; سنڌي شخصيتون

01 May, 2022

عبدالخالق شهيد سومرو

عبدالخالق شهيد سومرو

(۱۹۳۳ع ـ ۸ ڊسمبر۲۰۱۵ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



 عبدالخالق ولد غلام محمد سومرو، تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. ۱۹۵۰ع ۾ ڳوٺ ڇڏي ڪوٽڙيءَ وڃي رهيو. پاڻ پرائمري استاد هو. ۱۹۵۳ع ۾ ٽرينگ ڪاليج ۾ سنڌ جي نامور اديب غلام محمد گرامي جو فارسي پڙهائيندو هيو. ان کيس همٿايو ۽ ادبي دنيا ڏي آماده ڪيو. سندس پهريون تخلص جوڳي هو پوءِ شهيد رکيائين سندس شعر پڪو پختو ۽. پاڻ اعليٰ سخن گو شاعر هو. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن.

وڍيل ٿي وايون ڪري (شاعري ۱۹۷۵)

پروفيسر عبدالغني شيخ

پروفيسر عبدالغني شيخ

هڪ منفرد استاد

مختيار احمد ملاح



سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه انگريزيءَ ۾ هوئن ته سڀئي استاد انتهائي قابل ۽ محنتي هوندا هئا ۽ سندن اصول پرستي پڻ سڄي سنڌ ۾ مشهور هوندي هئي. ان کان علاوه سندن ڊسپلين، پڙهائي ۽ امتحانن جي معالمي ۾ سندن رويو شاگردن سان تمام سخت هوندو هيو. اهڙن استادن ۾ هڪ استاد سائين پروفيسر عبدالغني شيخ به هوندا هئا. هميشه مسڪراهٽ سندن چهري تي عيان هوندي هئي. بظاهر هميشه خاموش، پر گهري سوچ رکندڙ هي استاد پنهنجي لباس ۽ انداز گفتگو جي ڪري به هميشه منفرد لڳندا هئا. پر سندن وڏي ڳالهه پڙهائڻ جو انداز هوندو هو. شاگردن کي هميشه همٿائڻ لاءِ ڪڏهن گفٽ ته ڪڏهن سيکارڻ لاءِ گيجٽس کڻي ايندو هو. هو ڪلاسيڪل پوئٽري (شاعري) ۽ ايسي رائٽنگ (مضمون نگاري) جا سبجيڪٽ پڙهائيندو هو. جيفري چاسر جي Canterbury Tales جي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل علامتن، استعارن ۽ تشبيهن سميت بهترين نموني پڙهائيندو هو. سندس پيپر چيڪ ڪرڻ ۽ مارڪون ڏيڻ جو انداز سخت هوندو هو. هڪ دفعي پاڻ چيائون ته؛ ”جيڪڏهن ڪنهن لفظ تي ائپاسٽرافي لڳائڻي هجي پر مس ٿي وڃي ته لفظ ئي غلط ٿي ويندو. جنهنڪري جملو به غلط ٿي ويندو. انهيءَ جو اثر پيراگراف تي پوندو ۽ ان حساب سان مارڪون ڪٽيون وينديون آهن.!“

