; سنڌي شخصيتون

02 August, 2019

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر


  منهنجو استاد
مير نادر علي ابڙو
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر سان منهنجي هلڪي ڦلڪي واقفيت ۱۹۸۸ع ۾ ئي ٿي وئي هئي، جڏهن مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ يارهين جماعت ۾ داخلا ورتي هئي، ان وقت ڊاڪٽر سوڍر پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪاليج ۾ ڪم پئي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جو ليڪچر ڏيڻ جو انداز تقريبن سڀني پروفيسرن کان منفرد ۽ مختلف هئو، هو ليڪچر اهڙي نموني ته  ڏيندو هو جو انهي ليڪچر جو اکر به اکر اڄ ڏينهن تائين ياد آهي. ليڪچر دوران هو شاگردن سان استاد ۽ شاگرد وارو نه بلڪه دوستن وارو رويو رکندڙ هو، سندس آواز چٽو ۽ روب تاب وارو هوندو هو. اسان شاگردن سان هو رليل مليل هوندو هئو. کلندي کلندي سندس پيرڊ پورو ٿيندو هو، ڪوبه ڪلاس ۾ شاگرد اهڙو ڪونه هوندو هوجيڪو سندس ليڪچر مان بيزار ٿئي بلڪه شوق سان ويهي ٻڌبو هو. هو اسان شاگردن کي نه فقط تدريسي تعليم ڏيندو هو بلڪه اخلاقيات تي به گهڻو ڪجهه زندگي گذارڻ تي سمجهائيندو هو، اسان ڪجهه شاگرد هئاسون جيڪي پابندي سان روزانه ڪاليج ايندا هئاسون. ڊاڪٽر سوڍر سان منهنجي ڪچهري تقريبن روز ٿيندي هئي. هن جي ڪاليج ۾ رڳو استاد جي حيثيت ۾ پهچان ڪونه هئي. بلڪه هو هڪ سنڌ جو محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت ۾ پڻ مشهور هيو. تمام ئي ٿورن استادن ۾ اها ڏات قدرت طرفان مليل هوندي آهي ته انهن سان ڪاليج جا شاگرد رلي ملي وڃن. ڊاڪٽر شاهنواز واقعي به انهن استادن منجهان هئو، جنهن جا اسان شاگردن سان دوستانه تعلقات هئا. هن ۾ اها وڏي خوبي هئي، ته هو ننڍن لاءِ پيار ۽ وڏن لاءِ عزت رکندڙ هئو، هن ۾ اخلاق جا ته انبار هئا. اخلاق ڪوئي ڊاڪٽر سوڍر کان سکي. اسان جي معاشري ۾ ڪاليج ڪلچر کان ڪير واقف نه آهي. جتي نوجوان گرم خون هجڻ ڪري اڪثر اختلافي ٽولن ۾ ورهائجو وڃن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اختلاف چوٽ چڙهڻ ڪري هڪ ڇت هيٺ پڙهندڙ شاگرد به پاڻ ۾ مرڻ مارائڻ جي حد تائين پهچيو وڃن. اهڙن موقعن تي ئي دانشمند ۽ صابرين استاد جي مداخلت جي شدت سان ضرورت محسوس ٿيندي آهي. مون ڪافي اهڙن موقعن تي ڏٺو ته ٻن مخالف شاگرد ڌرين ۾ ڊاڪٽر سوڍر وچ ۾ پئي جاني ۽ مالي نقصان کان شاگردن کي بچايو.

خيرالنساءِ جعفري

خيرالنساءِ جعفري
هڪڙي هئي خيرو!
جامي چانڊيو
زندگيءَ ۾ اڳتي نهارجي ٿو ته وقت جو احساس ئي نه ٿيندو آهي. لڳندو آهي وقت اڳتي سُري ئي نه ٿو. زندگي ڄڻ ته اوسيئڙو ۽ انتظار ٿيو پوي. وري جڏهن ڪا ياد، ڪو وڇڙي ويل ماڻهو، ڪو گذري ويل پل يا حادثو، ڪا پوئتي رهجي ويل سار، ڪي اَڌ ۾ رهجي ويل ماضيءَ جون وِکون، ڪنهن لمحي هنيانءَ ۾ چُهنڊي پائي زندگيءَ ۾ پٺتي نهارڻ تي مجبور ڪنديون آهن ته ماڻهوءَ کان بي ساخته دانهن نڪريو وڃي، مارِ! زندگي ته بس ڪجهه يادن، حادثن، ناڪامين، ڪاميابين، حسرتن ۽ اَڌ ۾ رهجي ويل اُڌمن ۽ ڪنهن اڄاتل بيوسيءَ ۽ اداسيءَ جو نالو آهي. ماڻهوءَ جي حياتي بس ڪجهه پاڻمرادو کنيل ٻرانگهون ئي ته آهن. ماڻهوءَ جو ٻاروتڻ ته هڪ ڌنڌلي خواب جيان اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي. اسان وٽ ته گهڻن تي ٻاروتڻ ايندو ئي ناهي. خوشين کانسواءِ ڪهڙو ٻاروتڻ! ماڻهوءَ جي ٻي ٻرانگهه بي پرواهه جوانيءَ ۾ ته ٽين ٻرانگهه ۾ ماڻهو پيريءَ کان ٿيندو وري ٻاروتڻ ۾ پڄيو وڃي. بس فرق رڳو ايترو آهي جو ٻاروتڻ ۾ زندگي بي پرواهه ۽ سراپا اتساهه هوندي آهي ۽ پيريءَ ۾ بس هڪ بارُ!

