; سنڌي شخصيتون

10 April, 2023

ڄام صادق علي خان

ڄام صادق علي خان

مُدبر سياستدان

نور سنڌي



مشھور سياسي سماجي شخصيت سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڄام صادق علي خان سخي، مھمان نواز يارن جو يار منفرد ڪردار ۽ ھڪ ارڏي شخصيت طور سڃاتو ويندو ھو، ڪنھن جا به ڄام صادق علي خان سان ذاتي طور ڪھڙا به اختلاف هجن پر اھو مڃڻو پوندو هڪ سنڌي جي چوڻيءَ موجب ته، مڙس مٿير ھو، جڏھن جنرل ضياءُ الحق پ پ جي حڪومت ختم ڪري ملڪ ۾ مارشلا لڳائي ته ڄام صادق علي خان کي کڙڪ پوڻ تي پاڻ ملڪ مان نڪري پاڻ مرادو جلاوطن ٿي لنڊن ھليو ويو، ۸۳ع ڌاري جڏھن ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي رھي ھئي ان حوالي سان پ پ جي ھڪ پروگرام جنھن ۾ ڄام معشوق علي خان شريڪ ٿيو ھو ان سان رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي جي معرفت ملاقات ڪري مون ڄام صادق علي خان جي لنڊن واري رھائيش گاه جي اڊريس ورتي ۽ مون پاڻ مرادو ڄام صادق علي خان جو ايم آر ڊي تحريڪ جي حوالي سان ھڪ بيان ٺاھي منھجي اخبار روزانه آفتاب کي ڏنو جتي اندرين پيج تي چار ڪالم جو ڄام صادق علي خان جي تصوير سان لڳو جنھن جو متن اھو ھو ته ڄام صادق علي خان ڄام ھائوس لنڊن مان ھڪ پريس بيان جاري ڪندي چيو آھي ته ملڪ مان آمريت جا ڇانيل ڪڪر جلد ختم ٿيڻ وارا آھن عوام کي سول نافرماني واري تحريڪ ۾ ڀرپو حصو وٺي مارشلائي حڪومت جو خاتمو آڻڻ گھرجي مون ان خبر جي ڪٽنگ ڪاٽي ڪاغذ تي لڳائي ھڪ خط لکي ڄام صاحب کي موڪليو ان بعد به ايم آر ڊي تحريڪ دوران پاڻ مرادو ڄام صاحب جون خبرون لڳائي ان جون ڪٽنگون ۽ خط کيس موڪليم پر ان جو ڪو جواب نه مليو جنھن ڪري اھو سلسلو وڌيڪ جاري نه رکي سگھيس.

يوسف لغاري

يوسف لغاري

چوٿين مارچ جو سورمو

مير مولا بخش تنيو



۴ مارچ جي واقعي جي اهميت هيئن آهي ته سنڌ ۾ قومي تحريڪ ۽ شاگرد تنظيمن جو بنياد چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ۴ مارچ جدوجهد اڄ به نه رڳو شاگرد تنظيمن لاءِ اتساهيندڙ آهي پر قومپرست پارٽين لاءِ پڻ هلڻ جي راهه آهي. اهو ان ڪري جواڄ سنڌ سطح تي جيڪي قومپرست ۽ وطن دوست پارٽيون آهن، انهن جون اڳ ۾ شاگرد تنظيمون ماءُ جو (Mother wing) جو ڪردار ادا ڪنديون هيون. هن وقت سنڌ جي قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ شاگرد تنظيمن جي پيداوار آهن. مارچ واري جدوجهد ۾ شامل ڪردار جيتوڻيڪ سون هزارن جي تعداد ۾ آهن جنهن کان ڪنهن به ريت انڪار نه ٿو ڪري سگهجي پر هڪ کاهوڙي ڪردار محمد يوسف لغاري، ا نهن سڀني کان نهايت ئي اعليٰ ۽ شاندار آهي. سندس مٿان قيد ۽ تشدد جون حيدرآباد ۽ ڄامشوري جون هوائون شاهد ۽ امين آهن. هي کاهوڙي ڪردار اڄ انهيءَ جوش ۽ ولولي سان دشمن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهي.

