منهنجو استاد
مير نادر علي ابڙو
ڊاڪٽر
شاهنواز سوڍر سان منهنجي هلڪي ڦلڪي واقفيت ۱۹۸۸ع ۾ ئي ٿي وئي هئي، جڏهن مون ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
يارهين جماعت ۾ داخلا ورتي هئي، ان وقت ڊاڪٽر سوڍر پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪاليج ۾ ڪم
پئي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جو ليڪچر ڏيڻ جو انداز تقريبن سڀني پروفيسرن کان منفرد ۽
مختلف هئو، هو ليڪچر اهڙي نموني ته ڏيندو
هو جو انهي ليڪچر جو اکر به اکر اڄ ڏينهن تائين ياد آهي. ليڪچر دوران هو شاگردن
سان استاد ۽ شاگرد وارو نه بلڪه دوستن وارو رويو رکندڙ هو، سندس آواز چٽو ۽ روب
تاب وارو هوندو هو. اسان شاگردن سان هو رليل مليل هوندو هئو. کلندي کلندي سندس
پيرڊ پورو ٿيندو هو، ڪوبه ڪلاس ۾ شاگرد اهڙو ڪونه هوندو هوجيڪو سندس ليڪچر مان
بيزار ٿئي بلڪه شوق سان ويهي ٻڌبو هو. هو اسان شاگردن کي نه فقط تدريسي تعليم
ڏيندو هو بلڪه اخلاقيات تي به گهڻو ڪجهه زندگي گذارڻ تي سمجهائيندو هو، اسان ڪجهه
شاگرد هئاسون جيڪي پابندي سان روزانه ڪاليج ايندا هئاسون. ڊاڪٽر سوڍر سان منهنجي
ڪچهري تقريبن روز ٿيندي هئي. هن جي ڪاليج ۾ رڳو استاد جي حيثيت ۾ پهچان ڪونه هئي.
بلڪه هو هڪ سنڌ جو محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت ۾ پڻ مشهور هيو. تمام ئي ٿورن استادن
۾ اها ڏات قدرت طرفان مليل هوندي آهي ته انهن سان ڪاليج جا شاگرد رلي ملي وڃن.
ڊاڪٽر شاهنواز واقعي به انهن استادن منجهان هئو، جنهن جا اسان شاگردن سان دوستانه
تعلقات هئا. هن ۾ اها وڏي خوبي هئي، ته هو ننڍن لاءِ پيار ۽ وڏن لاءِ عزت رکندڙ هئو،
هن ۾ اخلاق جا ته انبار هئا. اخلاق ڪوئي ڊاڪٽر سوڍر کان سکي. اسان جي معاشري ۾
ڪاليج ڪلچر کان ڪير واقف نه آهي. جتي نوجوان گرم خون هجڻ ڪري اڪثر اختلافي ٽولن ۾
ورهائجو وڃن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اختلاف چوٽ چڙهڻ ڪري هڪ ڇت هيٺ پڙهندڙ شاگرد به پاڻ ۾
مرڻ مارائڻ جي حد تائين پهچيو وڃن. اهڙن موقعن تي ئي دانشمند ۽ صابرين استاد جي
مداخلت جي شدت سان ضرورت محسوس ٿيندي آهي. مون ڪافي اهڙن موقعن تي ڏٺو ته ٻن مخالف
شاگرد ڌرين ۾ ڊاڪٽر سوڍر وچ ۾ پئي جاني ۽ مالي نقصان کان شاگردن کي بچايو.












