; سنڌي شخصيتون: طارق عزيز شيخ، ياسر قاضي،
Showing posts with label طارق عزيز شيخ، ياسر قاضي،. Show all posts
Showing posts with label طارق عزيز شيخ، ياسر قاضي،. Show all posts

19 December, 2023

طارق عزيز شيخ

طارق عزيز شيخ

کيس جنم ڏينهن مبارڪ هجي!

ياسر قاضي



منهنجي ساڻس واقفيت لڳ ڀڳ گذريل ۲۴ سالن کان آهي. جيتوڻيڪ مون ۲۰۰۲ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ”ريسرچ آفيسر“ طور پير پاتو ته سندس نالو اُتي پاڻ کان اڳ رهي چڪيل هم منصبن طور گھڻو ٻڌڻ ۾ آيو، بلڪه چيئر جي سابق ملازم طور اتي سندس اچڻ وڃڻ هجڻ ڪري ساڻس ملاقاتن جو سلسلو به شروع ٿيو، پر اسانجي پهرين شناسائي ان کان به اڳ ۱۹۹۹ع ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن مون سنڌيءَ جي هڪ ادبي رسالي ۾ سندس هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي ۽ پوءِ کيس ان ڪهاڻيءَ تي ساراهيو به هو. نفسياتي ماهر چون ٿا ته جيڪڏهن اوهانجي دوستي ۷ سال لاڳيتي هلندي رهي، ته پوءِ اها سڄي زندگيءَ تائين توڙ نڀائيندي. اسانجي دوستيءَ کي ته ذري گھٽ چوٿائي صدي ٿيڻ واري آهي، پر مان سوچيندو آهيان ته هو منهنجي ٻي سڄي سنگت کان گھڻو مختلف آهي يا ساڻس منهنجي ويجھڙائپ جي نوعيت سڀني دوستن کان الڳ آهي. هُو منهنجو لڳ ڀڳ هر راز سليندڙ دوست به آهي ته ڀائرن جيان گھر جو ڀاتي به آهي. منهنجو اهو سلڇڻو سنگتي، سنڌ لاءِ هڪ ليکڪ، صحافيءَ، استاد، محقق ۽ ادبي حلقن ۾ سرگرم رهندڙ ساهتي حوالي سان متحرڪ سڃاڻپ رکندڙ طارق عزيز شيخ آهي، جنهنجو اهو منفرد نالو سنڌ جي ثقافت جي مهندار ۽ ادبي، تحقيقي توڙي ثقافتي حوالي سان سنڌ جي بين الاقوامي سڃاڻ بڻيل شخصيت، ممتاز مرزا رکيو هو، جيڪا ڳالهه هن پاڻ طارق جي پهرين ڪتاب ”سُرها ساهه پرينءَ جا“ (شايع: ۱۹۹۴ع) جي بيڪ ٽائيٽل تي راءِ لکندي به ڪئي آهي.