فرمان سهتو

فرمان سهتو

غريب ماڻهن جو ڀرجھلو

فياض حسين راڄپر



دنيا جي تاريخ ۾ اُھي ڪردار زنده رهندا آهن جيڪي پنهنجي وطن جي آجپي، قوم جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ آهن، جيڪي پنهنجي پاڻ لاءِ جيئڻ بدران ٻين ڪاڻ جيئندا آهن، جن جو ھڪ ئي مقصد ھوندو آھي ته ھو پنھنجي ديس جي ماڻهن کي ڏکن، تڪليفن مان ڪڍي اُنهن سان گڏ بيھي اُنهن غريب ماڻهن جا مسئلا حل ڪن، جيڪي ڏکن، تڪليفن، اھنجن، پسيڙائن ۽ اذيتن مان گذرندا آهن، جيڪي پنهنجي سوچ سان ماڻهن کي گڏ ڪري سماج ۾ ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ ڏھڪاءُ کان باخبر ڪندا آھن، پاڻ ھميشه ٿڌيءَ ۽ تتيءَ جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي وطن جي خوشحالي لاءِ غريب عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي گڏ ٿي بيھندا آھن سچ پچ ته تاريخ اھڙن املھه ڪردارن کي ھميشه زنده رکندي آئي آهي. سو کجين جي شھر ضلعي خيرپورميرس جي ننڍڙي ڳوٺ زوار محمد الياس سان تعلق رکندڙ فرمان سھتو به اهڙن ماڻهن مان ھڪ آهي، جنھن جو جنم ۰۲ مارچ ۱۹۸۷ع ۾ فيض علي سھتو جي گھر ۾ ٿيو، جيڪو ھڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ آهي، ھن پنھنجي ابتدائي تعليم جي شروعات پرائمري اسڪول زوار محمد الياس سھتو کان ڪئي. جنھن کان پوءِ ھائير سيڪنڊري اسڪول ھنڱورجا، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان تعليم مڪمل ڪئي، ھن کي ننڍپڻ کان ئي پنھنجي ماروئڙن سان ايتري ته بي پناھه محبت هئي جنهن هن کي سک شانتي سمھڻ نه ڏنو، انهي ڪري هيءَ غريب عوام جي ڀلائي لاءِ زندگيءَ جي سفر ۾ نڪري پيو، جتي به تڪليفون ۽ ڏکيائيون پيش آيون پر تنھن باوجود به ھُن سمورين تڪليفن کي ھڪ طرف رکي انساني ڀلائي کي وڌيڪ ترجيح ڏني، شايد قدرت کي اِھو ئي منظور هو جو هن زندگيءَ جي سمورين خواهشن کي ڇڏي غريب عوام لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو.

ج ع منگھاڻي

ج ع منگھاڻي

سنڌي ٻوليءَ جي منفرد  ليکڪا

مير حاجن مير



سنڌي ادب جي ماضي توڙي حال ۾ عورت اديبائن جو ڪردار شاندار رهيو آهي. هنن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ معاشري ۾ ڏکين حالتن کي منهن ڏئي. سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي. بلاشڪ عورت ليکڪائن ادب لاءِ جبل جيڏو ڪم ڪيو آهي. اهڙين ليکڪائن ۾ محترمه ج ع منگهاڻي صف اول جي ليکڪا آهي. جنهن ڪنهن خاص ادبي پروگرام ۾ شرڪت هڪ اڌ ڀيرو ڪئي هوندي. گهڻو تڻو ادبي ۽ سماجي سرگرمين کان پاسيري رهي آهي. هوءَ روشن خياليءَ جي دنيا جي مالڪ آهي ۽ لطيف جي ڊڪشن جي معنويت تي مڪمل عبور رکي ٿي ۽ عقليت پسند ليکڪا آهي.

09 April, 2023

خادم ٻگھيو

خادم ٻگھيو

منهنجا دوست مان تنهنجي دوستيءَ جي حضور ۾ آهيان

رکيل مورائي



هيءُ اکر لکندي، اڄ جي تاريخ تائين سنڌي ادب جي ڪيل مطالعي جي آڌار تي، واڌو پنهنجي سموري عملي ادبي اعتبار تي اهو چئي رهيو آهيان ته بي وفا عمر هُن سان ساٿ نه نڀايو، جيڪڏهن هو اڄ تائين حيات هجي ها ۽ لکندو رهي ها ته، پڪ سان سنڌي ادب کي اهڙيون ڪهاڻيون ڏيئي ها جن جي اعليٰ هجڻ جي شاهدي اڄ جي سنڌ جا سمورا ليکڪ ڏين ها! جيڪي ڪهاڻي لکي ۽ پڙهي رهيا آهن.