30 April, 2022

پير عبيد راشدي

پير عبيد راشدي

لعل بخش جسڪاڻي



پير عبيد راشدي اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ منھنجو يونورسٽيءَ ۾ پيارو شاگرد ٿي رھيو. ذھين، تخليقي سگھ جو مالڪ، قومي سياست ۾ متحرڪ ۽ ادب ۾ اڳڀرو. يونورسٽيءَ جي اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن سان ٽولا ڪري پيو ھلندو ھو. جڏھن ته پڙھائيءَ ۾ به ھوشيار ھو. سال کن کانـپوءِ اسان جو سينٽر ڇڏي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتائين، پر پنھنجي خانداني روايتن کي قائم رکندي، مون سان استاد ۽ شاگرد جي مضبوط رشتي کي وڌيڪـ سگھارو ڪندي، دوستيءَ جي رشتي جي دائري ۾ رکيو. سندس سئوٽ پروفيسر عباداللھ شاھ راشدي، منھنجو ويجھو ۽ پيارو دوست ماس ڪميونيڪيشن جو چيئرمين ۽ بعد ۾ پنھنجي والد صاحب جي وفات کانـپوءِ پير جھنڊي جا گادي نشين ٿيا. پير جھنڊي جي تمام وڏي لائبريري ۽ قديم مدرسو آھي. جتي امام انقلاب مولانا عبيداللھ سنڌي سالن جا سال درس تدريس ڏني ۽ ننڍي کنڊ جي روشن خيال ۽ قوم پرستيءَ جي سياست کي اڳڀرو ڪري ھمخيال پيدا ڪيا ۽ سنڌ ساگر پارٽيءَ جو بنياد رکي فڪري سوچ ڏني.

منشي گروڏنو لالسنگ سيوهاڻي

منشي گروڏنو لالسنگ سيوهاڻي

(۱۸۲۸ع - ۱۸۸۷ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



ديوان گروڏنو پٽ لال سنگ اجواڻي اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو. پاڻ انگريزن جي دؤر ۾ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ضلع (ڪراچي ۽ شڪارپور) جي دفتر ۾ هيڊ منشي جي عهدي تي فائز هو. منشي گرڏني مل جو شمار اوڻويهن صديءَ جي انهن نثر نويسن ۾ ٿئي ٿو. جن ابتدائي زماني ۾ سنڌي علم ادب جي تعميري ترقي ۾ ڀرپور حصو ورتو (ميمڻ،۱۹ - ۳۳۳)

جي الانا

جي الانا

(الهه ڏنا - نامياور شاعر، اديب، محقق، سياستدان ۽ تاجر)

مختيار احمد ملاح



ناميارو شاعر، محقق، سياح، سياستدان تاجر ۽ تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رڪن غلام علي الانا، المعروف جِي الانا جو جنم ۲۲ جون ۱۹۰۶ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ، وڌيڪ تعليم لاءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۽ فرگوسن ڪاليج پوني، هندستان ۾ پڙهيو. شاگرديءَ واري زماني ۾، تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيائين ۽ قائد اعظم جو ويجهو ساٿي رهيو. سال ۱۹۶۸ع ۾ ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ، ڇهن سالن تائين اسلامي چيمبر آف ڪامرس جو صدر پڻ رهيو. تقريباً ۱۲۰ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين ۽ ڪجهه وقت گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن ۾ پاڪستان جو چيئرمئن پڻ رهيو.

