; سنڌي شخصيتون

11 August, 2019

علي دوست عاجز


علي دوست عاجز
جديد سنڌي شاعريءَ جو نامور حوالو
عزيز ڪنگراڻي
ناليواري شاعر علي دوست عاجز جو پورو نالو علي دوست محمد خان گانئچو آهي. سندس جنم ۲ سيپٽمبر ۱۹۶۴ع تي فريدآباد، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. پرائمريءَ کان مڊل تائين فريدآباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پيارو ڳوٺ هاءِ اسڪول مان ۱۹۸۰ع ۾، انٽر ۱۹۸۳ع ۾ ۽ گريجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج (هاڻ استاد بخاري ڊگري ڪاليج) دادوءَ مان ۱۹۸۵ع ۾ ۽ ماسٽرس ۱۹۹۲ع رياضيءَ ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.

صلاح الدين تنيو


صلاح الدين تنيو
سنڌي ڊرامن جو بهترين اداڪار
ڪمپوزنگ؛ محمد سليمان وساڻ
نامياري اداڪار صلاح الدين جو پورو نالو صلاح الدين ولد محمد ابراهيم تنيو آهي. هن ۲۸ فيبروري ۱۹۴۹ع تي ڳوٺ حاجي ڌڻي بخش تنيي تعلقي قمبر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان ۱۹۶۵ع ۾ ڪيائين. جڏهن ته بي. ايس. سي (آنرس) ۱۹۶۷ع ۾ ۽ ايم. ايس. سي سنڌ يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽريءَ مان پاس ڪيائين. سڀ کان اول ملازمت جو آغاز سال ۱۹۷۳ع ۾ لوڪل گورنمينٽ کاتي حيدرآباد کان ڪيائين، جتي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ اسسٽنٽ ٽيڪسيشن آفيسر ٿي ڪم ڪيائين. ست سال نوڪري ڪرڻ بعد ۱۹۷۹ع ۾ ليڪچرر طور علامه اقبال ڪاليج ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيو. بعد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري ۱۹۸۱ع صحت کاتي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر مقرر ٿيو، کيس سال ۱۹۹۱ع ۾ ترقي ملي ۽ بحيثيت ڊويزنل ڊرگ انسپيڪٽر لاڙڪاڻو ۱۹۹۴ع تائين ڪم ڪيائين. ۱۹۹۴ع ۾ سندس بدلي ڪراچيءَ ٿي، ترقي ڪندي ڊويزنل ڊرگ انسپيڪٽر ۽ پوءِ چيف ڊرگ انسپيڪٽر ٿي سال ۲۰۰۹ع ۾ رٽائر ڪيائين.

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
۲۷ فيبروري جنم ڏينهن
نوجوان، شاعر ۽ ليکڪ رياضت ٻرڙو ولد شوڪت علي ٻرڙو ۲۷ فيبروري ۱۹۷۰ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي موجوده قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ بہ قمبر مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي فزڪس ڪيائين. ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ هن ايم. اي سنڌي ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون بہ حاصل ڪيون، رياضت ٻرڙو بنيادي طرح شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم آهي. پهرين شاھ لطيف ڪاليج قمبر ۽ هن وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزڪس جو ليڪچرار آهي. هي هڪ سال تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”سائنس“ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به رهي چڪو آهي.

