22 August, 2015
ليکراج ڪشنچند عزيز - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
رجب علي آگاڻي - پروفيسر منظور ڇڄڙو
نور محمد ڪلهوڙو - عبدالخالق مغيري
شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو
حضرت شاهه عبدالڪريم
بلڙي وارو
عرس مبارڪ جي مناسبت
سان
نور سنڌي
سنڌ جو ڪامل ولي الله، صوفي شاعر حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي
وارو جيڪو ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جو پڙڏاڏو هو. سندس وڏا هرات مان سنڌ ۾ آيا، حضرت شاهه عبدالڪريم
بلڙي وارو ۲۰ شعبان ۹۴۴هه ۱۵۳۸ع ۾ سيد ميان لعل محمد
شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍا هئا ته سندن والد هي جهان ڇڏي ويو ۽ سندن پرورش ۽ تربيت
سندن امڙ ۽ وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه ڪئي. سندن ننڍپڻ جو تفصيلي احوال نه ٿو ملي. سندس
ڀاءُ جي دلي خواهش هئي ته شاهه ڪريم پڙهي عالم فاضل ٿئي، پر شاهه ڪريم ان طرف ڌيان
نه ڏنو. ان جي باوجود کيس ۶ سالن جي ڄمار ۾ هڪ مڪتب ۾ موڪليو
ويو، پر پاڻ سبق ياد ڪرڻ بجاءِ ڌڻي تعاليٰ جو ورد ڪندا هُئا. مائٽن ۽ سندس استاد مولوي
صاحب گهڻو ئي زور ڏنو ته پاڻ پڙهن، پر ڪجهه به نه وريو. ننڍي هوندي کان سماءُ سان دل
لڳائي جواني ۾ پاڻ خود سماع ۾ حصو وٺندو هو. هڪ ڏينهن سماع واري محفل ۾ مشغول هو ته
سندس ڀاءُ کيس اتان وٺي اچي قاضي آڏو پيش ڪيو ۽ سندس نڪاح پڙهايو، جيستائين سندن ڀاءُ
جلال شاهه حيات هئا، ايستائين شاهه عبدالڪريم گهر ٻار جي بار کان آجو هو ۽ اڪثر ذڪر
فڪر ۾ ۽ سماع ۾ مشغول گذاريو. علائقي ۾ جتي به سماع جون محفلون ٿينديون هيون، پاڻ ان
۾ شريڪ ٿيندو هو. گجرات کان احمدآباد تائين به سفر ڪيائون. سندس ڀاءُ جي وصال بعد پاڻ
محنت مزدوري ۽ سخت پورهيو ڪرڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندس سڄي خاندان جو بار سندن ڪلهن
تي اچي ويو هو. زمين آباد ڪرڻ کانسواءِ ڪڏهن ڪڏهن گهرو ڪم، چوپايو مال جي سار سنڀال،
کاڌو تيار ڪرڻ ۾ عيب نه سمجهيو. پاڻ صوفي بزرگن مطابق عبادت کانسواءِ سخت رياضتون پڻ
ڪيون. سماع سان سندن غير معمولي لڳاءُ هو. ڪنهن عالم، ذاڪر، قوال کان ڪو اعليٰ معنيٰ
وارو ڪلام ٻڌندا هئا ته مٿن وجد طاري ٿي ويندو هو.