شيخ نظر محمد بسمل
“بسمل” جي شاعري آ الفت ڀريو پيام...!
حسيب ناياب منگي
شاعري
قدرتي ڏات آهي، جنهن به ڪوي جي حصي ۾ جيتري ڏات آئي آهي، تنهن پنهنجي حصي جو ڪم ڪري
پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. اسان جي سنڌ ڌرتي به اهڙن قلمڪارن سان سينگاريل آهي، جن
هيرن ۽ موتين مثل لفظ پيش ڪيا ۽ پنهنجي حصي جو پورهيو ڪري پاڻ ملهايو. سندن علمي ۽
ادبي پورهئي عام ماڻهن کي جيون جا رنگ به پسايا ته ڀلائي جي واٽ به ڏيکاري. ڏکن جي
راهه جو ڏس به ڏنو ته نصيحتون به بيان ڪري انساني زندگي جي مختلف پهلوئن کي ظاهر ڪرڻ
جون گهڻيون ڪوششون ورتيون. اهڙن سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ شيخ نظر محمد “بسمل” جو
نالو به اچي وڃي ٿو، جنهن جي ڪلام جي گونج سنڌ جي هر هڪ علائقي ۾ ٻڌي وئي. “بسمل”
جو ڪلام انسان دوستي جي پيغام سان گڏ ساڻيهه جي سڪ جو چٽو آئينو آهي. سندس ڪلام تي
نظر ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هن پنهنجو ڪلام انسان جي جذبن ۽ احساسن ۽ انساني
زندگيءَ سان وابسته مختلف پهلوئن کي سامهون رکندي سرجيو آهي. سندس ڪلام ۾ پيار سان
گڏ نفرت تي حيراني به آهي. غربت آهي ته صبر ۽ شڪر جي جهلڪ به سامهون اچي ٿي. دنيا
جي لالچ کان بيزاري آهي ته نيڪي اختيار ڪرڻ جو ڏس به ڏيندو اچي ٿو. “بسمل” جو ڪلام
گهڻن ئي رنگن کي نروار ڪري ٿو جيڪي رنگ سندس شاعريءَ جي خوبصورتيءَ جو حوالو بڻجي
اڀرن ٿا.