; سنڌي شخصيتون: April 2012

30 April, 2012

حسين علي شاهه فاضلاڻي - سيد يار محمد شاهه


حسين علي شاهه فاضلاڻي
سيد يار محمد شاهه
سنڌي فلمن جو باني، سنڌي سادات گهراڻي جو خوبصورت وڏيرو فنڪار سيد حسين علي شاهه فاضلاڻي، جنهن جون سنڌي فلمون “عمر ماروئي” ۽ “پرديسي”، اردو فلمون “ماروي” ۽ “استادون ڪا استاد” ڏسڻ کان پوءِ، آئون سندس پرستار ٿي چڪو هوس. هڪ ته مونکي فلميريا جي بيماري لڳل هئي ۽ ٻئي طرف سائين فاضلاڻي مٽيارين جو سادات سڏبو هو، مگر رهندو حيدرآباد ۾ هو. جڏهن ته سندس مارويءَ وارو محل اڏيري لعل ۾ هو. منهنجي ساڻس ملاقات تمام گهڻو دير سان ٿي، جڏهن سنڌي فلم “مٺڙا شال ملن” حيدرآباد ۾ وڏي ڌوم مچائي رهي هئي. ڪراچي هوٽل ۾ فلم سازن، اداڪارن، شاعرن، هدايتڪارن جا ميڙا متل هوندا هئا. هر ٽيبل تي ڪا نه ڪا فلم پئي ٺهندي ۽ ڊهندي هئي. هڪ ڏينهن منهنجو هڪ دوست قاضي فضل الله مونکي حسين علي شاهه فاضلاڻيءَ وٽ وٺي آيو، جنهن مونکي پهرين ملاقات ۾، تمام گهڻي عزت ڏني ۽ قد بُت کان وڌيڪ اهميت ڏني. ان پنهنجي زير تڪميل فلم “هاري” جي اسٽوري ۽ گانا ٻڌايا ۽ مزاح لکڻ لاءِ چيو. مون اتي ئي ڪجهه مزاحيه منظر لکي ڏيکاريامانس. ڏاڍو متاثر ٿيو. فلم “هاري” جي گانن لاءِ موسيقار غلام نبي، عبداللطيف جي بيٺڪ تي، منهنجون ٻه ڌنون پسند ڪيون. ريڪارڊ ڪرڻ جي تياري ڪيائون پر قدرت اها ٿي ته اهي ٻئي گانا مون پنهنجي فلم “علي گوهر” ۾ استعمال ڪيا، جنهن جو موسيقار غلام علي هو. حسين علي شاهه فاضلاڻي، منهنجي باري ۾ مونکي ڪجهه به نه ٻڌايو. پر ايسٽرن اسٽوڊيو جي مالڪ ۽ فلم “مٺڙا شال ملن” جي پروڊيوسر سعيد هارون کي ٻڌايو ته؛ مون پنهنجي فلم لاءِ اهڙو هيرو کنيو آهي جيڪو رائيٽر به آهي، ايڪٽر به آهي ۽ ڌنون به ٺاهي ٿو. سعيد هارون (مشهور فلمي شاعر) موسيٰ ڪليم جي معرفت مونکي اسٽوڊيو ۾ سڏايو ۽ مونکان پڇيو ته تنهنجو حسين علي شاهه سان ايگريمنٽ نه ٿيو آهي. تون اسان سان ٻن فلمن جو ايگريمنٽ ڪر، جنهن ۾ هيرو جو رول ۽ ڪاميڊي به لکي ڏي. موسيٰ ڪليم مون ڏي نهاري مونکي انڪار ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو. مون چيو ته توهان منهنجي باري ۾ موسيٰ ڪليم سان طي ڪريو. جڏهن ته سعيد هارون جو ضد هو ته تون مون سان تنهائي ۾ هلي معاملو طي ڪر. ان پنهنجي سيٽ تان اٿي، منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، مون کي ميٽنگ روم ۾ هلڻ لاءِ چيو. مون انڪار ڪيو ته هن چيو؛ حسين علي شاهه جي فلم کان اڳ، اسان جي فلم ٺهندي ۽ عيد تي لڳندي. تنهنڪري تون اسان جي آفر قبول ڪر. مون کي وري به موسيٰ ڪليم اشارو ڪيو ۽ مون انڪار ڪيو. پر حقيقت ۾ اڳتي هلي سعيد هارون جون ٻه ٽي فلمون ٺهيون ۽ ريليز به ٿيون. جڏهن ته حسين علي شاهه جي آخري فلم “هاري” دٻن ۾ ئي رهجي ويئي.

کيئلداس ”فاني“ وليرام بيگواڻي


سائين کيئلداس ”فاني“ وليرام بيگواڻي
فاني آ غير فاني
ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو
سندس اظهار ۽ اسلوب ۾ رواني ۽ فراواني اڳي کان اڳري آهي. ساڳيو شڪارپوري لهجو ۽ لئه، لڳاتار لکت مان لياڪا پيو پائي؛
ڪٿ چنڊ بادلن مان مشڪندو ڏٺو اٿم،
ڪٿ حسن برپٽن ۾ ڀٽڪندو ڏٺو اٿم،
سائين کيئلداس”فاني“ وليرام بيگواڻي، تاريخ چوٿين اپريل ۱۹۱۴ع ۾ سنڌ ڌرتي جي لاثاني ڳوٺ”مياڻ جي ڳوٺ“ تعلقي شڪارپور ۾ ڄائو. ”ميان جو ڳوٺ“ شڪارپور جي اوڀر اتر طرف (همايون کان اوڀر طرف ڪجهه مفاصلي تي) آهي. سنڌ جو مشهور ادبي رسالو”سنڌو“ ۱۹۳۲ع ۾ پهريان شڪارپور مان جاري ٿيو، ۽ پوءِ آڪٽوبر ۱۹۳۵ع کان جون ۱۹۳۹ع تائين ۽ ۱۹۴۳ع کان ڊسمبر ۱۹۴۶ع تائين ميان جي ڳوٺ مان پڌرو ٿيو.”سنڌو“ رسالي جو ايڊيٽر مسٽر بولچند وسومل راجپال به اصل ”ميان جي ڳوٺ“ جو رهاڪو هو. ميان جي ڳوٺ جو ماحول به شڪارپور جي علمي ماحول وانگر هو. گويا ائين کڻي چئجي ته”ميان جو ڳوٺ“ ڄڻ شڪارپور جو ورش (ڌرتي ۽ ٽڪر) آهي. ميان جو ڳوٺ جا ٻيا عالم-اديب ۽ شاعر هئا، سائين ڪريم بخش ٽانوري، لڇمڻ راجپال، پرڀداس، وسومل راجپال ۽ محمد عظيم سميجو. اهڙي علمي-ادبي ڳوٺ جي ماحول ۾ سائين کيئلداس”فاني“ ڄائو-نپنيو. ابتدائي تعليم ميان جي ڳوٺ جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ سائين ڪريم بخش ٽانوريءَ کان حاصل ڪيائين. جنهن لاءِ پاڻ هڪ خط ۾ لکيو اٿائين ته:”استاد ڪريم بخش ٽانوريءَ جهڙو معلم ۽ منتظم، بنيادي تعليم جو ماهر اڄ تائين مون سان ٻيو ڪونه مليو.“ ”فاني“ صاحب ننڍپڻ کان ئي اهڙن قابل استادن جي صحبت ۾ رهيو، جن جي اثر ۽ رنگ ۾ رنڱجي ويو.

