واري سياست جا علائقي سميت سنڌ ۾ ڪيترا ئي مثال ملندا. اڄوڪي دور ۾ جڏهن اڪثر سياستدان پئسو ٺاهڻ ۾ مصروف هجن ٿا ۽ عوام سان ڪيل واعدا ۽ وچن وساري ويهن ٿا، ان دور ۾ قاضي شفيق احمد مهيسر جهڙي عوام جي خيرخواه سياستدان جو اوچتو وڇڙي وڃڻ سچ ته وڏو عوامي نقصان آهي. قاضي شفيق احمد مهيسر جي اوچتي وڇوڙي سڄي علائقي توڙي دادو ضلعي جي سياست جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

ڀائي لعل محمد استاد

ڀائي لعل محمد استاد
موسيقار
ڀائي لعل محمد ۱۸۸۷ع ۾ امرتسر ۾ ڄائو. سندس تعلق ربابي گهراڻي سان هو، کيس امرتسر ۾ ميوزڪ جو اسڪول هوندو ۽ هو امرتسر جي پاسبان چوڪ تي رهندو هو. استاد ڀائي لعل خان گذريل وقت جي فقير موسيقارن وانگر پنج وقت نمازي ۽ تهجد گذار شخص هو. ۱۹۱۹ع ۾ هن محبوب علي ستار نواز کان موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۲۱ع ۾ هو هندستان جي مشهور ڪلاسيڪي گويي پنڊت ڀاسڪر راؤ جو شاگرد ٿيو. استاد لعل محمد ۽ پنڊت ڀاسڪر ٻئي همعصر گويا هئا. ٻنهي گوين مسلمان موسيقارن کان موسيقيءَ جي تعليم ورتي هئي، تنهنڪري ٻنهي ۾ مسلمان گوين جا گائڪي وارا گڻ موجود هئا. ٻئي موسيقيءَ جي وڏين ڪانفرنسن ۾ حصو وٺندا هئا ته ڪڏهن -ڀائي- لعل محمد ته ڪڏهن ڀاسڪر گِرهه کڻندو هو. پر پوءِ به لعل محمد، ڀاسڪر جي گائڪيءَ جي انگن کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ سندس شاگردي ورتائين. هن ۱۹۲۲ع ۾ وفات ڪئي، پوءِ به لعل محمد سڄي ڄمار کيس پنهنجو استاد مڃيندو رهيو. استاد ڀائي لعل محمد کي ۱۹۲۵ع ۾ شڪارپور سنڌ جي هڪ ميوزڪ ڪانفرنس ۾ ”سنگيت ساگر“ جو لقب مليو. واقعي هو هئو به سنگيت جو سمنڊ. کانئس پوءِ اهو لقب هندوستان ۾ ڪنهن به گويي کي نه مليو آهي. هن پنهنجي سموري حياتي هن علم کي سکڻ ۾ گذاري ڇڏي.

18 November, 2012

جمن دربدر - رسول بخش درس

جمن دربدر
سنڌ جو هڪ يگانو ڪردار
رسول بخش درس
سنڌ ۾ تمام وڏا عالم، اڪابر، شاعر ۽ دانشور پيدا ٿيا. سنڌ سان محبت ڪندڙ قومي اڳواڻن ۽ رهبرن جي ته کوٽ ڪانهي. بقول غلام حسن رنگريز جي البت رهبري ڪانه ٿي ٿئي. هن سڄي قومي تحريڪ يا جدوجهد ۾ باهه جو ٻارڻ ويچارو ڪارڪن ۽ عام ورڪر ٿئي ٿو ۽ عام ورڪر بنا ڪنهن شهرت ،ٺٺ ٺانگرجي دِل ۾ نج محبت ۽ سچائي سان قومي خدمت ڪندو اچي.“ لڪا ڀڻن لوڪ ۾” جي مصداق سندس نالو پاٽ تي به نه هوندو آهي. مطلب “کٽيو کائي خديجان بوسا ڪڍي بصران” وانگر مائوزيتنگ جي قول تي عمل ڪندي (ڪم ايئن ڪريو جيئن اوڙ ۾ ٻج ٿو ڪم ڪري) پاڻ اوڙ ۾ دفن پر سلو نڪري ته سنگ ۾ ڪئين داڻا پيدا ٿين- ايئن قومي ڪارڪن عام ماڻهو وانگر پنهجي زندگي سڄي ارپي ٿو ڇڏي. اهڙا ڪيترا ئي سنڌ جا سپوت گمنامي ۾ گهاري رهيا آهن.

