ڪامريڊ رشيد مخدوم
سوشلسٽ دانشور جي ورسي
حوالي سان
سجاد ظهير
مارڪسسزم اها
سائنس آهي، جنهن جي سچائي انساني جي آزادي جو اعليٰ مثال ثابت ٿي آهي. اڄ تائين
دنيا جا سمورا ڏاها گڏجي ويهي مارڪس جي دليلن جو ڪو به نعم البدل ۽ جواب نه ڏئي
سگهيا آهن. سندس ڪيل اڳ ڪٿيون ڀلي ساڄي ڌر وارن کي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ڏينديون هجن
پر وري به تاريخ مارڪس جي سوچ ۾ به تبديلي جو حق به انهن انقلابين کي ڏنو، جن ڪارل
مارڪس کي پنهنجو رهبر تسليم ڪري انساني تاريخ جا تمام وڏا انقلاب برپا ڪيا. اڄ
تاريخ ۾ مارڪس جي عظيم تخليقن کان بغير دنيا جو درست تجزيو ڪرڻ ناممڪن ٿيو وڃي.
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون جاني توڙي مالي قربانيون ڏنيون. اڄ به
سندن تاريخي قرباني کي مارڪسي فلسفي جي آبياري ۾ تمام وڏو حصو سمجهيو وڃي ٿو. دنيا
جي مختلف ملڪن جتي علم، ادب ۽ سماج جي ميدان ۾ کوڙا سارا نالا ڳڻايا وڃن ٿا اتي پاڪستان
جهڙي پٺ تي پيل ملڪ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي ذڪر کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ان جو
واحد سبب اهو آهي جو پاڪستان جي ڪميونسٽ تحريڪ جو پاڙون ان پارٽي جي هٿان رکيون
ويون جنهن کي بولشويڪ قيادت جي اعليٰ اڳواڻن پاران وڏي احترام سان ڏٺو وڃي ٿو ۽
ڏٺو ويندو. پاڪستانيسماج جنهن ۾ ڪميونسٽ روايتن ۽ پورهيت سياست کي انتهائي ڏکي دور
۾ جن ماڻهن زندهه رکيو انهن منجهان ڪامريڊ رشيد مخدوم جي انقلابي سياست کي هميشه
ياد رکيو ويندو.