29 April, 2012

امام ڏنو فقير - مصطفيٰ ملاح


امام ڏنو فقير
...۽ هڪ ٻي شرنائي اداس ٿي وئي!
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ شرنائي وڄائي مڃتا ماڻيندڙ امام ڏنو فقير 70 ورهين جي ڄمار ۾ ڪالهه هميشه لاءِ موڪلائي ويو.
امام ڏنو فقير وڏي عرصي کان جگر جي رت نه ٺاهڻ واري بيماري ۾ مبتلا هو. حالانڪ هو هلڻ ڦرڻ کان لاچار هوندو هو، پر پوءِ گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ مجبورن شرنائي وڄائي گذر سفر ڪندو هو. سندس اولاد بيروزگار هئڻ ڪري، کين به انهيءَ فن سان لڳائي ڇڏيو هيائين. ھنن سندس بيماريءَ تي گهر جو الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو هو. سنڌ سرڪار کي علاج لاءِ اپيل به ڪئي پر اتان هن جي ايتري مدد ٿي جو هڪ ڀيرو علاج ڪرائي سگهيو ۽ ٻيهر علاج ڪرائڻ جي سگهه نه رکڻ سبب هن ڌم ڌڻي حوالي ڪيو.

27 April, 2012

بانو محبوب جوکيو - معصوم سنڌي


بانو محبوب جوکيو
سنڌي اديبا ۽ شاعرا
معصوم سنڌي
شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو، 25 سيپٽمبر 1969ع تي محراب پور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائي. سندس اصل نالو غلام بتول آهي.
هن 1987ع ۾ ميٽرڪ محرابپور هاءِ اسڪول مان ڪئي. جڏھن ته 1994ع ۾ ايم. اي سنڌي ۽ ايم ايس سي اسٽيٽسٽڪس ۾ 1995ع ڌاري شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سنڌ جي مشهور استاد ۽ اديب محبوب علي جوکيي جي نياڻي، نامياري آرٽسٽ اياز جوکيي، صحافي اخلاق جوکيي ۽ اديب تعليمي ماهر الطاف جوکيي جي ڀيڻ آهي. ادبي دنيا ۾ پاڻ کي شاعره ۽ افسانه نگار طور متعارف ڪرايائين.
سندس ڪلام سگهڙين سٿ ۽ ’سرتيون‘ رسالي کان سواءِ مختلف اخبارن ۾ به ڇپجندو رهيو آهي.
گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس ۾ ليڪچرار آهي.
سنڌي ڪهاڻيءَ تي نسيم کرل ايوارڊ به کڻي چڪي آهي.

اياز عالم ابڙو - معصوم سنڌي


اياز عالم ابڙو
مصور گهراڻي جو گل
معصوم سنڌي
اياز عالم، سنڌ جو نامور چترڪار، وڊيو گرافر، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. هن 3 مئي 1950ع تي قمبر ۾، نامياري چترڪار ۽ استاد محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1966ع ۾ پاس ڪيائين.
کيس چترڪاري ۽ فوٽوگرافي ورثي ۾ ملي. ٻالڪپڻ ۾ ئي ادبي ميدان ۾ قدم رکيائين. ڊرامي جي دنيا ۾ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيائين. سندس ٽي. وي ڊرامن ۾ ’ڏات جي ڏيهه ۾‘، ’گهايل مرڪ‘، ’پنهنجا پنهنجا سپنا‘، ’ڪُن ۽ ڪنارا‘ ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي زندگيءَ تي لکيل ڊرامو ’انت بحر‘ مشهور ٿيا. سندس ريڊيو ڊرامن ۾ ’سوڀارو سانول‘، ’انت بحر‘ ۽ ٻيا تمام گهڻو پسند ڪيا ويا.

خدا بخش ابڙو - معصوم سنڌي


خدا بخش ابڙو
رنگن ۾ ساهه ڦوڪيندڙ
معصوم سنڌي
سنڌ جي ثقافت ۽ فنون لطيفه جو ھڪ اعليٰ آرٽسٽ/ مصور خدابخش ابڙو، جنھن جو فن نه فقط سنڌ پر پوري ملڪ لاءِ فخر آھي. پاڻ 12 اپريل 1957 ع تي ڄائو. ھيءُ مصور، انساني جذبن، احساسن ۽ تصورن جو اظھار پنھنجي فن وسيلي ڪرڻ جو ماھر آهي. ھن جي مصوريءَ ۾ رنگن جي نمايان ۽ وقتائتي شموليت قابل قدر وصف آھي. ھن آرٽسٽ مصور جون تصويرون ملڪ جي سڀني نمائشن ۾ شامل ٿينديون ۽ ڪاميابي حاصل ڪنديون رھيون آھن.
ھن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپجندڙ سوين ڪتابن جا سر ورق ڊزائن ڪيا آھن ۽ 1978ع ۾ نيشنل بڪ ڪائونسل طرفان اوارڊ به حاصل ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح کيس 1979ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج “ جي ڊسٽ ڪور جي تخليق تي ايوارڊ ملي چڪو آھي.
سال 1980ع ۾، ھن قومي سيمينار ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي. ھن نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاھور ۾ ڪمرشل ڊيزائننگ جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي.
سندس شادي، سنڌ جي نامياري شاعره عطيه دائود سان ٿيل آهي. سندس ٻار ’سونهن‘ ۽ ’سُهائي‘ ٻئي آرٽسٽ آهن.
خدا بخش هن وقت روزاني انگريزي اخبار ’ڊان‘ سان لاڳاپيل آهي.

