منور ابڙو
رنگن، پاڇن ۽ لڪيرن جو
جادوگر
آصف رضا موريو
منور ابڙو ۲۴ ڊسمبر ۱۹۶۸ع تي لاڙڪاڻي
شهر جي تعلقي ڏوڪري سان متصل ڳوٺ پيارو واهڻ ۾ پيدا ٿيو. بنيادي طور تي منور هڪ
سول انجنيئر، شاعر ۽ چترڪار آهي پر سندس شهرت جو سبب سندس ٺاهيل خوبصورت ڪارٽون
آهن. جيڪي شايع ٿيندڙ مختلف اخبارن، رسالن ۽ جريدن جي زينت بڻيا رهن ٿا. منور مهراڻ
يونيورسٽي نواب شاه مان ۸۸ بيج مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري ۱۹۹۳ع ۾ حاصل ڪئي. ۹۶/۱۹۹۵
جا ٻه سال نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ بطور ڪنسلٽنٽ ڪم ڪيو جتان دنيائي آرٽ ۾ قدم رکڻ
لاءِ استعيفى ڏني.