غلام حسين فنائي پيرزادو - نصير مرزا

غلام حسين فنائي پيرزادو

جي ماريندين، مري وڃبو

نصير مرزا



چون ٿا ذهن هُن جو ڄڻ طلسمي صندوق هو، هٿ وجهندو هو ۽ اتان ڪنهن ڪلام جو ڪبوتر ڪڍي، ريشمي آواز واري ڪنهن گائڪ يا گائڪا کي ڏيندو هو، ته سندس اهو ڪلام پر ڪري آسمانن تي اڏامڻ لڳندو هو. “بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ” “دلبرا لاتو توسان نيهن، خوشي ڏيندي ته، خوش رهبو، جي غم ڏيندين ته پيو سهبو” اڙي بابا ان وقت جنهن جنهن به گهر ۾ گراما فون مشين موجود يا جن جن دوده پتي چانهين جي هوٽلن ۾ رڪارڊ وڄائڻ جي رسم پنهنجي دور جي جادوگر ۽ اطلسي آوازن ۾، اهي ڪلام هر هنڌ ان پيا ٻُڌبا هئا. پنهنجي دور جي ٽاڪ آف دي ٽائون، انهن ڪلامن جو شاعر ڪير!؟ غلام حُسين فنائي! ۱۹۴۰ع کان ستر جي ڏهاڪي تائين، وڏڙا ٻڌائيندا هئا ته ڇا سنڌي فلمن جو هي عظيم گيتڪار شاعر رشيد احمد لاشاري يا ڪولمبيا رڪارڊنگ ڪمپني ۽ هز ماسٽرس وائيس ڪُتي ڇاپ ڪمپنين لاءِ ڪلام لکندڙ هي اسان جو ٻيو شاعر فنائي اڇن وارن سان ٽنڊي ولي محمد، ٻٻرن ۽ واڍن واري پڙ حيدرآباد ۾ اڪثر هلندو ڦرندو نظر ايندو هو ۽ جتان جتان به لنگهندو هو، ماڻهو حيرت مان هن کي ڏسندا ۽ چپن ۾ چوندا هئا “ڏسو ڏسو سائين غلام حسين فنائي پيو وڃي” هاڻي ڇا عرض ڪريان، سڄي سنڌ جا سنڌي موسيقي شائق ئي نه، رستا، گهٽيون ۽ پاڙا به فخر پيا ڪندا هئا، ته فنائي صاحب اسان جي وچ مان لنگهي پيو.

مخدوم عبدالواحد سيوستاني

مخدوم عبدالواحد سيوستاني

(۱۷۳۷ع - ۱۸۰۹ع - نعمان ثاني - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



مخدوم عبدالوالحد صديقي سيوستاني، ولد دين محمد صديقي جي گهر قديم شهر سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ جا هئا. جتي سندس ڏاڏو مخدوم “عبدالواحد ڪبير” رهندو هو. مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي پاڻ جامع علومن جا صاحب دينوي، فقهي، شرعي فتويٰ جا مظهر هئا. سندن خاندان مذهبي علمي ادبي ۽ قاضي القضاءِ جي عهدي تي فائض هوندا هئا. سيوهڻ هر دور ۾ علم جو گهوارو رهيو آهي. پر مخدوم عبدالواحد صديقي جي دؤر ۾ مذهبي ديني فقهي حوالي سان هڪ اهم حيثيت رکندو هو. مخدوم سليم الله صديقي لکي ٿو ته؛

محمد خان دائودپوٽو- خادم گھراڻو

محمد خان دائودپوٽو

نصرپورين جي ٽن پيڙهين جو استاد عربي ۾ ايم ڪندڙ

خادم گھراڻو



ڪي ڪي ماڻهو انمول هوندا آهن. اهي اسان جي نظرن ۾ ڪوهنور هيري کان به مٿي هوندا آهن، جن جي هر وقت ياد دل ۾ رهندي آهي. انهن جي ڪيل ڪمن جي يادگاري به هر پل ياد ايندي آهي. جن جو نالو عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. حق ۽ سچ چوڻ وارا هوندا آهن ڪنهن کان ڪونه ڊڄندا آهن. جيڪو حق هوندو هو اهو منهن تي چئي ڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن مان نصرپور جو هڪ هائي اسڪول جو استاد به هو. جنهن جو والد صاحب مسڪين ڪوري هوندو هو. جنهن جو نالو حاجي خان دائودپوٽو هو. هن پنهنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪئي جو سندن اولاد جو نالو اڄ به هر زبان تي آهي.