محمد ايوب عمراڻي


محمد ايوب عمراڻي
تعارف
خدا بخش جويو
محمد ايوب عمراڻي ولد محمد اسماعيل ۲۲ اپريل ۱۹۶۶ع ۾ مانجهند شهر جي اولهه ۾ واقع ڳوٺ شاهه اويس ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي عزيزن سان مانجهند ۾ رهيو ۽ مئٽرڪ ڪرڻ بعد ۱۹۸۱ع ۾ لطيف سنگت (ٻارڙن جي تنظيم) جو مرڪزي پريس سيڪريٽري عهديدار ٿيو. محمد ايوب عمراڻي راقم الحروف جي شاگردي ۾ ڪيليگرافي جي سکيا ورتي ۽ ۱۹۸۲ع ۾ روزانه مهراڻ ۽ ٻين مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪيليگرافيءَ طور ڪم ڪيو. ۱۹۸۵ع کان عبرت اخبار، روزانه هلال پاڪستان، روزنامه ناظم، روزانه سنڌ نيوز ۾ پڻ ڪيليگرافيءَ طور ڪم ڪيو. هن ۱۹۹۱ع کان ٽي سال روزانه سنڌ نيوز ۾”من اندر جي ڳالهه“ جي عنوان سان ڪالم لکيا. هن عبرت مئگزين ۽ عبرت اخبار ۾ سياسي تجزيا به لکيا ۽ رزانه سنڌو اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم به ڪيو. هن وقت هو سيوهڻ ڪاليج ۾ ليڪچرار هو ۽ مستقل رهائش سن ۾ اختيار ڪئي هئائين. پاڻ شاهه حيدر سوسائٽي طرفان نڪرندڙ سالياني مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو ۽ ان جو ميمبر پڻ هو. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، اسٽيج ڊراما لکيا سندس لکيل اسٽيج ڊرامن کي سن، مانجهند، خانوٺ ۾ ڏسندڙ ماڻهن گهڻو پسند ڪيو . سندس لکيل ڊراما يونس سنائي جي هدايتڪاري ۾ ٿيا. هن ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي ۽ ٻين چئنلن لاءِ به ڊراما لکيا، جيڪي ڏسندڙن ۾ مقبول ويا.

الاهي بخش سومرو

الاهي بخش سومرو
قومي اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر ۽ سينئر سياستدان جو انٽرويو
انٽرويو؛ سارنگ منير سومرو
سوال: ابتدائي زندگي بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟
جواب: آءُ ۱۵ مئي ۱۹۲۶ تي سنڌ جي ارڏي سياستدان خانبهادر حاجي مولابخش سومرو جي گهر ۾پيدا ٿيس. شروعاتي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ سول ۾ انجنئرنگ ڪئي پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر آهيان سکر بئراج ۾ سول انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏنيون جنهن کانپوءِ لنڊن ۾ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر رهيس،  جڏهن سياست سڏ ڏنو ته وري سياست جا ٿي وياسين ۽ زندگيءَ جي آخري ساهه تائين سياست جا رهنداسين.
سوال: اوهان جو سياست ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو اتفاق هو يا ڪنهن پري پلان تحت سياست ۾ آيا؟
جواب: سياست ته پوري خاندان ۾ هئي پر منهنجو سياست ۾اچڻ هڪ اتفاق به هو. جڏهن ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڏني وئي هئي ته منهنجي والد مولابخش سومرو وزارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي هئي. ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن نئين ڪابينا جوڙي وئي ته منهنجي بابا کي چيو ويو ته اوهان وفاقي وزير لاءِ ڪنهن جو نالو ڏيو. ان کانپوءِ بابا مونکي فون ڪئي ته اوهان سياست ڪرڻ چاهيو ٿا ته ٻڌايو مان اوهان جو وفاقي وزير لاءِ نالو ڏيان جنهن تي مون بابا کي چيو بابا جيڪا اوهان جي مرضي انهيءَ کانپوءِ بابا منهنجو نالو ڏنو ۽ مان سياست جي شروعات ڪئي ۱۴جنوري ۱۹۷۸ تي پهريون ڀيرو وفاقي وزير طور حلف کنيو.

10 August, 2019

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

عشق کان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار تائين



جڏهن به جديد سنڌ جي تاريخ لکبي ته ماجد ڀرڳڙي جي بيان کان سواءِ اها اڻ پوري ليکبي. ڇو ته جديد دنيا ۽ جديد سنڌ “ڪمپيوٽر ايج” جي دور جي دنيا کي سڏجي ٿو. ماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻوليکي ڪيئن ڪمپيوٽر تي آندو، ان لاءِ هن جو محرڪ ڪهڙو هو؟ هن کي ڪهڙا ڪهڙا مسئلا درپيش آيا ۽ انهن کي ڪيئن حل ڪيو. هڪ جاگيردار ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هي شخص سي ايس ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ به وڏيرو ڇو ڪونه ٿيو، ڪرپٽ بيورو ڪريٽ ڇو نه بڻيو؟ ۽ هن سنڌ جي ٻولي جي خدمت ۾ ئي پنهنجي خوشي محسوس ڪئي ۽ سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻڻ لاءِ هن سنڌي قوم جي نوجوانن خاطر نوان درکولڻ لاءِ ڇو پنهنجي ماضي ۽ مستقبل کي داءُ تي لڳايو؟ اهڙا کوڙ سارا سوال کڻي هن همراهه سان ملڻ جو سوچيو پر پوءِ خبر پئي ته ماجد آمريڪا شفٽ ٿي چڪو آهي. ٽن يا چئن سالن کان پوءِ سنڌ ايندو آهي. هن سان فيس بوڪ تي رابطو ٿيو ۽ واعدو ڪيائين ته جيئن هو سنڌ ايندو تيئن ملاقات ڪندو. ۱۳ ڊسمبر ۲۰۱۱ تي سندس ڀيڻ جي گهر ڪراچي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ ملاقات ٿي ۽ ان طويل ملاقات ۾ هن جو پروفائيل مڪمل ڪيو، جيڪو سموري سنڌ واسين لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو.