17 November, 2012

لالڻ فقير لاشاري - رياض عمراڻي


لالڻ فقير لاشاري
جهڏي وارو
رياض عمراڻي
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو
لڪيا ڀڻن لوڪ ۾ جو مشتاق، فقير درويش، موجوده وقت جو فقير حاڪم انسانيت، جهڏي جي ڳوٺ ڪرم علي لغاري جو چراغ هدايت درويش لالڻ فقير لاشاري به آهي، جنهن جي فيض جو درياهه ڏينهن ۽ رات جاري آهي. اهڙو فيض عام و خاص جي لاءِ رحمان جي رحمانيت ڀرئي فيض سان وهندڙ درياءَ وانگر وهي رهيو آهي. فيض وٺڻ جو معيار ڪهڙو هئڻ گهرجي، اهو تعين ڪرڻ ٿورو مشڪل ضرور آهي. پر يقين جي منزل سان، فيض ۽ شفا مٽيءَ مان به ملي ويندي آهي.

مائي حليمان ميربحر - پير علي محمد راشدي


مائي حليمان ميربحر
پير علي محمد راشدي
مائي حليمان ميربحر، ڀونڀٽپور جو هڪ خاص ڪئريڪٽر هوندي هئي. سياڻي، فضيلت ڀري، شاديءَ غمي جي ڪمن ۾ هر هڪ جي همدرد. پاڙي ۾ جنهن به سڏ ڪيس، خوشيءَ سان ورنائيندي. سڱابنديءَ جو معاملو هوندو ته طرفين جي وچ ۾ نياپا سنيها پڄائيندي ۽ آخر آڻي گهوٽيتن خواهه ڪنواريتن کي هڪ ئي نڪتي تي بيهاريندي. ڪنوار کي ”ونواهه“ جي ڏينهن اندر ”ٺاهڻ“، سينگارڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کڻندي. هر صبح جو اچي ڪنواريتي گهر رسندي: ڪنوار جي جسم کي اَٽي ۽ سرنهن جي تيل سان مليندي، مٿي کي سير ڏيئي صاف ڪنديس، ميٽ تيل سان وهنجارينديس، ۽ وهنجارڻ کان پوءِ مٿي ۾ تيل وجهي ۽ سينڌ ڏيئي، سندر وجهنديس، هٿن پيرن تي ميندي لائينديس، اکين کي ڪجل جي ”ريهه“ ۽ چپن کي سرخيءَ جو چٽڪو ڏينديس. کاڌي لاءِ بُسريءَ، چُوريءَ، ڪُٽيءَ، مکڻ ۽ مُستيءَ جو انتظام ڪنديس. آخري ”مٿا ميڙ“ جي موقعي تي، لانئن ڏيارڻ ۽ ساٺن سڳڻن پوري ڪرائڻ جي ذميواري پڻ سندس سر تي هوندي. جيستائين نکيٽي (يا رخصتي) جو وقت ايندو.

رئيس غلام محمد خان پٺاڻ - محمد بخش عمراڻي

رئيس غلام محمد خان پٺاڻ
موسيقي ۽ راڳ جو ڄاڻو ۽ ماهر
محمد بخش عمراڻي
رئيس غلام محمد خان پٺاڻ جيڪو تعلقي سعيد آباد هالا ۽ مٽياري ۽ تر جي هڪ اهم ۽ منفرد شخصيت بلڪ جدا گانه حيثيت رکندڙ ۽ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. پاڻ ۱۹۰۴ع ۾، پراڻي سعيد آباد جي ڀرسان، ڪچي جي علائقي، پٺاڻ ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ تازو ۲۰۰۷ع ۾ ۱۰۳ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ سڄي عمر ۾ صرف هڪ شادي ڪيائون ۽ کيس ڪو به اولاد ڪو نه هو. کيس سمورو عوام ۽ خاص طور تي مخدوم خاندان جا سمورا فرد ۽ سائين مخدوم طالب الموليٰ، شاهه نواز جوڻيجو، مخدوم امين فهيم ۽ سعيد آباد جو سائين غوث علي شاهه ۽ پير فضل الحق شاهه، راهو خاندان جا حاجي الهداد راهو ۽ حاجي وارث راهو سعيد آباد ۽ هالا جا ۵ لک عوام سندس شخصيت ڪردار فيصلن ۽ عمر جي ڪري به کيس احترامًا ”خان وڏو“ ڪري چوندا هئا.