استاد خادم عباسي

استاد خادم عباسي

سندس وڇوڙو

مختيار ملاح



ڊسمبر ۲۰۲۲ع جي آخري هفتي ۾ ساڻس آخري ملاقات ٿي هئي. هونئن به مان جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان ته ساڻس ملڻ ضرور ويندو آهيان. پاڻ به گهڻو ڪري هر مهيني فون ڪري احوال ضرور وٺندو هو ۽ منهنجي علمي ۽ ادبي سرگرمين جي معلومات ڄاڻيندو هو. منهنجي به فرض ۾ شامل هوندو هو ته جڏهن به ڪو ڪتاب شايع ٿيندو ته کيس هڪ ڪاپي هر حال ۾ موڪليندو هيس. ڇو ته اسان جي ٿوري گهڻي علمي ۽ ادبي شعور ۾ سندس ئي ڪردار آهي. هن دفعي جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته تمام گهڻو ڪمزور محسوس ٿيو. جڏهن ساڻس ملاقات جو احوال فيس بوڪ تي رکيم ته هڪدم سائين محمد علي پٺاڻ صاحب جي فون آئي ته ”يار سائين ڪافي ڪمزور لڳي رهيو آهي. سندس تفصيلي انٽرويو ڪري ڇڏ“. مون کي سائين جي ڳالهه دل سان لڳي، پر ساڳئي ڏينهن ڪراچي اچڻ جي ڪري، اهو ڪم ڳوٺ جي نوجوان اديب جي حوالي ڪيم ۽ کيس سڀئي سوال لکي ڏنم، پر اهو نوجوان اديب اهو ڪم سرانجام ڏئي نه سگهيو.

چوهڙمل ڪندنمل

چوهڙمل ڪندنمل

سنڌ جو پهريون گريجوئيٽ

مختيار ملاح



سنڌ ۾ جديد تعليم جي تاريخ ڪا گهڻي پراڻي نه آهي. ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو ۽۱۸۴۷ع سنڌ جي خودمختياري کي ختم ڪري بمبئيءَ سان ملائي ڇڏيو. اڳوڻن حڪمرانن جي دور ۾ سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ديني تعليم لاءِ مدرسا هلندڙ هئا، جن ۾ مخصوص طبقي جا ماڻهو ٻارن کي تعليم ڏياريندا هئا ۽ تعليم جي حصول لاءِ گهڻي سير ۽ سفر جي ضرورت ڪا نه پوندي هئي. موجود تعليمي نظام ۾ عربي ۽ فارسي تعليم جو نظام هو. سرڪاري نوڪري، تعليم ته، نه پر فارسيءَ جي ڄاڻ ۽ ذاتي تعلقات تي مبني هوندي هئي، پر ان جو مطلب اهو نه هو ته سنڌ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي تعليم سا ڪا محبت ڪانه هئي. سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌي ٻولي، علم، ادب يا ڪا به ادبي تحريڪ شروع ٿي آهي ته اها ان دور جي مڪتبن ۾ ۽ اتان جي عالمن شروع ڪئي آهي. سنڌ جو عوام جديد تعليم جو متلاشي هو.

علي احمد حسن علي آفندي

علي احمد حسن علي آفندي

سنڌ جي تاريخ جو پهريون آءِ سي ايس آفيسر

مختيار ملاح



انگريز پاران، هندستان ۾ وڏي ۾ وڏي ڪاموراشاهيءَ جو نظام، يعني انڊين سول سروس جو مقصد ڪاروباري نظام کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ، ۽ ان کي احسن طريقي سان هلائڻ جي لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني ايڪٽ آف ۱۷۹۳ تحت Cadre System جو نفاذ عمل ۾ آندو. ان کان اڳ مروج طريقئه ڪار جي ذريعي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملازمت ۾ رکڻ جي لاءِ شرطن تي مبني Agreement تي نوڪري ڏني ويندي هئي، جن کي انهن شرطن تي نوڪري ڏني ويندي هئي انهن کي Covenanted Servant چيو ويندو هو. ننڍي کنڊ ۾، ڪاموراشاهيءَ جي تاريخ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي مشھور آءِ سي ايس ڪاموري، قدرت الله شهاب پنهجي آتم ڪٿا ”شھاب نامه“ ۾ لکيو آهي ته ”جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني ھندستان ۾ تجارت جي آڙ ۾ سياسي ڄار وڇايو ته انگلينڊ مان ملازمن جو وڏو تعداد ھتي آيو، جن جي ماھوار پگھار پنج پائونڊ ھوندي ھئي ۽ اھي ڪامورا گھڻي ڀاڱي ڪمپني جي ڊئريڪٽرن جا رشتيدار ۽ دوست ھوندا ھئا جن کي ڪمپنيءَ لاءِ واپار ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ذاتي واپار ڪرڻ جي به اجازت ھئي. انهن جو اھڙي طرح مقامي ھندو واڻين سان تعلق جڙي ويو. اھي مقامي راجائن، واپارين، زميندارن کان زوريءَ نذرانا وصول ڪندا ھئا.چند سالن ۾ ھتان لکين روپيا ميڙي انگلينڊ وڃي ملڪيتون خريد ڪري اتان جا نواب ٿي ويندا ھئا. انهن جي ترقي ڏسي انگلينڊ جي ماڻهن جو ڪمپنيءَ جي ملازمت حاصل ڪرڻ ڏانهن رجحان وڌيو، ان جو فائدو وٺندي ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن نوڪريون وڪڻڻ شروع ڪيون، ۽ ھڪ نوڪري ھڪ ھزار کان ٽي ھزار پائونڊن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي. نوڪري پيسن تي ملي ھجي يا سفارش تي، ٻنهي صورتن ۾ ڪمپني جي ملازم جي ڪوشش اھا ھوندي ھئي ته ٿوري عرصي ۾ گھڻي کان گھڻو ڪمائي واپس وڃي عيش جي زندگي گذارين“.

