ڄام صادق علي خان
مُدبر سياستدان
نور سنڌي
مشھور سياسي سماجي شخصيت سنڌ جو
اڳوڻو وڏو وزير ڄام صادق علي خان سخي، مھمان نواز يارن جو يار منفرد ڪردار ۽ ھڪ ارڏي
شخصيت طور سڃاتو ويندو ھو، ڪنھن جا به ڄام صادق علي خان سان ذاتي طور ڪھڙا به
اختلاف هجن پر اھو مڃڻو پوندو هڪ سنڌي جي چوڻيءَ موجب ته، مڙس مٿير ھو، جڏھن جنرل
ضياءُ الحق پ پ جي حڪومت ختم ڪري ملڪ ۾ مارشلا لڳائي ته ڄام صادق علي خان کي کڙڪ پوڻ
تي پاڻ ملڪ مان نڪري پاڻ مرادو جلاوطن ٿي لنڊن ھليو ويو، ۸۳ع ڌاري جڏھن ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي رھي ھئي ان حوالي سان پ پ جي ھڪ پروگرام
جنھن ۾ ڄام معشوق علي خان شريڪ ٿيو ھو ان سان رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي جي معرفت
ملاقات ڪري مون ڄام صادق علي خان جي لنڊن واري رھائيش گاه جي اڊريس ورتي ۽ مون پاڻ
مرادو ڄام صادق علي خان جو ايم آر ڊي تحريڪ جي حوالي سان ھڪ بيان ٺاھي منھجي اخبار
روزانه آفتاب کي ڏنو جتي اندرين پيج تي چار ڪالم جو ڄام صادق علي خان جي تصوير سان
لڳو جنھن جو متن اھو ھو ته ڄام صادق علي خان ڄام ھائوس لنڊن مان ھڪ پريس بيان جاري
ڪندي چيو آھي ته ملڪ مان آمريت جا ڇانيل ڪڪر جلد ختم ٿيڻ وارا آھن عوام کي سول
نافرماني واري تحريڪ ۾ ڀرپو حصو وٺي مارشلائي حڪومت جو خاتمو آڻڻ گھرجي مون ان خبر
جي ڪٽنگ ڪاٽي ڪاغذ تي لڳائي ھڪ خط لکي ڄام صاحب کي موڪليو ان بعد به ايم آر ڊي تحريڪ
دوران پاڻ مرادو ڄام صاحب جون خبرون لڳائي ان جون ڪٽنگون ۽ خط کيس موڪليم پر ان جو
ڪو جواب نه مليو جنھن ڪري اھو سلسلو وڌيڪ جاري نه رکي سگھيس.