16 November, 2012

ميوو ڀيل - راجا رشيد ڪنڀر/کپرو

ميوو ڀيل
هٿ جو ناياب هُنر اُڻندڙ
راجا رشيد ڪنڀر/کپرو
کپري شهر کان ۳۰ ڪلوميٽر اولهه ۽ اتر طرف، ٽنڊو مٺا خان شهر کان ۷ ڪلوميٽر اتر طرف، ڳوٺ جوهارَڙو ۾ رهندڙ ميوو ڀيل، پَشم جي ڌاڳَن مان فَراسيون، قالين، مُصلا، صِفون، دَستر خوان، درين ۽ دروازن جا پَردا خوبصورت نموني اُڻي ٺاهڻ ۾ سنڌ اندر پهرئين جوڙَ جو ڪاريگر آهي. ريگستاني جهاز يعني اُٺ لاءِ اُڻيل تنگ، مورن جو ناچ، هَرڻن جا ڇالَ، پَکين جون اُڏارون چِٽيندڙ هن ڪاريگرَ، برش ۽ رنگن سان کيڏندڙ مصورن کي به ماتِ ڏئي ڇڏي آهي.

ڏهاڪو سال اڳ راهه واٽ ويندي هڪ عرب شهزادي، جيڪو سياري جي موسم ۾ شڪار لاءِ آيل ھيو، سندس ڪلهي تي کنيل، ڇَهه باءِ چار جي فراسِي ڏسي، سندس فن کان دَنگ رهجي ويو. کيس ڏهه هزار رپيا ڏئي، اها فَراسي خريد ڪيائين ۽ کيس دُبئي هلڻ جي آڇ پڻ ڪيائين. دُور انديشيءَ ۽ تعليم نه هجڻ سبب، هن هلڻ کان انڪار ڪيو.
پنهنجي ڪٽنب سان گڏ، ٻن ڪکائين لانڍين ۾ رهندڙ، کاٻي ٽنگ کان معذور، هن ڪاريگر جي فن جو هيستائين ڪنهن به لاڳاپيل اداري قدر ناهي ڪيو. سندس ڪاريگريءَ جو ڪمال، اَڇڙي ٿر جي ڳوٺن کان وٺي وڏيرن جي اوطاقن تائين محدود آهي.
ملڪي ليول تي ٿيندڙ هنرن جي نمائش، توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ثقافتي دورن ۾ کيس پنهنجي نرالي فن کي پيش ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي. سندس خواهش آهي ته؛ سنڌ جو هي اصلوڪو هَٿ جو هُنر بچائڻ لاءِ، حڪومت ڪو قدم کڻي. جيڪڏهن ان ڪم جي سکيا لاءِ سينٽر کوليو وڃي ته هو مفت ۾ ڪوچنگ ڪرائڻ لاءِ به تيار رهي ٿو. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي هن قديم شاهڪار، هَٿ جي هُنر جي بچاءُ ۽ واڌاري لاءِ، تڪڙا ۽ اثرائتا اپاءُ ورتا وڃن، جيئن اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جو اهم حصو ختم ٿيڻ کان بچي سگهي.


جان محمد خان مرحوم - پير علي محمد راشدي


جان محمد خان مرحوم
پير علي محمد راشدي
مون پنهنحي ڳوٺاڻي زندگيءَ واري زماني ۾ دستور جاري ڪيو ته ڪو به ماڻهو منهنجي اڳيان هيٺ نه ويهي. هر آئي وئي ۽ غريب ماڻهوءَ لاءِ به ڪرسيون، کٽون ۽ موڙا رکائي ڇڏيم. جان محمد خان مرحوم کي اها ڳالهه ڪانه وڻي، سو هر ڀيري شڪايتون ڪندو رهيو- چي؛ ”تو لچن لوفرن جي دل وڌائي ڇڏي آهي، ان مان ڏاڍو ڏچو پيدا ٿيندو.“ پسگردائيءَ جي ڪنهن ”ڄٽ“ سرڪشي اختيار ڪئي ته هڪدم صوبيدار سان بندوبست، ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر اڳيان شڪايت ڪري، بدمعاشيءَ ۾ جهلائي ڇڏيندس. ننگاوتيءَ جي ڳالهه تان ڪنهن خون ڪري وڌو ته پراڻي فيوڊل دستور موجب ان شخص جو هرگز ”پن نه کڻندو“، بلڪ ڦاسي پوندو ته مناسب مدد ڪري ڇڏائي به وٺندس.

12 November, 2012

ٻه استاد - پير علي محمد راشدي


ٻه استاد
پير علي محمد راشدي

مولانا محمد سومر مرحوم
پٿر جون سليٽون رواج ۾ اچي چڪيون هيون، پر مولوي صاحب انهن جي استعمال جي به اجازت نه ڏيندو هو. سندس خيال هو ته سليٽ تي لکڻ سان شاگرد جو خط خراب ٿيندو ۽ هو ڪڏهن به خوشخط نه ٿي سگهندو. سندس پنهنجو خط تمام سهڻو هوندو هو، ۽ پڙهائڻ کان جو به وقت بچندو هوس سو ڪتابن نقل ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو.

