مصطفيٰ قريشي
فلمي دنيا جي هيرو سان ڪچهري!
غلام حسين
خاصخيلي
فلمي دنيا جي مشهور
اداڪار مصطفيٰ قريشيءَ جو سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر ۽ ٿڌين هوائن جي حوالي سان مڃتا
رکندڙ حيدرآباد سان واسطو آهي. مصطفيٰ قريشي پنهنجي فن جي شروعات ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد تان انائونسر جي حيثيت سان ڪئي. جنهن کانپوءِ مصطفيٰ قريشي محنت سان
لاهور جي فلمي دنيا ڏانهن رخ ڪيو. سندس محنت ۽ بهتر اداڪاريءَ وسيلي مصطفيٰ قريشي
وڏي مڃتا حاصل ڪئي آهي. سندس هلڻ جو انداز اهوئي ساڳيو پيار وارو آهي. عيد جي
خوشين کي ملهائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ترسيل هو. مصطفيٰ قريشي عيد جي ٽئين ڏهاڙي تي ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد پهتو. ريڊيو حيدرآباد تي اسٽيشن ڊائريڪٽر علي اڪبر هنڱورجو،
پروگرام مينيجر محمد حسين سميت ريڊيو جي عملي سندس آجيان ڪئي. آئون به روزاني عبرت
جي آفيس مان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ريڊيو حيدرآباد تي ”فتح خان جي اوطاق“ پروگرام ڪرڻ
لاءِ پهتس، پروگرام فتح خان جي اوطاق جو پروڊيوسر روشن علي ڪلهوڙو آهي. مصطفيٰ
قريشي سان ملاقات ڪري ساڻس عبرت جي پڙهندڙن لاءِ جيڪا ڪچهري ڪئي آهي. اها اوهان
تائين پهچائي رهيو آهيان. مصطفيٰ قريشي سان جنهن ڏينهن تي ملاقات ٿي. اهو ڏينهن
عيد جي خوشين واري ڏهاڙي سان گڏ روزاني عبرت جي ۶۲ هين سالگرهه جو ڏهاڙو به ملهائي رهيا
هئاسين. مصطفيٰ قريشي ملڻ شرط عيد جون مبارڪون ڏيڻ سان گڏ عبرت جي سالگرهه جون
مبارڪون ڏنيون.