منظور پرواز ميمڻ
مڻيادار ماڻهوءَ جون
ادبي ۽ سماجي خدمتون
نسيم بخاري
سائين منظور پرواز ۲۸ مارچ ۱۹۴۷ع تي رحيم بخش ميمڻ جي گهر پير مست علي شاھ
محلي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سائينءَ جو والد پنهنجي دور ۾ شڪارپور جو مشهور صحافي ۽
پريس ڪلب شڪارپور جو اهم عهديدار رهيو آهي عورتن جي حقن جي حوالي سان به سندس
شاندار خدمتون رهيون آهن پاڻ هلال پاڪستان اخبار جا ڊسٽرڪٽ رپورٽر هئا نوائي
انقلاب سکر ۾ به سنڌ جي گشتي نمائندي طور ڪم ڪندا هئا منظور پرواز ميمڻ پرائمري هاڻوڪي
قاضي محلا ۽ تڏهوڪي نادر واري اسڪول ۾ پڙهي، ميٽرڪ هاڻوڪي قاضي حبيب الله ۽ تڏهوڪي
نيو اِرا ھاءِ اسڪول مان ڪئي، جتي ۱۹۶۳ع ۽ ۱۹۶۶ع ۾ استاد عرض محمد شيخ صاحب جي شفقت هيٺ رهيو. انٽر شاھ
لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج مان ڪيائون، بي اي گريجوئيشن سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج
مان فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪيائين. سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ان وقت سنڌ جو ناميارو اديب قمر
شهباز سندس انگريزي ادب ۾ استاد هو جنهن جي صحبت محبت ۾ اچي پنهنجو تخلص پرواز
رکيائين. ۱۹۶۲ع کان ٻاراڻو ادب لکڻ ۽ ۱۹۶۶ع کان شاعريءَ توڙي نثر ۾ لکڻ شروع ڪيائون، پاڻ هلال پاڪستان،
نوائي انقلاب، عبرت اخبار، خادم وطن، جمهوريت، ناظم ۾ به لکندا آيا، وائي، نظم ۽
غزل سندس پسنديده صنفون رهيون آهن، ادب محل پبليڪيشن شڪارپور جي سلسلن توڙي ان وقت
جي مقبول رسالن بادل ۽ روح رهاڻ سميت اهم رسالن ۾ سندس تحريرون زينت بڻجنديون آيون
آهن هن وقت تائين سوين تخليقون تخليق ڪري چڪا آهن. ۱۹۷۴ع ۾ شادي ڪيائون ۱۹۷۱ع ۾ سرڪاري ملازمت حاصل ڪيائون ۽ ۲۰۰۷ع ۾ صنعتن واري کاتي مان ڊپٽي ڊائريڪٽر جي
حيثيت سان رٽائرڊ ٿيا. سائين منظور پرواز جو اڃان تائين شعري يا نثري مجموعو ڇپجي
پڌرو نه ٿي سگهيو آهي.