11 November, 2012

عبدالھادي سمون - مختيار احمد ملاح


عبدالھادي سمون
راجسٿان جو گانڌي
مختيار احمد ملاح
هندستان جي رياست راجسٿان ۽ سنڌ، صدين جا پاڙيسري آهن. جن جو نه رڳو خطو هڪ آهي پر منجهن، ثقافت ۽ ٻولي سميت تمام گهڻيون هڪ جهڙايون آهن. ٻنهي حصن کي ۱۹۴۷ع ۾ سرحد جي لڪير ٺاهي ڌار ڪيو ويو پر اڄ به هزارين خاندان اهڙا آهن جن جا ٻنهي پاسي مائٽ آباد آهن. راجسٿان اڄ ترقي ڪري ويو آهي. ان ترقي ۾ سنڌي به برابر جا ڀاڱي ڀائيوار آهن. ڪيترا ئي اهڙا سنڌي آهن جيڪي نه رڳو پنهنجي علائقي پر سڄي راجسٿان جي هندستان ۾ سڃاڻپ بڻيل آهن. ٻاڙمير جي علائقي سان واسطو رکندڙ الحاج عبدالهادي به اهڙو ئي هڪ راجسٿاني سنڌي هو جنهن سياست ۾ تمام گهڻي ناماچاري حاصل ڪئي ۽ عوام جي بي لوث خدمت ڪري، ماڻهن جي دلين ۾ کيس لاءِ هميشه محبت جي جهوپڙي اڏيل هئي. اها هاڻ پختو ۽ مضبوط محل بڻجي وئي آهي ۽ هاڻ اها محبت ختم ڪرڻ، ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه آهي.

10 November, 2012

ادا قاضي - احسان دانش


ادا قاضي
احسان دانش
ادا قاضي جو اصل نالو فضل ڪريم قاضي آهي. هن لکڻ جي شروعات ڪالمن ۽ ڪهاڻين سان ڪئي، شاعري جي ميدان ۾ آزاد نظم ۽ نثري نظم ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس ڪهاڻين ۽ ڪالمن جو تعداد چڱو خاصو آهي. هن جون تخليقون سنڌي ٻولي جي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون رهيون آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي. ادا قاضي جا ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب
1.                  ڪاري.
2.                  سام.
شايع ٿي چڪا آهن.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ - احسان دانش


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
احسان دانش
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڪهاڻي ۾ سماج جي اهڙين حالتن جي عڪاسي ٿيل آهي جنهن ۾ چرپر ڪندڙ ڪردار گُهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪن ٿا. هن جون ڪهاڻيون سماج جون ناسور بڻيل ڪيترن ئي مسئلن تي لکيل آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪهاڻي جي پرخار پيچرن کان واقف آهي. موضوع توڙي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان سندس ڪهاڻين ۾ پنهنجي خوشبو آهي.

جهان آرا سومرو - احسان دانش


جهان آرا سومرو
احسان دانش
جهان آرا سومرو زندگي جي ننڍڙن ننڍڙن پر نهايت اهم مسئلن تي ڏاڍيون خوبصورت ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس اسلوب بيان به ٺيڪ ٺاڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي ڏاڍا سگهارا مڪالما ملن ٿا. هوءَ جديد ڪهاڻي جي اسلوب کان چڱيءَ ريت واقف آهي. سندس ڪهاڻين جا موضوع سماجي نابرابري ۽ زندگيءَ جي تخلين تي مشتمل آهن.

حضرت بابا صلاح الدين

حضرت بابا صلاح الدين

سندس والد پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو، بابا صلاح الدين اسلاميه اسڪول پشاور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙهه روانو ٿيو. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ ديوبند جي دارالعلوم مان ديني تعليم حاصل ڪيائين. هڪ مرحلي تي تارڪ ٿي، جهنگ وسايائين، جتي قدرتي نظارن جي مشاهدي ۾ مشغول رهيو. ڪجهه وقت ڪلير ۾، بارگاهه مخدوم علاؤالدين صابري ڪليري رحه ۾ قيام ڪيائين، پوءِ اجمير شريف ۾ خواجه معين الدين چشتي غريب نواز جي آستاني تي رهيو. اجمير کان پوءِ دهلي، لاهور، ملتان ۽ سرهند جي اوليائن جي مزارن تي حاضري ڏنائين. بعد ۾ ۱۹۵۱ع ۾ پاڻ مستقل طور حيدرآباد سنڌ ۾ اچي رهيو، جتي ڏينهن جو مولا عليءَ جي قدمن ڀرسان بٺارن ڀوڳڙين وٽ رهندو هو ۽ رات سخي عبدالوهاب شاهه جيلانيءَ جي درگاهه تي گذاريندو هو.