آمنه خميساڻي

آمنه خميساڻي

معصوم سنڌي



تعليمي ماھر ۽ استاد، پروفيسر اَمينه خميساڻي، ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر ۾، ۱۶ اپريل ۱۹۱۹ع تي ڄائي، سکر جو اڳوڻو ڪليڪٽر علي بخش چنو سندس والد ھو، مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف اسڪول مان پاس ڪيائين. بي اي ۱۹۴۳ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ۽ ايم اي انگلش، ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي شعبي جي ليڪچرر مقرر ٿي، سموري حياتي تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪندڙ ھن خاتون، ۱۹۶۳ع ۾، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ’سترھين صديءَ جي انگريزي ادب‘ جي موضوع تي ڊپلوما ڪئي. ۱۹۶۹ع کان ۱۹۷ ۴ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان وابسته رھي. هن سبجيڪٽ ايڪسپرٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ۱۹۸۳ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي اٺٽيھين اجلاس ۾ نمائندگي ڪيائين. پاڻ عورتن واري رتبي جي پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي ۱۹۸۴ع واري ڇپيل رپورٽ جي سھڪاري ايڊيٽر پڻ رھي.

ارم محبوب

ارم محبوب

معصوم سنڌي



گلن کان به نازڪ ناري ارم محبوب، ماهتاب محبوب جي نياڻي ارم، ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي نثر ۽ شاعري لکڻ شروع ڪئي. روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي ٻارڙن جي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ سندس ٻاراڻيون ڪهاڻيون ۽ لطيفا ڇپيا. سندس انگريزي شاعري، ننڍيءَ عمر ۾ ئي  “Children’s Dawn”۽ “Teenager” رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. ۱۹۹۰ع ۾ ’ٽين ايجر‘ رسالي جي نمائندي طور ڪم ڪيائين ۽ ۱۹۹۵ع کان لڳاتار ڪجهه سال ان جي فيچر ايڊيٽر رهي.