شير محمد لاشاري - استاد لغاري


شير محمد لاشاري
پورب ويا پيهي - سندس ياد ۾ تاثر
استاد لغاري
“دُک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ،
مون لاءِ مري وئين تون، هن تار اُماڻي آ.”
(اياز گل).
بتاريخ ۰۳ جولاءِ ۲۰۱۹ع بروز اربع تي، معمول مطابق جيئن ئي صبح جو سوير چئين وڳي اُٿي، مون پنهنجو موبائيل فون کوليو، ته فورن مئسيج لڳو، “چاچا سائين! منهنجو والد صاحب شير محمد لاشاري فوت ٿي ويو آهي”. (ننڍو فرزند انيس احمد لاشاري) منهنجي روح مان هڪ اهڙي ته رڙ نڪري ويئي، جيڪا يقينن ڪنهن کي به ٻڌڻ ۾ ڪو نه آئي هوندي. ليڪن ست زمينن ۽ ست آسمانن تائين ضرور پهتي هوندي. “الم، درد، حسرت، فغان، آھ، زاري. حشر هي ٿئي ٿو بپا روز روز”. (ضياءَ خياروي) امرجليل چيو هو، “زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو ظاهري گھاءُ نه ٿيندو آهي. اها گولي، انسان جي جسم کي نه، پر ان جي روح کي چيري، ان مان آرپار نڪري ويندي آهي. ان گوليءَ جو ظاهري زخم ڏسي نه سگھبو آهي، فقط محسوس ڪري سگھبو آهي. ان گوليءَ جو درد، هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهي ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهندو آهي”. ان صبح جو ٺيڪ چئين وڳي، منهنجي روح مان، دُک، درد، الم ۽ اندوھ جي جيڪا گولي آرپار نڪري ويئي هئي، اها ظاهر ۾ ته منهنجي جسم کي چيري ڪو نه سگھي هئي، البت اها گولي، ست زمينون ۽ ست آسمان ضرور چيري ويئي هوندي. آھ! شير محمد لاشاري!!!

سيد موٽڻ شاھ - خادم رند


سيد موٽڻ شاھ
ڀلوڙ صوفي راڳي
خادم رند
سچل سرمست جي درگاھ سان لاڳاپيل سنڌ جو مشهور ۽ ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪندڙ ڳائڻو سيد موٽڻ شاھ هينئر اسان ۾ نه رھيو آھي. ھو وڏي عرصي کان شگر، ساھ جي تڪليف ۽ فالج جهڙن موذي مرضن سان جهيڙيندي ڇنڇر ۲۷ جولاءِ تي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ۷۳ سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس مڙھ ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ راھوجا آڻي سوين آلين اکين جي موجودگيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

24 July, 2019

سيد اظهر گيلاني


سيد اظهر گيلاني
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
ٻه سؤ کان وڌيڪ ڪتابن جي خالق ۽ مالڪ، سيد اظهر گيلانيءَ جي وفات جو ڏينهن، تاريخ ۲۲ جولاءِ ۽ سائينءَ جي لاڏاڻي جو سال ۲۰۰۶ع آهي. نثر ۽ نظم جي ٻن سؤ ڪتابن مان پورا هڪ سؤ ڪتاب شاعريءَ جي مختلف صنفن تي لکيائين. فقط غزل جا ٻاويھ ديوان لکي مڪمل ڪيائين، جن مان ٻه چار پاڻ ڇپرايائين، باقي سڀ اشاعت لاء آتا آهن.