عبدالله بن سعيد ديبلي


ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي

عربن سنڌ جي شهر ديبل کي فتح ڪيو، اُن کان پوءِ اتي مدرسا کوليا ويا، جن ۾ پڙهندڙن کي ’ديبلي‘ سڏيو ويندو هو. ابوالعباس به ان حوالي سان ديبلي عالم ۽ محقق هو. هن علم جي اُڃ اُجهائڻ خاطر ڪيترا ئي ملڪ گهميا. وڏن عالمن کان حديثون ٻڌائين. ابوبڪر محمد بن اسحاق بن خزيم جي دور ۾، نيشاپور ۾ حسن بن يعقوب جي خانقاهه ۾ اچي رهيو ۽ اتي علم پرائيندو ۽ ڏيندو رهيو. رجب ۳۴۳هه/۹۵۴ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس حيره جي تاريخي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

آخوند الله بخش ڀٽي سيتائي


آخوند الله بخش ڀٽي سيتائي

آخوند الله بخش ولد آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي، ڳوٺ سيتا (تعلقي دادو) ۾ سن ۱۲۷۹هه/۱۸۶۲ع ۾ جنم ورتو ۽ ۱۳۵۶هه/۱۹۳۷ع ۾ رحلت ڪيائين. پنهنجي دور جو جيد عالم، مدرس ۽ خطاط هو. ديني علوم جي مڪمل تحصيل ۽ دستاربندي پنهنجي وڏي ڀاءُ آخوند مولانا عبدالرحمان ڀٽيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ ان جي رحلت کانپوءِ ان ئي مدرسي کي اوج تي پهچايائين. آخوند الله بخش ڀٽي فقيراڻو مزاج رکندڙ، شهرت کان ڀڄندڙ ۽ گوشه نشين عالم هو. درس ۽ تدريس کانپوءِ سندس باقي وقت عبادت ۽ مطالعي ۾ گذرندو هو.

بيدل فقير


بيدل فقير
بيدل فقير عرف فقير قادر بخش بيدل، سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب/ شاعريءَ ۽ تاريخ جو اهم نالو آهي. هو هڪ باڪمال شاعر، وڏو عالم ۽ اعليٰ پائي جو مفڪر ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کان پوءِ سنڌ ۽ هند ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. فقير قادر بخش بيدل جي شخصيت سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ گهڻ رخي رهي آهي. هو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، هندي، فارسي ۽ عربي ٻولين جو شاعر، نثر نويس ۽ جيد عالم به هو. هو هڪ ئي وقت قرآن، حديث، فقهه وغيره جو وڏو ڄاڻو هو. ان سان گڏ هو تاريخ ۽ ادب جو گهرو مطالعو رکندڙ ۽ برصغير جي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو.

ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي


ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي، ٺٽي جو مشهور شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. نقشبندي طريقي سان واسطو رکندو هو. هن جو پورو نالو سيد ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد مير ولي هو. هو ۱۱۳۸هه/۱۷۲۵ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو.

بودلو بهار


بودلو بهار

سيوهڻ جو مشهور درويش ۽ قلندر لال شهباز جو خاص خدمتگار، مخدوم بودلو سڪندر عرف ”بودلو بهار“، اصل ملتان جو ويٺل هو. سندس جنم ۲۰۲هه/ ۸۱۷ع ڌاري اچ شريف (ملتان) ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي صوفي بزرگن جي صحبت نصيب ٿيس. ڦوهه جوانيءَ ۾ سيوهڻ شريف آيو. شروعات ۾ ديني درس ڏيندو هو، پر پوءِ دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي روحاني رهبر جو متلاشي ٿي ويو. انهيءَ ڪيفيت ۾ اڪثر اگهاڙو رهندو هو.