25 April, 2012

ڊاڪٽر قادر ابڙو - نثار کوکر ۽ ستار زنگيجو


ڊاڪٽر قادر ابڙو
پپل جو ڇڻيل پنڙو
نثار کوکر
اها ڳالهه اڳ ۾ ڪڏهن ايتري چٽائيءَ سان سمجهه ۾ ڪا نه آئي هئي، ته ڪنهن به ماڻهوءَ جي آخري سفر ۾ سندس ئي مٽ مائٽ ۽ پرين پيارا تمام گهڻي جلدي ڇو ڪندا آهن! حقيقت ۾ هو ان مري ويل شخص کان تڪڙو هٿ ڇڏائيندا آهن ته جيئن سندس بي جان وجود وڌيڪ سندن جيءُ نه جهوري. ان سان لاڳاپيل يادون وَر وَر ڏيو دل جو دڳ جهلي بيهن ته ڀلا ڇا ڪجي؟ ان وقت زمين به گونگي ۽ آسمان ٻوڙو بڻجي ويندو آهي. پنهنجو غم ڪير ڪنهن کي ٻڌائي به ته ڇا ٻڌائي! اسلام آباد ۾ ڀوجا ايئر لائين جي تباهه حال ٽڪرن منجهان اسان جي دلبر دوست ڊاڪٽر قادر ابڙي جي جسم جا ٽڪرا سڃاڻي ميڙي هڪ ايمبولينس ۾ وجهي، جڏهن هو روانا ٿيا ته اهو صرف ڊاڪٽر قادر جو آخري سفر ڪو نه هو، پر ايمبولينس ۾ ويٺل سندس دلي دوست اصغر سومري جي به صبر جو امتحان هو. ويهن ٻاويهن ڪلاڪن جي ان سفر ۾ هو ڊاڪٽر قادر جي چاچي کان ۽ چاچو هن کان ڳوڙهن هاڻيون اکيون لڪائيندا رهيا. اکيون ملائين ته ڊنڍڪرن ۾ پئجي وڃن، تنهن کان هنن هڪ ٻئي کي آٿت ڏيڻ جو اهو ئي طريقو ڪڍيو ته آس پاس جي گاڏين ۾ اکيون ۽ تابوت تي هٿ رکيل هجن. ڀرسان ڪا گاڏي گذري ۽ اداسيءَ جا ٻه ٽي ٻول ٻڌائي گم ٿي وئي ٿي.
رب نه ڪري ڪه يه زندگي
ڪبهي ڪسي ڪو دغا دي
ها! واقعي ڊاڪٽر قادر سان ٿي به ته دغا. هن سڄي زندگي جنهن لمحي جو انتظار ڪيو، جنهن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، اهو لمحو آيو ته هن کان زندگي راهه ويندي سفر دوران هٿ ڇڏائي هلي وئي. هن پاڪستان ۾ ڊاڪٽريءَ جي اعليٰ امتحان ايف سي پي ايس جو پارٽ ٽو لکت ۾ پاس ڪيو ۽ هاڻي هو ان ئي جو زباني امتحان ڏيڻ اسلام آباد پئي ويو. ڊاڪٽر قادر پنهنجي شعبي نفسيات ۾ ماهر ڊاڪٽر بنجڻ پئي چاهيو. ان قسم جي ڊاڪٽرن جي پاڪستان ۾ ۽ خاص ڪري سونهاري سنڌ ۾ ته اڳ ئي کوٽ آهي.
ڪراچيءَ ۾ ڊفينس گارڊن جي طوبيٰ مسجد ڀرسان وارن فليٽن ۾ هن جي ته ڄڻ حياتي گذري هئي. ساڻس پهرين ملاقات به انهن ئي فليٽن ۾ تڏهن ٿي، جڏهن اصغر سان گڏجي سندن فليٽ تي وڃڻ ٿيو. ان وقت به هو پنهنجي ڪمري ۾ اسٽڊي ڪري رهيو هو ۽ ڪجهه دير بعد اچي هو ويٺو. ڪچهريءَ ۾ قومپرست ۽ پنهنجي موقف تي قائم رهڻ وارو، پوءِ ڀلي سڄي سنگت ساڻس اختلاف رکي پر هو جيڪا ڳالهه سچ سمجهندو، ان تي ئي ڄمي بيٺل هوندو. هو پنهنجي شعبي سبب بظاهر رونما ٿيندڙ لقائن جا نفسياتي ۽ لڪل پهلو جاچڻ ۽ انهن تي بحث ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هو. اياز چواڻي:
رومي ساري رات رنو
حافظ ٽهڪ ڏنو ڇا لاءِ
ٻڌ ته سهي تون اي سقراط
زهر تو پيتو پر ڇا لاءِ
هن چانڊڪا ۽ ايل ايم سي منجهان ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ وڃي جو ڪراچيءَ جا وڻ وسايا ته فقير پوئتي مڙي نه نهاريو. قومپرست سياست، سا به سن واري سيد جي، ان جو پرجوش حامي ۽ انهن ئي تنظيمن جي اڳواڻن جو زبردست نقاد به پاڻ. سالن کان عملي سياسي سرگرمين کان پاسيرو پر خبر پل پل جي رکندو ۽ ڪارڪنن سان رابطي ۾ رهندو هو. سندس اهڙي عملي روش ۽ بحث ۾ سخت تنقيد تي اصغر سومرو کيس چيڙائيندو هو ته، ڀلا جي ٻيا خراب آهن ته تو ڪهڙو عملي ڪم ڪيو آهي؟ وڃي سالگرهه، ورسي تي به ڪو نه، اجايو گهر ويٺي حوال ڪرڻ سولا آهن.
اصغر جي اهڙي طعني تي هو پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۽ ڏيهي لهجي وارا مسلسل ٽهڪ ڏيئي چوندو هو؛ ”سائين اڃا هي ٻار آهي، هن ته ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اچي ڏٺو آهي سياست کي، پر اسان جي منزل اڃا اڳتي آهي. هن جي اها ليول ئي ناهي ته هن سان ڪهڙا ويهي نظرياتي بحث ڪريون“. اهڙن تلخ جملن کان پوءِ آئون اهو تاثر وٺندو هئس ته هاڻي ڊاڪٽر قادر ناراض رهندو اصغر کان، پر وري جو ٻئي ڏينهن چڪر هڻي ڏسان ته ٻئي ڳالهين ۾ ائين جهُٽ لڳا پيا آهن، جهڙو سالن کانپوءِ وڇڙيا مليا هجن. ڊاڪٽر قادر ايترو ته فوڪسڊ ماڻهو هو جو هن، دنيا جهان جا ٻيا سمورا خفا ختم ڪري، هڪ طرفو ٿي، نفسياتي ماهر ٿيڻ لاءِ جستجو ڪئي. انهن امتحانن ۾ هن جا ڪجهه سال مِس ٿي ويا ۽ هن جا بئچ-ميٽ هاڻي برطانيا ۽ سعودي ۾ ماهر نفسيات آهن، پر هن امتحانن ۾ ابتدائي ناڪاميءَ کي پاڻ تي مسلط نه ڪيو. دوستن دشمنن جي ٽوڪن طعنن جي باوجو، هو مستقل محنت ڪندو رهيو. ان دوران هن جناح اسپتال ۾ به ڊيوٽيون ڪيون ته نجي اسپتالن ۾ به ڪم ڪيو. هاڻي ڪجهه وقت کان هو ضياءُ الدين اسپتال ۾ پڙهائي به رهيو هو ۽ ڪم به ڪري رهيو هو، پر پنهنجي امتحانن مان به ڪڏهن هٿ نه ڪڍيائين. اها سندس طبيعت هئي، الاءِ پڙهائيءَ جو اثر، جو هن ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ڪئي.
ڊاڪٽر قادر سان صرف سنجيده ۽ پيشيواراڻن مامرن تي ئي نه پر ڪيترن ئي هلڪن ڦلڪن موضوعن تي به گفتگو ٿيندي رهي. ان رات اصغر ۽ مان ڏاڍو کلياسين، جڏهن هو منهنجي سن سيٽ واري فليٽ تي آيا هئا ۽ کيس سگريٽ بدران سگار دکائڻ لاءِ ڏنوسين. ڪاٺ جي تيلين واري ماچيس سان سگار دکائڻ ڊاڪٽر لاءِ مشڪل مرحلو ٿي پيو، پر هن سگار مان هٿ نه ڪڍيو. سُوٽا هڻڻ ڪري سندس سڄو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ اسان ٻئي کل ۾ ويڙهيا پيا هئاسين، پر ڊاڪٽر بُنڊيءَ جهڙو سگار دکائڻ ۾ ڪامياب ويو. ڊاڪٽر قادر ڪراچيءَ جي ايليٽ طبي ادارن ۾ ويندو، پڙهائيندو ۽ ڪم ڪندو رهيو، پر عشق معاشقي جي چڪرن کان پري رهيو. سندس شادي ۽ عشق جي موضوعن تي ڪڏهن ڪڏهن هلڪي ڦلڪي موڊ ۾ کانئس پڇندا هئاسين ته چوندو هو؛ ”پهرين اصغر جي شادي ڪرايو، ان جي حالت ڏسان ته پوءِ اسان به ڪنداسين.“ اهو ته هو، ڳالهه ٽارڻ لاءِ مذاق ۾ چئي ويندو هو. پر اصغر ٻڌايو ته ڊاڪٽر قادر جو خيال هو ته؛ هن معاشري ۾ ماڻهو پنن، پٿرن ۽ لوهه کان متاثر آهن. ڪنهن شخص جي اهليت، علم، طبيعت، وجود ڪا معنيٰ نٿا رکن. انهن لفظن جي وضاحت ڪندي چوندو هو ته؛ پنا يعني پئسا، پٿر يعني عمارتون ۽ لوهه يعني گاڏيون. ڪنهن به رشتي لاءِ وڃو، توهان کان اهي ٽي شيون وڌيڪ اهميت رکندي ملنديون. تنهن ڪري شايد هو ان پاسي کان آجو هو ته جڏهن پنا، پٿر ۽ لوهه اچي ويندو ته شادي به ٿي ويندي. پر هاڻي هو انهن سڀني شين کان آزاد آهي. ڇو ته هو ان سماجي ترجيحات کان به نجات حاصل ڪري چڪو آهي.
منهنجي لاءِ اهو تصور ئي دل کي ڏڪائي ڇڏي ٿو ته هاڻي ڊاڪٽر قادر ابڙي جهڙي دلبر دوست سان ٻيهر ڪڏهن به ملاقات نه ٿي سگهندي. اي هيلوڪا اپريل! تون ڪيڏو نه ڳرو ثابت ٿيو آهين، تو ڪيڏا نه گهرا گهاءُ ڏنا آهن. ڊاڪٽر قادر! تنهنجي تعزيت ڪنهن سان ڪريان؟ سنڌ سان ئي ڪريان ٿو، جنهن سان تنهنجي ضدي ٻار جهڙي جذباتي محبت هئي.