لياقت علي ديدڙ - علي ڏنو جروار


لياقت علي ديدڙ
سندس وڇوڙي تي
علي ڏنو جروار
گذريل ڏينهن سنڌ واسين خاص طور تي پرائمري استادن کان سندن محبوب اڳواڻ لياقت علي ديدڙ به وڇڙي ويو، کيس دل جو دورو پيو جيڪو حقيقي راهه ڏانهن وٺي ويو. هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترائي پرائمري استاد هئا ۽ آهن پر انهن مان ڪي شخصيتون اهڙيون به آهن جيڪي پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت ۽ سگهه رکن ٿيون. لياقت علي ديدڙ به انهن مان هو. هو پرائمري استادن جي تنظيم آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو ڳچ عرصي تائين ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر رهيو، تنهن کانسواءِ ٻه دفعا رفيق جروار سان گڏ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. لياقت ديدڙ سنڌ جي پرائمري استادن جي حقن لاءِ هر وقت جدوجهد ۽ لانگ مارچ ۾ مصروف رهندو هو. ڪيترائي دفعا کيس تڪليفن ۽ صعوبتن کي به منهن ڏيڻو پيو. هو انتهائي بهادر ۽ داناءُ ليڊر هو، جنهن ڪري لاڙڪاڻي جا استاد کيس شيرِ استاد جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ هن پنهنجي عملي ڪردار توڙي جدوجهد مان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو واقعي اڻ موٽ ۽ ارڏو انسان هو. ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت واري دور ۾ سنڌ جي استادن جڏهن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ته ان وقت ڪراچي جي سموري پوليس سنڌ جي هٿين خالي استادن تي ڪڙڪي پئي، جنهن ۾ لاٺي چارج، ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو. ان احتجاج ۾ لياقت ديدڙ ۲۲ استاد اڳواڻن سميت گرفتار ٿيو ۽ آرٽلري پوليس اسٽيشن ۾ قيد رهيو.

مظهر سلطان بخاري - منظور ڪوھيار


مظهر سلطان بخاري
گوهرِ شب چراغ
منظور ڪوھيار
استاد خالد سان فيس بوڪ تي مزاج پرسي ڪندي، لاڙڪاڻي جي ’ابو الاسد حڪيم سيد محمد مظهر سلطان بخاري قادري‘ جو به وچتي ذڪر اچي ويو. سوچيم، ته لاڙڪاڻي جي ان ’گوهرِ شب چراغ‘ تي به ڪجھ لکي ڇڏجي، الائي ڇا حياتي.....متان ڪو اها ميار ڏي ته ايڪويهين صديءَ جي هلندڙ سياه رات ۾ سڀ لاڙڪاڻوي شب ڪُوري جي مرض ۾ مبتلا هيا. جو کين وقت جا ناياب گوهر نظر ئي نه آيا.

08 August, 2019

نثار کوکر

نثار کوکر
قلم قبيلي جو چي گويرا
چي گويرا جو هي قول “پنهنجي پيرن تي بيهي، سينو تاڻي مرڻ، گوڏن ڀر جيئڻ کان گهڻو مرتبي وارو آهي.” اسان جي دوست نثار کوکر جي زندگي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو جيڪو سموري عمر ان چوڻيءَ جي زندهه شڪل بڻجي جيئندو ۽ جي ڏيکاريندو رهيو آهي ته “دنيا ۾ جتي به ڪنهن سان ناانصافي ۽ ظلم ٿئي ٿو، ان جي پيڙا ۽ پچار، منهنجي دل تائين پهچندي آهي”. پانڌين پيڙائن جون اهي آهون داهون نه رڳو ٻڌندو ۽ محسوس ڪندو آهي پر ورنائيندي ۽ دردن جو درمان ڪندي پڻ نظر ايندو آهي. امير مينائي جي شعر ”خنجر چلے کسی پہ تڑپتے ہیں ہم امیر، سارے جہاں کا درد ہمارے جگر میں ہے“، جي عملي شڪل جهڙو هي گودڙيو فقير پر ممتاز سخن ور نثار کوکر بيشمار خوبين جو مالڪ آهي.