بچل شاهه


بچل شاهه
بچل شاهه: هيءُ سکر جو بلند پايه شاعر ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۱۸۰۷ع ۾ شهر مانجهند، ضلعي دادوءَ (موجوده ڄامشوري) ۾ ٿي. هيءُ ڪافي گو شاعر هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس ڪي ڪافيون شامل آهن. روهڙيءَ واري محمد محسن ”بيڪس“ جو همعصر هو. بيڪس جي والد بيدل سان به سندس رهاڻ هوندي هئي. ننڍي هوندي عبادت ۽ رياضت ڏانهن لاڙي سبب، پارسي ۽ عربيءَ جي ڪجهه تعليم حاصل ڪيائين. ان زماني ۾ سيٺ نهالچند جو مانجهند ۾ ويدانت جو گهڻو زور هو. ڪيترا ئي فقير ۽ درويش وٽس ايندا هئا. هڪ ڀيري پرمهنس نالي هڪ سنت وٽس اچي رهيو، جيڪو جليانوالا جي رهواسي سنت گلابداس جو شاگرد هو.

ابراهيم شاهه وڄڙي


ابراهيم شاهه وڄڙي

ابراهيم شاهه وڄڙي، سخي. هن درويش جي مزار گنجي ٽڪر تي، حيدرآباد - ٽنڊي محمد خان روڊ تي، فتح چوڪ حيدرآباد کان ۲۴ ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. حيدرآباد کان ۲۰ ڪلوميٽر پنڌ تي اولهه طرف وڪيو ملاح اسڪول آهي، جتان درگاهه جو فاصلو ۴ ڪلوميٽر کن ٿيندو. هن هنڌ گنجو ٽڪر تقريباً ۲۰۰ فٽ اوچو آهي. مزار کان اوڀر ۾ گنجي ٽڪر جي پاڙ ۾ ريلوي لائين سان هڪ هنڌ برساتي پاڻي جمع ٿئي ٿو، جنهن کي ’سخيءَ جو ڪُن‘ چون ٿا. مزار ٽڪريءَ تي هڪ چوديواري اندر هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي ۽ اها هاڻوڪي دور جي ٺهيل لڳي ٿي. چوديواريءَ کان اتر طرف هڪ ٻي قبر هڪ ننڍي چوديواريءَ ۾ آهي. اها قبر ابراهيم شاهه جي والده جي ٻڌائي وڃي ٿي. هن بزرگ جي درگاهه جي در تي لکيل آهي: ’سخي ابراهيم شاهه وڄڙي اولاد علي مرتضيٰ سخي شهنشاهه حضرت ابراهيم شاهه‘، سندس والد جو نالو ابوالحسن ٻڌايو وڃي ٿو.

احمد ملاح مولوي


احمد ملاح مولوي

سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهر العلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو.

احمد شاهه ذاڪري


احمد شاهه ذاڪري

احمد شاهه ذاڪري ولد پير محمد شاهه جيلاني ذاڪري، وڏو عالم، بزرگ ۽ درگاهه ڌڻي ٿي گذريو آهي. کيس مريد ۽ عقيدتمند ”سُهڻو سائين“ ڪري سڏيندا هئا. سندن وڏا اصل ڪشمير جي طرف جا ويٺل چيا وڃن ٿا. سندس ڏاڏي، سلسله طريقت جي بيعت خواجه نظام الدين ڪشميريءَ ۽ خواجه محمد قاسم موهڙي شريف کان ورتي هئي. ۱۸۹۶ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ ڳوٺ ”ڪنڊڙي“ تعلقي بدين ۾ رهڻ لڳو. هو ڪشميري نموني زور سان ذڪر ڪندو هو، جنهن جي وفات بعد پير محمد شاهه جو وڏو ڀاءُ سجاده نشين ٿيو. محمد شاهه وڏي ڀاءُ کان اجازت وٺي، سڪرنڊ تعلقي ۾ پهرين ”گهنڊيا“ جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ، سڪرنڊ جي ڀر ۾، حاجي محمد حسن چوهاڻ جي ڳوٺ جايون ٺهرائي، اُتي وڃي ويٺو. هن جو سلسلهءِ طريقت قادري ۽ نقشبندي هو. وٽس جمعي نماز تي هزارين ماڻهو ايندا هئا، جن مان ڪيترن کي حال پوندو هو. سندن ذڪر راڳ جي نموني تي آهي. ڪيترا چور ۽ ڏوهاري ماڻهو، سندس صحبت ۾ سڌي راهه تي اچي ويا. پنهنجي رهائش گاهه وٽ گهر جون جايون، مسجد ۽ پنهنجو قبو ٺهرايائين. ۲۹ جمادي الاول ۱۳۵۵هه/۱۸ آگسٽ ۱۹۲۶ع تي، اڱاري ڏينهن وفات ڪيائين. ان تاريخ تي هر سال سندس درگاهه تي عرس ٿيندو آهي.

