عبدالخالق شهيد سومرو
(۱۹۳۳ع ـ ۸ ڊسمبر۲۰۱۵ع - سيوهڻ جون ادبي
شخصيتون)
مير حاجن مير
عبدالخالق ولد غلام محمد سومرو، تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ
آراضي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. ۱۹۵۰ع ۾ ڳوٺ ڇڏي ڪوٽڙيءَ وڃي رهيو. پاڻ پرائمري
استاد هو. ۱۹۵۳ع ۾ ٽرينگ ڪاليج ۾ سنڌ جي نامور اديب غلام محمد گرامي جو فارسي پڙهائيندو
هيو. ان کيس همٿايو ۽ ادبي دنيا ڏي آماده ڪيو. سندس پهريون تخلص جوڳي هو پوءِ شهيد
رکيائين سندس شعر پڪو پختو ۽. پاڻ اعليٰ سخن گو شاعر هو. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن.
وڍيل ٿي وايون ڪري
(شاعري ۱۹۷۵)