قادر ابڙو
ھوائي حادثي ۾ ٿيل هن نقصان جو ازالو نه ٿو ٿي سگھي
ستارزنگيجو
قادر ابڙو گھڻن قلم ڌڻين، قومي ڪارڪنن جو همدرد دوست ليکڪ ۽ سنڌ سان انتها درجي جي محبت ڪندڙ فرد هو. هن کي ڄاڻ نه هئي ته پنڊي جنهن سنڌين لاءِ سدائين صدمن جا سنهيا پي ڏنا آهن. انهي ساڳي شهر ۾ هن جو (انتم سنسڪار)  ڀوڄا هوائي حادثي ۾ ٿيندو ۽ هن جون ارٿيون، هن سان ڏهه سال هڪ فليٽ ۾ گذاريندڙ هن جو پيارو دوست اصغر سومر سنڌوءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪپ شهرن کان ٿيندو، روڊ رستي کڻائي، هن جي اباڻي ڳوٺ در محمد ابڙي ڪي اين شاهه دادو پهچندو. شايد هيل تائين گھڻن دوستن کي هن جي موت جو وشواس نه پيو اچي، ڇو ته ڪنهن به هن جو آخري ديدار نه ڪيو آهي. لڳي پيو ته هو ايف سي پي ايس ڪري، نوڪري لاءِ پرڏيهه هليو ويو آهي. شايد اهو دلاسو ڏئي، اسين پاڻ کي حوصلو ڏئي رهيا هجون. سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو نفسياتي بيمارين جو شڪار آهن ۽ ڊاڪٽر قادر ابڙو سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انهن ڊاڪٽرن مان هو جن خاص نفيسات جي شعبي  ۾ ايف سي پي ايس ڪئي هئي. انهيءَ ساڳئي حادثي ۾ ڊاڪٽر اسد مڱريو پڻ اسان سان نه رهيو آهي. جيڪو پڻ نفسيات جي شعبي جو ماهر هو. هي ٻئي ايف سي پي ايس جي زباني امتحان لاءِ وڃي رهيا هئا جيڪو 24 اپريل تي رکيل هو. ڪجهه ڏينهن اڳ، وڃي هوٽل تي رهي تياري ڪرڻ پي چاهي.
ڊاڪٽر قادر ابڙو نه رڳو نفسيات جي شعبي جو ماهر پر قومي ۽ سياسي سوچ جي حوالي سان مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مستقل طور لکندو پڻ رهيو. هن جي معصوم ۽ فقيراڻي طبيعت ڪنهن به دوست کان وسارڻ جهڙي ٿي ئي نه ٿي سگھي. هو سنڌ جو يگانو عاشق هو. هو به سنڌ جو الستي عاشق هو. هن کي گھڻن دوستن 23 مارچ 2012ع جي فريڊم مارچ ۾ هڪ جذبي سان شرڪت ڪندي ڏٺو. هو ڪل وقتي سياسي ڪارڪن نه هو پر سنڌين لاءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ هر هڪ وڏي اجتماع ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو. ڪراچي ۾ علاج واسطي ايندڙ سنڌين لاءِ پاڻ وڃائڻ جي حد تائين هليو ويندو هو. هن کي ايف سي پي ايس جي امتحان ۾ رڳو ان لاءِ به فيل ڪيو ويندو هو ته پنجابي ڳالهائيندڙ ڊاڪٽرن جي تعصبي روين خلاف کين سچيون ٻڌايندو هو. سنڌ ۽ سنڌ جي قومي سياست لاءِ  تنقيدي لفظ نه ٻڌندو هو ان لاءِ هن وٽ اهو دليل هوندو هو ته تنقيد اهي ڪن جيڪي قومي سياست جو مستقل حصو هجن. سنڌ جو اهو مڊل ڪلاس، جيڪو سڻڀيون نوڪريون وٺي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن بابت ڪي سٺا ويچار نه رکندا هجن. سنڌ ۾ گھڻا ئي دوست ڊاڪٽري جون سٺيون ڊگريون وٺي پڙهي لکي پرڏيهه هليا ويندا آهن پر هن طئه ڪيو هو ته هو سنڌ جي پٺتي پيل علاقن ۾ وڃي ماڻهن جي انسانن جي خدمت ڪندو. هن سنڌ جي قومي سياسي نفسيات بابت ڪتاب اڻڻ جو پي سوچيو پر نه ڄاڻ ته هو ڀوڄا جهاز حادثي ۾، سنڌ ۽ دوستن کي ايترو وڏو نقصان ڏئي ويندو. جهاز جي حادثي لاءِ تمام گھڻا جواز ٻڌايا پيا وڃن پر ٿيل نقصان جو ازالو ايترو سولو نه ٿيڻو آهي.