محمد خان “خادم” گھراڻو

محمد خان “خادم” گھراڻو

دلبرَ! ھِن دنيا ۾ وڃي رھندو واسُ

محمد مٺل جسڪاڻي



محمد خان “خادم” گھراڻو کي مون، پنھنجو سک چين ڦٽائي، ٻين جي ڪمن ۾ به ائين ڏٺو، ڄڻ ته سندس ئي ڪنهن ضروري ڪم ۾ مگن!... سڄي سڄي ڏينهن جو رولڙو، پيئڻ جو پاڻي ملڻ به ڏکيو، پر ڏِک اهڙي، ڄڻ خادم لاءِ مڙئي خير ٿيو... آئون ته سندس پاران ڪيل لحاظ ۽ حجاب ۾ فرق به نه ڪري سگهندو آهيان. نظم ۽ نثر نويس به، ته استاد به ۽ يار ويس به مثالي رهيو. کانئس پڇڻ تي ٻڌايو ھئائين ته “محمد صديق گھراڻو جي فرزنديءَ ۾ ۵ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع نصرپور ۾ اک کولي”. پڙھڻ ۽ لکڻ جو عملي مظاھرو ڪندڙ ھن ليکڪ ڪتابن جي عالمي ڏينھن ۲۳ اپريل ۲۰۲۲ع تي اک پوري!... پير جڙيل شاھ محلا، اڏيرو لعل روڊ، نزد مٽياري چونڪ، نصرپور، تعلقو ضلعو ٽنڊوالهيار ۾ رھائش پذير ھو.

29 April, 2022

جي ايم لاڙڪ

جي ايم لاڙڪ

جنهن سان سنڌ جي شعور جي دل جون تارون ڳنڍيل آهن

زاهد علي ڀٽو



اسان جي سماجي ڍانچي جي جوڙجڪ اهڙي ٺهيل آهي اهڙا رويا پروان چڙهيل آهن جواشراف، عزت واري کي ڪمزور تصور ڪيو وڃي ٿو۔اهڙي نامناسب سماجي جوڙجڪ جيڪري هتي حساس ۽ اشراف ماڻهو وڌيڪ ڀوڳي ٿو۔

عام ماڻهو جي نسبت حساس ماڻهو کي ڏک تڪليفون وڌيڪ اينديون آهن۔

اھڙي طرح اسانجو حساس دوست غلام مجتبٰي لاڙڪ جنهنکي علم، ادب سان واسطو رکندڙ جي ايم لاڙڪ جي نالي سان سڃاڻين ٿا۔جي ايم لاڙڪ ڪيترن سالن کان ٿيليسيميا جهڙي موذي مرض سان زندگي جي جنگ کٽڻ لاءِ مهاڏواٽڪائي رهيوآهي کيس پاڻ کان وڌيڪ سندس صغير پٽ عادل جي ڳڻتي جو ڳاراڻو ڏئي ڇڏيو آهي ڇوته عادل به ساڳي ٿيليسميا جي مرض ۾ مبتلا آهي. ٻنهي پيء پٽن کي هر مهيني جيئدان طور رت جي ضرورت پوندي آهي۔

جان خاصخيلي

جان خاصخيلي

ھي پکي به پرواز ڪري ويو.......!