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي - شوڪت شورو


ورھائجي ويل سنڌي ادب جو اسڪالر
شوڪت شورو
سنڌي ٻولي ۽ ادب جنھن تيز رفتاريءَ سان ترقي پئي ڪئي، ان کي ورھاڱي کان پوءِ ڄڻ بريڪ لڳي ويو. ڪجھ سالن جي ماٺار کان پوءِ جڏھن وري نئين سر شروعات ٿي ته ان ۾ سست رفتاري ھئي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ کي جيڪو ڌڪ لڳو، ان جي تلافي نه ٿي سگھي آھي. ڪراچي ۽ ڪجھ ٻين وڏن شھرن ۾ سنڌي ٻولي جي اڳوڻي حيثيت ختم ٿي وئي. اھا گھڻائي بدران ٿورائيءَ واري ٻولي بڻجي وئي. ھوڏانھن سنڌ مان لڏي ويل سنڌي انڊيا ۾ ٽڙي پکڙجي ويا، ان ڪري سنڌي ٻولي کي گھڻي عرصي تائين سنڀالي سلامت رکي نه سگھيا. سنڌي ادب ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو. تحقيق ۽ تنقيد جي صنفن تي ان جو وڏو اثر پيو. سنڌ جي سنڌي ادب ۾ تنقيد جي صنف ختم ٿي وئي. البت ھند ۾ تنقيد زور ورتو ۽ وڏا نقاد وڌي آيا. پر اتي تحقيق جي صنف اسري نه سگھي. ڇاڪاڻ ته عالمن اديبن کي تحقيق لاءِ گھربل وسيلا ۽ حوالا ميسر نه ھئا. ھن وقت جڏھن ھند ۾ نئين ٽھي سنڌي ٻولي پڙھڻ ۽ لکڻ کان ته پري آھي، پر ڳالھائڻ به ڪنھن حد تائين گھٽجي ويو آھي، تڏھن به شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۽ نقادن بددل ٿي لکڻ نه ڇڏيو آھي.

21 July, 2019

ڪريم فقير - ڀارومل امراڻي


ڪريم فقير
ڪيرٽي جو ڪلونت
ڀارومل امراڻي
ڪيسر مڪواڻي جي قرب نگر ڪيرٽي عرف ڪيرلي نگر ۾ آچار مڱڻهار جي گهر ۾ مئي ۱۹۶۱ع تي جنم وٺندڙ ڪريم فقير سنڌ جو سريلو راڳي آهي. جنهن جي آلاپ تي ريجهي صحرا جي شفق سنجها جو ڏيئو ٻاريندي آهي. جنهن جي سُرن جي ستارا ساک ڏيندا آهن، جنهن جي راڳ جي راحت ۾ ڀالوا جي ڀٽ مينهن وساڙن جو ڏيک ڏيندي آهي.
ڪريم فقير اڃان ٻه ٽن مهينن جو هو، تڏهن سندس مامي سروپي مڱڻهار وارا مٺي ڪوٺي آيا. پوءِ اتي ئي مامي جي گهر ۾ پلي وڏو ٿيو. سروپي مڱڻهار جي مٺي ۾ دهل جي وڄت جي حوالي سان وڏي مقبوليت رهي آهي.

20 July, 2019

حمايت علي شاعر


سنڌ دوست اردو شاعر جو وڇوڙو
نصير مرزا
هو سوشلسٽ هو يا شيعو؟ اها ته خبر ناهي مون کي، البت ايتري ڄاڻ ضرور، ته هند مان اردو شاعرن ۽ دانشورن جي جنهن کيپ، سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو، اُنهن مان ڊاڪٽر الياس عشقي، پروفيسر آفاق احمد  صديقي ۽ حمايت علي شاعر جهڙا مخلص ۽ سنڌ دوست اردو قلمڪار، نه مون اڳ ڪڏهن ڏٺا، نه پوءِ.... حمايت علي شاعر صاحب، جنهن کي سڀني پيار ۾ سدائين ”حمايت ڀائي“ چئي مخاطب ڪيو، اصل ۾ حيدرآباد دکن جي اورنگ آباد جي مِٽي هو. ۱۹۵۰ع ۾ هن اتان لڏيو ته اول ته سنڌ جي دل ڪراچي ۾ اچي رهيو، پر پوءِ هُو حيدرآباد ۽ حيدرآباد ۾ به لطيف سائينءَ جي نالي سان منسوب لطيف آباد ۾ گهرڙو اڏي اچي ويٺو. جتي ست نمبر ۾ جيڪو پنهنجو آکيرو جوڙيائين ان جو نالو رکيائين؛ ”گهواره“.  