حوصلو ڏياريندڙ دوست جو ڇوڙو
ڊاڪٽر مشتاق شيخ/لياري

جيتوڻيڪ موت برحق آهي، پر جيڪو موت لالچي فردن ۽ گروهن جي سوچ ۽ عمل سبب ٿئي ٿو، ان موت جو حساب ڪتاب ضرور ٿيڻ گهرجي، پر اهو حساب ڪتاب هن رياست جي جوڙجڪ ۾ ممڪن به ته نظر نٿو اچي، جو ڀوجا ايئر لائين جا مالڪ هن ڪرپٽ سسٽم ۾ دولت جي ذريعي پاڻ کي بچائڻ جا گر ڄاڻن ٿا. اهڙي ئي سسٽم کان مرحوم قادر ابڙو به بيزار هوندو هو. هو اهڙو منفرد نوجوان هئو، جنهن جو ڀوجا ايئر لائين وارا نقصان ڀرڻ جي قوت ئي نٿا رکن. جڏهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگرد سياست دوران قادر ابڙو اسان جي سرگرمين کي سپورٽ ڪيو هو ته اسان سندس ڪلاس جي ٻين شاگردن ۾ قادر ابڙو جي ذريعي ٻيا دوست ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئاسين. هن جي جرئتمندي، تنقيدون ۽ وزندار صلاحون اسان لاءِ سگهه جو ذريعو بڻجي ويون هيون. ڪو به تنظيمي ڪم ڪار ۽ فيصلو ڊاڪٽر قادر جي صلاح کان سواءِ اڻپورو هوندو هو. هو تمام سلڇڻو ۽ سادو شخص هو، سندس شخصي تعلقاتن ۾ لالچ ۽ خوف جو پاڇو به ويجهو نه اچي سگهندو هو. رسمن جي ڪوڙڪين، طبقاتي اوچ نيچ جي کيس ڪا به پرواهه نه هوندي هئي. قادر اڄ اسان کي  چئي رهيو آهي ته جيڪي گروهه دولت جي لالچ ۾ انساني زندگين سان کيڏن ٿا، انهن کي هيڻو ڪيو، ۽ اسين جيڪي دنيا جي وهنوار ۾ محدود ٿي ويا آهيون، سي ٻه ڳوڙها اکين مان وهائڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿا ڪري سگهون. قادر جنهن مون سان واعدو ڪيو هو ته پاڻ گڏجي سنڌ جي نفسياتي معاملن جو اڀياس ڪنداسين، ان اڀياس سان سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي عوام جي خيالن، نفسياتي روين جي ڄاڻ ملندي، اهو اڀياس به هن  جي تنها زندگي جيان تنها ٿي رهجي ويو. جيڪي ماڻهو هن سان مليا، سي سڀ ماڻهو هن تي فخر ڪري سگهن ٿا، اسان ته ان سان گڏجي زندگي جا ڪيئي درد ان جي آڏو اڇلائي ايندا هئاسين ۽ هو هلڪي مسڪراهٽ سان چانهن پياري حوصلو ڏياري روانو ڪندو هو. زندگي جا مسلسل ڏک، درد برداشت ڪرڻ جي ڪيفيت پيدا ٿي چڪي آهي. پر قادر جي المانڪ وڇوڙي موت کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪنڌ ٽيبل تي هڻي ڇڏيو آهي. پر موت کي ڪير ٿو شڪست ڏئي سگهي؟؟؟

22 April, 2012

ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي

محمد ابراهيم سنڌي

سنڌي ٻولي جو خدمتگار

ممتاز علي وگھيو



محمد ابراهيم سنڌي شاه ڪريم بلڙي جي لڳ ڀڳ ڳوٺ خير محمد سمون ۾ پيدا ٿيو. سندس جنم جي تارخ ۵ نومبر ۱۹۵۳ع آهي سندس ابتدائي تعليم اتي ئي ٿي، اِنهيءِ کان پوءِ پاڻ عبدالرحيم ڪاتيار ۾ داخله ورتائين. جتي اٺين درجي جو امتحان پاس ڪري، بدين جي لڳ، رپ جي ڊي جي هاءِ اسڪول ۾ داخله ورتائين. اتي نائون ڪلاس پاس ڪيائين. ان زماني ۾ عبدالرحيم هاءِ اسڪول ٿيو، جنهنڪري پاڻ واپس اچي عبدالرحيم هاءِ اسڪول ۾ داخله ورتائين. انهيءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. غريب هئڻ ڪري وڌيڪ تعليم تعليم حاصل نه ڪري سگھيو. ان ڪري ترت نوڪري ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. سندس ڪوششن رنگ لاتو ۽ پرائمري استاد طور مقرر ٿيا. سندس مقرريءَ وارو زمانو ۱۹۷۳ع هو. حيدرآباد ٽريننگ ڪالج مان پي ٽي سي پاس ڪيائين. انٽر سجاول ڪاليج مان. جڏهن ته بي اي، ايم اي سنڌي ادب ۾ حيدر آباد ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪيائين.

19 April, 2012

قمرالنساءِ ھڪڙو - سيد يار محمد شاهه

قمرالنساءِ ھڪڙو
سدائين مرڪندڙ اداڪاره
سيد يار محمد شاهه
شوبز ۾ جيترا به فنڪار ۽ فنڪارائون منهنجي واسطي ۾ يا منهنجي ساروڻين ۾ ساٿ رهيا، تن جو ذڪر ڪندو رهيو آهيان، پوءِ جنهن جون جيتريون يادگيريون اچن ٿيون، اهي پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پر اها ڳالهه حقيقت آهي ته هر فنڪار جي باري ۾ جڏهن کان هو فنڪار ڪو نالو ڪمائي ٿو يا ڪو يادگار ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ شهرت ماڻي عوامي فنڪار ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ئي ان جي باري ۾ اخبارن، رسالن ۽ ٽيليويزن تي سندس انٽرويو ايندا رهندا آهن، جن ۾ سندن ڄمڻ کان مرڻ تائين جو سفر شامل هوندو آهي، ۽ مون اڳ به اعتراف ڪيو آهي ته مونکي سن ۽ ڊرامن جا نالا پوري طرح ياد نه ايندا آهن، ان ڪري ڪيترن دوستن جي ساروڻين ۾ انصاف نه ڪري سگهندو آهيان، پر هر ڪنهن جو پاڻ تي حق سمجهي سندن مون سان وابستگي ۾ گهاريل گهڙن جو ذڪر ضرور ڪندو آهيان، جتي ڪراچي ٽيليويزن جي سنڌي پروڊيوسرن کي پنهنجي فن جي گهر جا وڏا ۽ بزرگ سمجهندو آهيان، ته اتي مڙني فنڪارن کي ان گهر جو ڀاتي به سمجهندو آهيان، گهر ڀاتين سان رسڻ ۽ پرچڻ ٿيندو ئي رهندو آهي. انهن فنڪارن ۾ قمرالنساءِ هڪڙو به شامل رهي آهي، جنهن سان ڪڏهن به ڪنهن فنڪار جو رسڻ يا جهيڙو جهٽو مونکي ياد نه آهي.