خادم بالادي

خادم بالادي

سندس ادبي شخصيت، مطالعو، ڪتابَ، دوستي ۽ محبتون! - موري جي ادبي ماضيءَ جا اڻ وسرندڙ ڏينهن

خليق ٻگھيو



اڄ خادم بالاديءَ جو جنم ڏينهن آھي. خادم جو پھريون تعارف سندس شاعري آھي. ٻيون تعارف هڪ نقاد وارو آھي. سندس ٽيون تعارف هڪ دانشور وارو رھيو آھي. انهيءَ کان سواءِ منھنجي اڳيان سندس خاص تعارف هڪ سٺي پڙھندڙ وارو رھيو آھي. ڪتابن جو مطالعو سندس شوق رھيو آھي، جيڪو روز بروز وڌندو رھي ٿو. خادم نھايت حساس دل شخصيت به آھي ته ڪڏھن وري جبلن کان به سخت نظر ايندو آھي. مورو ادبي سنگت ۾ سندس تعارف هڪ ته ڀلي ڳالهائڻ واري نقاد وارو به رھيو آھي. ٻيو، سنگت جي عهديدار ۽ ادبي ڪارڪن وارو پڻ رھيو آھي. اوڻيهه سئو نَوي ۾ مون کي موري جو هڪ شاعر دوست ھاشم سولنگي ”مورو ادبي سنگت“ ۾ وٺي آيو. . .

عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿھيم

الوداع۔ پيارا. ۔۔توکي الوداع

جھانگير عباسي



لاڙ جي ڌرتي جاتي واري علائقي جي ھن من مھڻي تخليقڪار عبدالسلام ٿھيم سان منھنجو سنڌ جي ڪيترن ڪھاڻيڪارن سميت پھريون ڀيرو رابطو سال ۲۰۱۷ مارچ مھيني جي ۱۵ تاريخ تي وقت ٿيو ھيو جڏھن ھن جو ۳۷ جنم ڏينھن ھيو.  مون کيس واڌائيون ڏيندي ھن کان موھن جي دڙي تي لکيل ڪھاڻي جي بابت پڇيو ھيم جو آء ان وقت موھن جي دڙي سان لاڳاپيل ڪھاڻين جي سھيڙ ڪري رھيو ھيس.  سلام جي پاٻوھ ۽ احترام وار موٽ مون کي ھن جو ڪري ڇڏيو ۽ پو۽ لڳا تار ساڻس ڊگھيون ڪچھريون قائم ٿيون ۽ ھو منھنجو ائين اڻ ڏٺو محبوب دوست بڻجي ويو جئين اڄ تائين امداد ڪانھيو۔عڀدالغني شر۔حسيب ڪانھيو ۽ سانگي شبير منھنجي دل جي ويجھو آھن.  مون کي ان ڳالھ تي به پاڻ مٿان حيرت آھي ته بدين جي سامونڊي تعلقي گولاڙچي ۾ آرمي ڪالج اندر ۲۰۰۷ کان ۲۰۱۰ تائين پرنسيپالي ڪندي سوين ڀيرا سجاول. ديوان ۽ جاتي ٺٹي جي ڪئي ادبي پروگرامن منجھ وڃي به ھن يار سان ڪڏھن ملاقات نه ٿي ھئي خاص ڪري ۲۰۱۰ واري مھا ٻوڏ ۾ جڏھن مون کي ٺٽي واري پل سان سنڌو ڪپر لڳ ٻن مھينن لا۽ ڪئمپ اسڪولن جو برگيڊ بدين پاران انچارج به ڪيو ويو ھو۔

پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند

پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند

ھڪ عالم جو قتل ۽ ساڀيان نه ماڻيندڙ خواب

ايڊيٽوريل عوامي آواز



سنڌ ۾ ھڪ ٻئي عالم جي بي رحماڻي قتل سمورن ذي شعور ماڻھن کي لوڏي ڇڏيو آھي، اجمل ساوند نالي ھن نوجوان پروفيسر جو قتل سنڌ ۾ بدامني، جھالت، تنگ نظريءَ ۽ ورھين کان هلندڙ بحرانن کي وائکو ڪري ٿو. ڪجھه سال اڳ اھڙي ئي ريت ھڪ ٻئي اسڪالر جاويد ڀٽي جي آمريڪا ۾ ٿيل قتل به ان وقت سنڌ جي پڙھيل لکيل ماڻھن کي ڏوڌي ڇڏيو ھو. جاويد ڀٽي جي قتل ۾ آمريڪا جو ھڪ اھڙو شھري ملوث ھو، جنھن جي تاريخ ڏوھن سان ڀريل ھئي ۽ ھو ذھني طور پڻ مفلوج رھيو ھو. پر سنڌ ۾ھن قتل سان ان ڳالھه جي نشاندھي ٿي رھي آھي ته سنڌ ۾ به قبيلائي جھيڙن ۾ ملوث ماڻھو به اھڙي ئي ذھني ڪيفيت ۾ مبتلا آھن.

اخلاق انصاري

اخلاق انصاري

جنهن جو جنم سجايو آ

رکيل مورائي



لاڙڪاڻي جي انصاري خاندان تي مجموعي طور سنڌي، ادب، تاريخ، تنقيد ۽ تحقيق فخر ڪندي، اهو سچ آهي ۽ نجي طور تخليقي سطح تي سنڌي ڪهاڻي پنهنجي نظرياتي ڌارائن، ادبي ڌارائن کان جڏهن مٿي اڀرندي ڏسڻ ۾ ايندي ته انهن ۾ اخلاق انصاري پنهنجي همعصر ۽ هم عصرن ۾ شايد وڌيڪ مٿي ۽ چٽو ڏسڻ ۾ اچي.

08 April, 2023

هدايت ڏيپر - خليق ٻگھيو

هدايت ڏيپر

ھڪ ڪويتاڪار جي جيون ڪٿا جي سفر جا عڪس ۽ جنم ڏينھن

خليق ٻگھيو



ڪي ماڻھو پنھنجي اندر ۾ نھايت پرفيڪٽ ٿين ٿا، ھِن مطلبي مفاد پرست ۽ ڪنزيومر سوسائٽيءَ ۾ پنھنجي رنج و غم، ڏُکن دردن، جا مسيحا بہ پاڻ ٿين ٿا، پر پيٽ جي جابر مفلسيء کان، سماج جي روحاني تشدد وارن ذھني غربتن تائين ھُو ڪِٿي بہ ڪنھن جي شڪايت نٿا ڪَن، ھُنن جي درياھ دلي روين جي چھرن ۾ ٻھڪندي آھي، ھُنن ھميشہ ڏيڻ سِکيو آھي، پر اُنھن ڪردارن سان خود غرض سماج ٻہ-اکيائي ڪري ويندو آھي ۽ قسمت بہ موقعي جو فائدو وٺي کين رڻن ۾ رُلائي ڇڏيندي آھي، نتيجي ۾ اھڙا ماڻھو ڳوڙھن ڳاڙڻَ جي برعڪس، پاڻَ کي پاڻ ئي سگھارو ڪري وٺندا آھن. ڇو تہ اُھي ڄاڻندا آھن تہ وڇون پنھنجي فطرت کان مجبور ھُوندو آھي، بلائن جي مُنھن تي اڻ ڄاڻائيءَ سان پير اچي وڃي تہ ماڻھو ڪکجي پوندو آھي، ڪم ظرف ماڻھن جو ظرف، گِلا سان وڌائي ناھي سگھبو، فيشن-پرست سماجي روين جي ھِن مصنوعي سماج ۾ ڪَئين واڳون واٽُن تي وات ڦاڙي بيٺا ھُوندا آھن، ھي ماڻھو نتيجي ۾ محتاط ٿي ويندا آھن پر ڪم ظرفيءَ، بي مروتيءَ، موقعي پرستيءَ جو جواب، ساڳين روين سان ڪو نہ ڏيندا آھن، آئون ھِن قسم جي ماڻھن جو دوست رھيو آھيان.