18 July, 2019

ملڪ نديم


ملڪ نديم
وطن دوست ۽ عوامي شاعر
راشد شر
آزاد فضا ۽ باندي رھڻ ۾ رات ڏينهن جو فرق آھي ڇو ته آزاد معاشرن جا فرد ذھني توڙي جسماني طور خوش رھي زندگي جون سموريون بهارون خوشي سان گذاري جيئن ٿا.
ٻئي پاسي تنگ زنجيرن ۾ جڪڙيل غلام سماج جو ھر فرد عذاب ۾ هوندو آھي، خاص ڪري غلام سماج جو باشعور فرد عام ماڻھن جي ڀيٽ ۾ سوايو پيڙيل ھوندو آھي ايتريقدر جو غلام معاشرن ۾ ھر با شعور ماڻھو جو موت به زندگي جي اڌ پڪي اڌ ڪچي عمر ۾ يعنيٰ وقت کان گھڻو اڳي ٿيندو آھي، تنگ سماج ۾ باشعور ماڻھو جو موت ھر ھر پيو ٿيندو آھي جنهن جو سبب اهو آھي ته سمورا باشعور ذھن پوري سماج فطرت تي سوچڻ جا جدوجهد ڪندڙ فڪري دماغ ھوندا آھن، جيڪي راتين جون راتيون جاڳي دنيا جهان ۾ تبديلي جا خواب ڏسندا رهندا آھن.

سيد احمد مهدي

سيد احمد مهدي
لاڙڪاڻي جو فلائنگ هارس (تاثر)
منظور ڪوھيار
هو لاڙڪاڻي جي هاڪي ٽيم جو واقعي فلائنگ هارس هيو. ليفٽ آئوٽ يا ليفٽ اِن کيڏندو هيو. بال کي ايڏي ته تيزيءَ سان ڊي ۾ کڻي ويندو هيو، جو ڪنهن به حوالي سان قومي سطح جي رانديگرن سميع الله يا ڪليم الله کان گھٽ نه هيو. هي لاڙڪاڻي جي انهن رانديگرن منجھان هيو، جن پنهنجي دؤر ۾ هاڪي جي نيشنل ڪيمپ اَٽينڊ ڪري، نيشنل ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيا. پر ان دؤر جو الميو اهو هوندو هيو، جو جڏهن به نيشنل ٽيم ۾ سندن سليڪشن ٿيندي هئي، ته سليڪشن ليٽر کين تڏهن رسندو هيو، جڏهن نيشنل ٽيم ٻاهرين ملڪ جي دؤري تي وڃي چڪي هوندي هئي. اهي هيون، ون يونٽ جون ڀلايون، جنهن ننڍن صوبن جي ننڍن شهرن ۾ تعصب جو ٻج ڏاڍي هوشياري سان پوکيو، جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو، ۽ پوءِ جنهن جو ثمر سڀني چکيو.

ڄام صنم سنڌي

ڄام صنم سنڌي

گهڻ صلاحيتي ۽ متحرڪ ادبي شخصيت

وزير فرهاد سولنگي



ساهتي پرڳڻو، علم، ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ اهم جڳهه والاري ٿو. سنڌ جي هن خطي ۾ ڪيترا ئي عالم، اديب، شاعر ۽ قلمڪار پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي ٻولي ۽ ادب ۾ نمايان خدمتون ڏنيون آهن ساهتي پرڳڻي جو اهم شهر مورو جنهن ۾ تاريخ، ادب سياست ۽ تعليم جي روشني پکڙيل آهي. موري شهر ۾ قاضي خليق مورائي کان ناصر مورائي تائين ۽ قاضي نظير کان راشد مورائي تائين ڪيترا ئي اهم نالا آهن جن علم ۽ ادب جي شعبي تمام گهڻو نالو ڪمايو آهي. اهڙي طرح موري جي علمي ۽ ادبي کيتر ۾ عورتن به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. جنهن ۾ آپا رحيمان سيال کان ايس نسيم ميمڻ ۽ رضيه مورائيءَ کان ڄام صنم سنڌي تائين ڪيتريون عورتون آهن جيڪي موري جي علمي ۽ ادبي حلقي ۾ تمام گهڻيون سرگرم رهيون آهن.