18 April, 2012

علامه آءِ آءِ قاضي


علامه آءِ آءِ قاضي
سنڌ جنهن تي فخر ڪري ٿي
سنڌ جي وڏي عالم ۽ اسڪالر علامه آءِ. آءِ. قاضي مرحوم جو پورو نالو، امداد علي ولد  امام علي قاضي هو. سندس وڏا پاٽ ڳوٺ، ضلعي دادوءَ جا هئا. علامه صاحب جو والد قاضي امام علي سرڪاري ملازمت جي ڪري پاٽ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو، جتي حيدرآباد جي بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي ( آءِ آءِ قاضي) 18 اپريل 1886ع ۾ ڄائو. سندس والد قاضي مام علي ڪجهه عرصي لاءِ دادوءَ ۽ نوشهري فيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ  آخوند  عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو. آخوند صاحب علامه قاضيءَ کي قرآن پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضيءَ ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه  آخوند  صاحب کيس ” مفتاح الصلواة “ به پڙهايو.

15 April, 2012

الحاج ولي محمد دادا ڀائي - شڪيل احمد ڪٻر


الحاج ولي محمد دادا ڀائي
سيٺارجا شهر جو باني، سماج سڌارڪ ۽ غريب پرور انسان
شڪيل احمد ڪٻر
هندستان جي جهونا ڳڙهه شهر ۾ جنم وٺندڙ مرحوم حاجي ولي محمد دادا ڀائي انهن شخصيتن ۽ انسانن مان هڪ هو جنهن جيتوڻيڪ جنم ته ٻئي ملڪ ورتو پر آزادي کانپوءِ هندستان ۾ سمورو ڪاروبار بند ڪري، پاڪستان لڏي اچي، ميرپورخاص ۽ نواب شاهه ۾ پنهنجي ڪاروبار جو آغاز ڪي. جڏهن ته 1951ع ۾ سيٺارجا ۾ برٽش ڪاٽن گروورس کان هتي موجود ڦٽي جو ڪارخانو خريد ڪيو. ان وقت هتي صرف ريلوي اسٽيشن هئي ۽ شهر آباد نه هو. نه وري روڊ رستا ٺهيل هئا ۽ سمورو ڪاروبار پڻ ريلوي ذريعي ٿيندو هو. هن فيڪٽريءَ سان گڏ 200 کان وڌيڪ دوڪان ۽ رهائش لاءِ جايون پڻ ٺهرايون. جيئن هتي شهر آباد ٿي سگهي ۽ پوءِ آهستي آهستي آبادي ٿيندي وئي ۽ اڄ سيٺارجا شهر، خيرپور ضلع جي اهم شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان جو سڄو سهرو حاجي ولي محمد دادا ڀائي ڏانهن وڃي ٿو. جنهن جو شهر ۾ اڌ حصو رهيو آهي.

نند لعل نندن - کيمپال شرما


نند لعل نندن
ٿر جو پرُپڪاري خدمتگار مها پُرش
کيمپال شرما
ٿر جو مهاپُرش سائين نند لعل نندن جي والد جو نالو پرڀو لعل هو، جنهن جو جنم اسٿان، ڇاڇرو شهر ٿرپارڪر آهي ۽ هو هڪ برهمڻ خاندان سان تعلق رکي ٿو. نند لعل نندن، پهريائين اسلام ڪوٽ ۾ سنه 1942ع ۾ سنڌي پرائمري اسڪول ۾ ٽيچر ٿي آيو ۽ هو سال کن اسلام ڪوٽ جي پرائمري اسڪول ۾ ٽيچر ٿي رهيو ۽ انهي بعد وري ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾ هن جي بدلي ٿي. انهي کان پوءِ وري 1974ع ۾ اسلام ڪوٽ ۾ اي وي اسڪول ۾ ٽيچر ٿي آيو. اتي به اسلام ڪوٽ اي وي اسڪول ۾ هن سروس ڪئي. انهي کانپوءِ هو انهي ساڳئي اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو. جنهن کانپوءِ نند لعل بي اي بي ٽي ڪئي ۽ هن کي ٿر جي سڀني اسڪولن مٿان بيٽ آفيسر ڪري رکيائون. ڪجهه سالن بعد اسلام ڪوٽ ۾ ”شاهه ڀٽائي“ جي نالي سان هاءِ اسڪول برپا ٿيو ۽ نند لعل انهي هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي آيا ۽ انهي بعد ساندهه اسلام ڪوٽ هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو. نند لعل انهي شاهه ڀٽائي اسڪول مان 1998ع ۾ رٽائر ڪيو.

امير بخاري - عبدالحي ڀٽو

امير بخاري
پيار، پريت ۽ سونهن جهڙو شاعر
عبدالحي ڀٽو 
رات نه ٻاريندس ڪو ڏيئو، رات هو منهنجو مهمان هوندو
هوندو جنهن سان گڏ بخاري، سو شادان ۽ فرحان هوندو
سنڌ جي سرزمين هميشه پنهنجي ڪک مان اديبن، شاعرن، ليکڪن، دانشورن، محققن ۽ صحافين کي جنم ڏيندي رهي ٿي. انهن مان امير بخاري به هڪ آهي. جنهن سيد جعفر علي شاهه بخاري جي گهر ۾ پهرين ڊسمبر 1941ع تي اک کولي. هن شروعاتي تعليم سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ امير بخاري فائنل سنڌي 1965ع ۾ فرسٽ، انٽر ڊرائنگ 1962ع ۾ فرسٽ، مئٽرڪ ڪيائين. جڏهن ته امير بخاري سن 1960ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو.