ھمسفر گاڏھي



اڄ صبح جو ننڊ مان اٿندي ئي پنهنجي پراڻي سنگتي جان خاصخيلي جي لاڏاڻي جي ڏکائتي خبر پڙھي جيء جھري پيو آهي.جان سان ڄاڻ سڃاڻ ۱۹۹۰ع جي ڏھاڪي ۾ ٿي جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ ادا بشير احمد سان دريا آباد علي ھوٽل ويجھو لياري ۾ رھندو ھئس، ادا وارن سان خداڏنو قمبراڻي پڻ رھندو ھو جيڪو ھالا ويجھو ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جو رھواسي ھو.خداڏني معرفت جان خاصخيلي سان پھرين ملاقات ٿي ھئي، خدا ڏنو ۽ جان وارا پاڻ ۾ مائٽ ھئا.خبر پئي ته تڏھن جان اوائلي ڏينهن ۾ ميران ناڪا ڪراچي ۾رھائش نه ھجڻ سبب فوٽ پاٿ تي به رھيو، محنت مزدوري ڪري ھن اجگر شھر ۾ پنھنجي لاءِ جاءِ پئدا ڪئي.جان، ڊگھي عرصي تائين استاد به رھيو، صحافت ھن گھڻو پوءِ شروع ڪئي.ھڪ ئي وقت ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪم ڪرڻ سندس اڻٿڪ زندگيءَ جو حصو رھيو.جنھن وقت سائين عبدالرحمان نقاش ميران ناڪا لياري ۾ ايوب خاصخيلي جي گھر رھندو ھو، تڏھن جان سان جام ڪچھريون ٿينديون ھيون.گھٽ ڳالھائو، سنجيده، نرم مزاج ۽شاندار انسان ھو.مون کي ٺيڪ طرح سان ياد آھي ته جڏهن مان سيکڙاٽ طور ھڪ ڀيرو سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي رمپا پلازا جي گڏجاڻي ۾ خدا ڏني قمبراڻي جي زور ڀرڻ تي شريڪ ٿيو ھئس ۽ اتي پنھنجي ڪا ڪچي ڦڪي لکڻي پيش ڪئي ھئي ته سمورا سينئر اديب ڏينڀوء وانگر ڀون ڀون ڪري مون کي چنبڙي ويا ھئا، فقط جان واحد ڪھاڻيڪار ھو جنھن منھنجي سيکڙاٽ ۽ نوجوان ھجڻ وارو عذر ڄاڻائيندي منھنجو دفاع ڪيو ھو.باوجود ان جي مون ڪن پڪڙيا وري ڪڏهن ڀلجي به ادبي سنگت گڏجاڻي ۾ ڪونه ويس.جان خاصخيلي زبردست ڪھاڻيڪار، شاعر وڏي ڳالھ ته درد دل رکندڙ انسان ھو.ڇڊا ملندا ھئاسين پر جڏهن به ملياسين ساڳي محبت ۽ چاھ برقرار رھيو......يار پکي جيان پرواز ڪري ان ساڳي ڳوٺ جي مٽي ماءُ جي جي ھنج ۾آرامي ٿيڻ ھليو ويو آهي جتان ھن زندگيءَ جو جھد مسلسل شروع ڪيو..... بروبر زندگيءَ کي ڪٿي نه ڪٿي فل اسٽاپ اچڻو آهي.رب پاڪ سندن مغفرت فرمائي.

 (ھمسفر گاڏھي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

(۲ جنوري ۱۹۴۸ - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جو نامور اديب، محقق، دانشور، مترجم، تعليمي ماهر، مورخ، سماجي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ بختيار پور ۾ علي احمد قريشي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. مرتضيٰ لغاري لکي ٿو ته سندس جنم ڀومي استاد بخاري جو شهر دادو آهي (مرتضيٰ، ۲۰۲۰ع : ۵)

پروفيسر محمد اڪرم انصاري - مختيار احمد ملاح

پروفيسر محمد اڪرم انصاري

لطيفيات جو ماهر

مختيار احمد ملاح



شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ ۽ تعليمي ماهر پروفيسر محمد اڪرم انصاريءَ جو جنم پهرين جنوري ۱۹۲۵ع تي عبدالخالق انصاريءَ جي گھر ۾ ٿيو. سندس وڏا ٻورڙيءَ، ضلعي دادوءَ جا رهاڪو هئا. پرائمري تعليم نوشهري فيروز جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. انگريزي تعليم لاءِ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۴۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۴۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ۱۹۴۸ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. ۱۹۴۶ع کان ۱۹۵۰ع تائين ايس. ايم. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿي رهيو. ان کان پوءِ مختلف ڪاليجن ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ۱۹۵۸ع ۾ ڊگري ڪاليج دادوءَ جو پرنسپال ٿي مختلف هنڌن تي رهيو. تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدن تي رهيو. ۱۹۷۳ع ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شعبه انگريزي جو چيئرمين به رهيو. آخر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن ٿيو، جتان ۱۹۸۴ع ۾ رٽائر ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به ٿي رهيو.