مور مغيري - حفيظ چانڊيو


مور مغيري
محبتن جو امين شاعر
حفيظ چانڊيو
شاعري هڪ اهڙو محاذ آهي، جنهن جي وسيلي ڏات جي ڏڍ تي قوم جي بقا جي جنگ جوٽي جوٽبي آهي. شاعري اهڙن احساسن جو نانءُ آهي، جنهن وسيلي بيساکين تي بيٺل سماج اندر مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي، سنوارجي ويل سماج اندر تبديليءَ جو استعارو مور مغيري به آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سماج کي تبديليءَ جا جتن پئي ڪيا آهن، انهن اڙانگن رستن تي سندس پير رتورت ٿيڻ باوجود سندس حوصلا اڄ به هالار جيڏا آهن، تازو سندس شعري ڪتاب “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، سندس ڪتاب ڀوڳنائن ۽ پڇتاونَ جو اهو تاريخي دستاويز آهي، جنهن ۾ هن بدبودار سماج جي بهتري لاءِ بظاهر بغاوت ڪئي آهي، جيڪا سندس شاعراڻي روپ ۾ اسان آڏو اظهار بڻيو آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي ضرورت آهي. مور پيار ۽ پيڙائن جي پنڌ تي ڪٿي به ٿڪجي نه ٿو، سنڌو درياهه جي وهڪري وانگر سندس قلم جي قط ڪٿي بيهڻ جو نالو نه ٿي وٺي.

ڊاڪٽر نواز علي دل - نظام الدين ڪاڪا


ڊاڪٽر نواز علي دل
محبتن جو مسيحا
نظام الدين ڪاڪا
هُو، جنهن جي سُڃاڻپ هڪ ڊاڪٽر طور آهي ۽ جنهن کي صحت کاتي سنڌ جي نالي واري اسپتال لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ سائنس ڄامشوري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو آهي، جتي هو ڪيترن مجبور، لاچار، محروم، غريب ۽ بي پهچ انسانن لاءِ مسيحا بڻيل آهي. هو نه رڳو دردن جو درمان ۽ دوا ڪري ٿو پر بي پهچ ۽ لاچار انسانن لاءِ دلاسو ۽ ڏَڍُ بڻيل آهي. ان ڪري هو ماڻهوءَ جي عضون جي سرجري ڪري علاج ته ڪري ٿو پر اُداس ۽ هيسيل ماڻهن جي ذهنن کي تازگي ۽ توانائي بخشي اميد ۽ ڀروسي جوڳو بنائڻ جو هنر به ڄاڻي ٿو. ان ڪري هُو منهنجي حواسن ۾ هڪ سماج سڌارڪ، وفادار، آئيءَ ويل اهنج ۽ ايذاءَ وقت ڪم اچڻ وارو قدردان انسان آهي. هُو پنهنجي ڪراچيءَ واري دوست بابر سان ڪَيل ويساگهاتيءَ تي پريشان ٿي سندس احساسن ۽ اُدمن ۾ سمائجي سندس دلاسو ۽ آسرو ته ٿئي ٿو پر کيس پريشانين جي سير مان ٻاهر ڪڍي ڪناري لڳائي پار ڪري به ڄاڻي ته شاهُو کوسي جي فالتو ڳالهين کي به احترام سان ٻڌي منجهيل سُٽَ کي سُلجهائڻ به ڄاڻي. اڪبر درس جو قريبي دوست ۽ ٻانهه ٻيلي رهيو آهي ۽ سندس زندگيءَ جي هر مسئلي جي حل ۾ ساڻس گڏ رهندو پيو اچي. جڏهن ته نظام ڪاڪا سان مشورا ڪري پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين کي وڏي خبرداريءَ سان نمٽائي به ڄاڻي. مير حيدر علي ٽالپر ۽ مير شير محمد ٽالپر ٻئي سندس محسن رهيا آهن. پنهنجي راڄ ڀاڳ کي، پنهنجي ڪاروبار کي، پنهنجي ٻني ٻاري کي نه رڳو سنڀالي پر پنهنجي ڳوٺ جي، ماڻهن جو پنهنجي جُوءِ جي ماڻهن جو علاج معالج مفت ڪرڻ سان گڏ سندن روزمره جي زندگيءَ جي مسئلن جو تدارڪ به ڪري. بيمارن، معذورن ۽ محرومن کان هلي حال پڇڻ وارو مون هي پهريون ڊاڪٽر ڏٺو آهي. جنهن کي ماڻهو ”ڊاڪٽر نواز علي دل“ جي نالي سان ياد ڪندا رهندا آهن. حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ صالح دل ۾ وڏيري عمر دل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي سڪيلڌو ٻار واقعي پينگهي ۾ پڌرو صدورو ۽ سُڀاءُ وارو ثابت ٿيو آهي. ڊاڪٽر نواز ماڻهن جا مسئلا جهول ۾ جهلي انهن کي ائين ترتيبوار حل ڪندو آهي جيئن هو مريضن کي نمبروار سرجري ڪري دوائون ۽ علاج لکندو هجي.