حاجي محمد رمضان ساهڙ - غلام علي ساهڙ


حاجي محمد رمضان ساهڙ
ٿر جي اهم شخصيت
غلام علي ساهڙ
ٿر جي ساهڙ برادري جي مهان ۽ تاريخي ڪردار جي مالڪ شخصيت مرحوم وڏيرو حاجي محمد رمضان ساهڙ، ٿر جي قديم تاريخ جو، هڪ سنهري باب ٿي گذريو آهي. هن ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ نبي سر ساهڙ ۾ وڏيرو ميوو خان ساهڙ جي گهر ۾ 1932ع تي جنم ورتو. اڳتي هلي هن سياست توڙي سماج ۾ اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪيو. پاڻ هڪ راڄوڻي شخصيت جو مالڪ هو. هو غريبن جو سپهه سالار هو. هر هنڌ پيرين پنڌ پهچي ويندو هو. هن سموري طبقن جي هندو مسلم جي فرق کان سواءِ ئي خدمت ڪئي. جنهن جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. هن هميشه عوام کي جهيڙا ڪرڻ ۽ وڙهڻ کان روڪيو ۽ پاسو ڪرڻ جو درس ڏنو ۽ ٻڌي ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ ۽ تعليم لاءِ همٿايو. هو راڄوڻي فيصلا ڪرڻ جو ماهر هو ۽ غير جانبدارڻه فيصلا ڪري وڙهيل ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو. سندس اوطاق تي هر وقت خلق جي وڏي رش هوندي هئي ۽ هو انهن جي مهمان نوازي پڻ پاڻ ڪندو هو. عوام کي پنهنجي سيمن، زمينن، جنگلي جيوت توڙي وڻن جي حفاظت ۽ تحفظ ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو هو. سندس ٻين برادرين سان ايترا گهرا تعلقات هوندا هئا ايئن محسوس ٿيندو هو جهڙو ڪر انهن برادرين جو به وڏو هجي. سندس سياسي وابستگي ارباب خاندان خان سان رهي هو. مرحوم ارباب مير محمد ارباب فقير محمد، مرحوم ارباب ڊاڪٽر عبدالرزاق جي ويجهن ۽ اعتماد جوڳن ساٿين ۾ شمار ڪيو. ويندو هو. اهي ٽئي ارباب مرحوم حاجي محمد رمضان کي هڪ ڀاءُ واري حيثيت ڏيندا هئا. اڄ به ڪافي شخصيتون مرحوم کي چاهيندڙ آهن. انهن مان هڪ مهان شخصيت ارباب حاجي عبدالجبار پڻ آهي. جيڪو اڄ به شادين مرادين توڙي عام محفلن ۾ سندس ذڪر ڪندو رهندو آهي. مرحوم جي ڪارنامن مان هي به هڪ اهم  ڪارنامون آهي جو سندس قوم توڙي علائقي جي غريبن کي ڪافي تعداد ۾ نوڪريون ۽ تعليم ڏياريائين. مرحوم جي ورثي کي اڄ به سندس ڀائر سنڀاليندا اچن. سندس ڀائرن ۾ وڏيرو محمد هارون ساهڙ جيڪو اسان ساهڙ قوم جو پڳدار آهي ٻيو ڀاءُ حاجي حيدر علي آهي جيڪو هڪ وڏو عقلمند ۽ اعليٰ شخصيت جو مالڪ ۽ بهترين استاد آهي. جيڪو سندس وڏي ڀاءُ کي برادري معاملات نبيرڻ ۾ مدد ڪندو رهندو آهي. ٽيون ڀاءُ عبدالحميد آهي جيڪو اي ڊي او تعليم سانگهڙ آهي.

بيگم زينت عبدالله چنا

جيجي زينت چنه سيوهاڻي

علي اصغر اوٺو



سنڌ ڌرتي جي هن ليکڪا جو اصل نالو زينت چنه هو. جنهن جو جنم، تاريخي شهر سيوهڻ اندر ۴ جنوري ۱۹۱۹ع بمطابق پھرين ربيع الثاني ۱۳۲۷ هجري تي محمد صالح چنه پوسٽ ماسٽر جي گهر ۾ ٿيو. زنيت چنه سنڌ جي مشهور ليکڪ، محقق، پروفيسر محبوب علي چنه جي وڏي ڀيڻ هئي. زينت چنه ننڍي هوندي کان ذهين ۽ هوشيار هوندي هئي. ان دور ۾ هندن جو هر قدم پڻ زور هو. سيوهڻ ۾ اهي هر گام ۾ اڳرا هئا. ڇوڪرين جي اسڪول ۾ مسلمان نينگريون اٽي ۾ لوڻ برابر هونديون هيون. جيجي انهن مسلمان نينگرين مان هڪ هئي. جنهن تعليم جي دائري ۾ به پنهنجو نالو ڪمايو. بقول پروفيسر محبوب علي چنه جي؛ ”سنڌي ڪاميٽي اعزاز سان پاس ڪيائين. انگريزي پڙهڻ جو ان وقت خواب خيال به نه هو. ان ڪري والده صاحبه سوچيو ته کيس حيدرآباد جي زنانه ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهائي، ماسترياڻي ڪرائجي، جيئن مستقبل جي اڻ سهائيندڙ اوٽن کي منهن ڏيئي سگهجي.“

11 April, 2012

رزاق مهر - رضوان گل


رزاق مهر
(۲۰ جولائي ۱۹۵۴- ۱۵ آگسٽ ۲۰۰۲ع)
رضوان گل
موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو.
رزاق مهر ۲۰ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي ۾ رانجهو خان مهر جي گھر جنم ورتو. پرائمري تعليم مراد واهڻ جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ڪيائيـن. بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۴ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.

عزيز جعفراڻي - زاهد اسحاق سومرو


عزيز جعفراڻي
محقق ۽ ليکڪ
زاهد اسحاق سومرو /جاتي
هُن ڪڏهن به گرمي يا سردي جي پرواهه نه ڪئي. جيتوڻيڪ سندس اڇي لباس وانگر سڄو مٿو اڇو ٿي ويو ھئس، پر ڪڏهن به تحقيق واري ڪم کان نه مُڙيو. تحقيق جو ڪم سنڌي ادب ۾ ڏکيو ۽ خشڪ موضوع پڻ سمجهيو وڃي ٿو.