ابڙو عبدالڪريم چشتي


ابڙو عبدالڪريم چشتي
مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو ”چشتي“ سن ۱۳۱۴ھ مطابق ۱۸۹۶ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي ويجھي عزيز مولانا غلام رسول چشتيءَ وٽان حاصل ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ جي وڌيڪ تعليم شڪارپور جي ”وڪٽوريه جوبلي انسٽيٽيوٽ“ ۾ مولانا عبدالرحمان ميمڻ وٽ حاصل ڪري، ۱۹۱۷ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو.

05 November, 2012

رحمت الله خاصخيليءَ سان گفتگو - محمود مغل


مشهور بينجي نواز رحمت الله خاصخيليءَ سان گفتگو
وساريل وجود
محمود مغل
آتم ڪٿائن ۽ حياتين تي ڪم ڪرڻ منهنجي شديد خواهش رهي آهي... ڪجهه ڏينهن اڳ اسحاق کي فون تي عرض ڪيم ته راجا مهدي علي خان يا مجروح سلطان پوريءَ تي آرٽيڪل مڪمل ڪري رهيو آهيان. هندي فلمي جڳت جا اهي ٻئي ڪمال نالا اسان وٽ به پُهتل ته آهن، پر سندن حياتيءَ جو احوال ڪجهه ايڏو گهڻو پهتل ناهي. مجروح جون سٽون بس ذهن ۾ وڳيون پئي ته ٻن پهرن جو سائين نصير مرزا سان ملاقات ٿي وئي. اهو لائق تعريف عمل آهي جو سائينءَ بحيثيت اسٽيشن ڊائريڪٽر، اچڻ ساڻ ئي ڪيترا قدم کنيا آهن، جن مان هڪڙو فنڪارن ۽ صداڪارن کي ”مانُ“ ڏيڻ به آهي، پر اهم ڳالهه اها به آهي ته ”وساريل وجودن“ کي وري ياد ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي... ”رتيءَ جي رهاڻ“ پنجاهه منٽن جو هڪ انٽرويوءَ جو پروگرام آهي، جيڪو هر اڱاري تي رات جو نوَ لڳي ڏهه منٽن تي پيش ڪيو ويندو آهي. ميزبان استادِ محترم پاڻ هوندو آهي ۽ ڪمال ڪمال وجود شرڪت ڪن ٿا. جنهن مهل مون ملاقات ڪئي پئي ته پاڻ هڪڙو انٽرويو، ٽئپ تان ڪئسٽ تي منتقل ڪيائون پئي ۽ ڪجهه لمحن ۾ اهو سڀ ٻُڌي منهنجا ته وڻ وڄي ويا... يا الله... اسين ٻين کي الاءِ ڇا سمجهندا آهيون... پر هتي اسان جا پنهنجا ماڻهو گهٽ آهن ڇا؟ حيرت انگيز ڳالهه ناهي ته اسان جي ٽنڊي جان محمد جو ”رحمت الله خاصخيلي“ بينجي کي ڀاڪر ۾ ڀري، لاهور جي فلم انڊسٽريءَ جي موسيقارن کي مَحو ٿو ڪري؟... الاءِ ڪيترين فلمن جي موسيقيءَ ۾ سندس حصو به شامل آهي..! سندس ڳالهه ٻولهه جو هڪڙو ننڍڙو حصو ٻڌي ئي روح کي الاءِ ڇاٿي ويو. بس ان گهڙي ئي دل چيو ته اها سڄي ”ڪٿا ڪچهري“ ڪاغذن تي لهي ۽ اوهان تائين پهچي.
نصير صاحب جي مهرباني جو هن ٽئپ عنايت ڪئي، اسحاق جو ڪرم جو هن ڇپڻ قبولي... ۽ اوهان جي به مهرباني ٿيندي جيڪڏهن اوهان به هن فنڪار جي قدرداني ڪندي، رڳو سندس فن کي قبول ڪيو...
رحمت الله... جڙيو هجين... سکيو سلامت هجن... تنهنجي ڳالهه ٻولهه کي ڪاغذن تي منتقل ڪندي، ڪجهه ڪلاڪن جي خدمت ارپيان ٿو... دل چوي ٿي، تو لاءِ مجروح جون ئي سٽون ارپجن...

شيخ اياز - فياض لطيف


شيخ اياز
عالمي امن ۽ روشن خياليءَ جو شاعر
فياض لطيف
مهذب سماج، ملڪ ۽ قومون، پنهنجي قلمڪارن، عالمن ۽ دانشورن وسيلي سڃاتيون وينديون آهن. جيئن ڪنهن به ملڪ جي سرحدن جا محافظ ان ملڪ جا جوڌا جوان ۽ جرنيل هوندا آهن، ائين ئي قومن جي وقار، تهذيب، تمدن، ڪلچر، ٻولي ۽ ادب جي بقا جو ضامن، ان ملڪ جو اديب، شاعر ۽ سرجڻهار طبقو هوندو آهي.

