بيدل فقير
بيدل فقير عرف فقير قادر بخش
بيدل، سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب/ شاعريءَ ۽ تاريخ جو اهم نالو آهي. هو هڪ باڪمال شاعر،
وڏو عالم ۽ اعليٰ پائي جو مفڪر ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام، شاهه لطيف ۽
سچل سرمست کان پوءِ سنڌ ۽ هند ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. فقير قادر بخش بيدل جي شخصيت
سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ گهڻ رخي رهي آهي. هو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، هندي،
فارسي ۽ عربي ٻولين جو شاعر، نثر نويس ۽ جيد عالم به هو. هو هڪ ئي وقت قرآن، حديث،
فقهه وغيره جو وڏو ڄاڻو هو. ان سان گڏ هو تاريخ ۽ ادب جو گهرو
مطالعو رکندڙ ۽ برصغير جي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو.