; سنڌي شخصيتون: سيد احمد مهدي، منظور ڪوھيار، لاڙڪاڻو، عنايت ميمڻ، ھوميوپيٿڪ،
Showing posts with label سيد احمد مهدي، منظور ڪوھيار، لاڙڪاڻو، عنايت ميمڻ، ھوميوپيٿڪ،. Show all posts
Showing posts with label سيد احمد مهدي، منظور ڪوھيار، لاڙڪاڻو، عنايت ميمڻ، ھوميوپيٿڪ،. Show all posts

18 July, 2019

سيد احمد مهدي

سيد احمد مهدي
لاڙڪاڻي جو فلائنگ هارس (تاثر)
منظور ڪوھيار
هو لاڙڪاڻي جي هاڪي ٽيم جو واقعي فلائنگ هارس هيو. ليفٽ آئوٽ يا ليفٽ اِن کيڏندو هيو. بال کي ايڏي ته تيزيءَ سان ڊي ۾ کڻي ويندو هيو، جو ڪنهن به حوالي سان قومي سطح جي رانديگرن سميع الله يا ڪليم الله کان گھٽ نه هيو. هي لاڙڪاڻي جي انهن رانديگرن منجھان هيو، جن پنهنجي دؤر ۾ هاڪي جي نيشنل ڪيمپ اَٽينڊ ڪري، نيشنل ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيا. پر ان دؤر جو الميو اهو هوندو هيو، جو جڏهن به نيشنل ٽيم ۾ سندن سليڪشن ٿيندي هئي، ته سليڪشن ليٽر کين تڏهن رسندو هيو، جڏهن نيشنل ٽيم ٻاهرين ملڪ جي دؤري تي وڃي چڪي هوندي هئي. اهي هيون، ون يونٽ جون ڀلايون، جنهن ننڍن صوبن جي ننڍن شهرن ۾ تعصب جو ٻج ڏاڍي هوشياري سان پوکيو، جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو، ۽ پوءِ جنهن جو ثمر سڀني چکيو.