راجا اقبال خانزادو - راجا ساجد


راجا اقبال خانزادو
صحافت جو راڄيتو ماڻهو
راجا ساجد
ٽنڊي الهيار جي مٽي سدائين مردم خيز رهي آهي. سياستدان، اديب، شاعر، ڊاڪٽر، وڪيلن سميت هتي جي زرخيزي پڻ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ آهن. پر صحافتي دنيا ۾ هن جديد دور ۾ ضلع ٽنڊو الهيار جي حوالي سان آئون سمجهان ٿو ته سنڌ توڙي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ صحافتي حساب سان نالو ورتو ويندو ته ان ۾ صحافي مرحوم راجا اقبال خانزادي جو نالو سرفهرست هئڻ کپي. ڇو ته هن پنهنجي سڄي زندگي صحافت ذريعي عوام جي خدمت ڪئي آهي. راجا اقبال خانزادو صحافت کان اڳ ۹ سال پاڪ آرمي ۾ به رهيو. جنھن ۱۹۷۱ع واري جنگ وڙهڻ کان پوءِ، ۱۹۷۷ع ۾ صحافتي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ هن وقت جي مقبول اخبار روزنامه صداقت جوائن ڪئي.

آغا سليم جو انٽرويو - سارنگا ٽيم

آغا سليم جو انٽرويو
سارنگا ٽيم 
سُڻي تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو!
ارشد اسٽريٽ، لڳ واڌو واهه، قاسم آباد۱۲هين جولاءِ۲۰۰۸ع جو روشن ڏينهن ۽ اسين همعصر دوست، حميد سنڌي سائين جي بنگلي تي پهتا هئاسين. ڪير! ڪير؟ پيارو انعام شيخ، طارق عالم، علي دوست عاجز، هي آئون نصير ۽ سارنگا جو سمپادڪ اسحاق سميجو. ڪيسٽون ۽ ريڪارڊر اسان سان ساڻ هئا ۽ جنهن شخصيت عاليشان سان، ان هنڌ اسان کي ’سارنگا‘ لاءِ انٽرويو ڪرڻو هو، اُهو هو سنڌي ٻوليءَ جو محبوب ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق ’آغا سليم صاحب!‘ ڏينهن اڳ سنڌي ادبي بورڊ ۾ بورڊ آف گورنرس جي غالباً ڪائي ميٽنگ ڪئي ۽ آغا صاحب معزز ميمبر جي حيثيت ۾ ان ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ کان حيدرآباد آيل هئو ۽ حميد سنڌي صاحب جي رهائش گاهه تي، مهمان خاني ۾ ڊبل بيڊ جي پاسي کان وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو، پنهنجي وڻندڙ ۽ مسڪرائيندڙ چهري سان هن طئي ٿيل انٽرويو جي سلسلي ۾ اسان لاءِ منتظر ويٺو هئو. آغا صاحب تي نظر پوندي ئي، مون ڄاتو ته سنڌي ليکڪن مان هي شاهاڻو وقار ته بس هن دؤر ۾ آغا سليم صاحب کي ئي سونهين ٿو.

01 November, 2012

الطاف شيخ جو انٽرويو - رشيد ميمڻ


الطاف شيخ جو انٽرويو
ڪاوش اخبار طرفان
انٽرويو وٺندڙ: رشيد ميمڻ
بتاريخ ۲۱ جون ۲۰۱۲ع
ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان دنيا ۾ سڃاتي ويندڙ سنڌ ڪن اهڙن شخصيتن کي به جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فن، لکڻين، ادب ۽ ڏات ذريعي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو منورڪيو آهي. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ نالو الطاف شيخ جو به آهي، جيڪو سنڌي ٻولي جو سڀ کان وڌيڪ سفر ناما لکندڙ ۽ سنڌ جو درد رکندڙ آهي.
ڪاوش اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، نوجوانن کي صحيح تعليم ئي نٿي ملي، ان ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جي اهليت ۽ قابيلت تمام گهٽ آهي. ملائيشيا ۾ سنڌ کان به گهڻي وڏيراشاهي هوندي به اُهو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، ڇو جو اتي جو هر وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ کي پنهنجو شانُ ۽ مانُ سمجهي ٿو، هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو پر هتي اسان وٽ سنڌ ۾ ائين نه آهي.