همير خان گاد


همير خان گاد
سندس جنم ڏينهن..
لطيف گاد
همير خان گاد منهنجو سوٽ هجڻ سان گڏوگڏ ننڍپڻ جو دوست به آهي. همير گاد سنڌ جي ناليواري شاعر، آرٽسٽ، ڪهاڻيڪار، هدايتڪار، اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ڇا تو کي ننڊ به ايندي آ جهڙو ڪلام لکندڙ ۽ سنڌ اندر هر فن مولا جي سڃاڻپ رکندڙ ايوب گاد جو وڏو پٽ آهي.

07 August, 2019

تيج قابل عرف تيجومل موٽومل ڀاڳچنداڻي - شوڪت شورو


تيج قابل عرف تيجومل موٽومل ڀاڳچنداڻي
انڊيا ۾ سنڌي ٻولي جو هڪ ٻيو رکوال تيج قابل پڻ پرلوڪ پڌاري ويو.
شوڪت شورو
تيج قابل جو اصل نالو تيجومل موٽومل ڀاڳچنداڻي هو. هن جو جنم دادو سنڌ ۾ ۱۵ آگسٽ ۱۹۳۲ ۾ ٿيو. هن بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي هسٽري ۾ ڪئي. تيج پهرين ڪنڊلا پورٽ ۾ نوڪري ڪئي. هو هڪ ٽرينڊ ٽيچر هو، ان ڪري بعد ۾ اسڪول ٽيچر ٿيو ۽ گجرات جي هڪ اسڪول جي پرنسپل جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين.

قاضي محمد اعظم - غلام حسين خاصخيلي


قاضي محمد اعظم
املهه ماڻڪ شخصيت
غلام حسين خاصخيلي
حيدرآباد سنڌ جو اهو تاريخي شهر آهي جنهن کي تاريخ ۾ اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته هن شهر ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پيدا ٿيون، جن پنهنجو نالو سڄي ملڪ توڙي دنيا ۾ مڃرايو. اهڙين املهه ماڻڪ شخصيتن ۾ قاضي محمد اعظم جو نالو به هڪ آهي. قاضي محمد اعظم قاضي خاندان سان واسطو رکندڙ اهم شخصيت آهي. قاضي محمد اعظم روزاني عبرت جي سرواڻ قاضي عبدالمجيد عابد جو ڀاءُ هو. قاضي محمد اعظم وڪالت جي ميدان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، پاڻ وڪالت جي ميدان ۾ خدمت ڪندي هر غريب ماڻهوءَ جي سار لهندو هو. قاضي محمد اعظم پهرين جنوري ۱۹۲۹ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي شروعات ڪندي هر ان ڪيس جي پيروي ڪيائين، جنهن ۾ غريبن کي مدد گهربل هوندي هُئي ۽ ساڻن ظلم ٿيندو هو. انهن ڪيسن کي ڀرپور نموني سان عدالتن ۾ دليلن سان غريبن کي انصاف ڏياريائين.

سيما عباسي صاحبه - استاد لغاري


سيما عباسي صاحبه
استاد لغاري
محترمه سيما عباسي صاحبه جو جنم، ۱۸ اپريل ۱۹۷۳ع تي، لعل محمد عباسي صاحب جي گھر، لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. تعليمي مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ، جڏهن عملي ۽ شعوري زندگيءَ جي شروعات ڪري ٿي، ته پنهنجي آس پاس انيڪ انيائن، اهنجن، پيڙائن، مظلوميت ۽ ٻين مسئلن جو مهاساگر موجون ماريندو ڏسي ٿي. انساني اُمنگن ۽ آدرشن جو سرِ عام قتلِ عام ٿيندو ڏسي، انهن جي خلاف پنهنجي مقدس قلم کي جنبش ۾ آڻي ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو هن پنهنجن جذبن ۽ ڪيفيتن کي، ڪوري ڪاغذ تي اُتارڻ جي لاءِ، سڀ کان پهريان شاعريءَ جو سهارو ورتو. آئون هن وقت ڪيترا ئي رسالا، ڪتاب ۽ اخبارون اٿلائي ڏسان ٿو، ته انهن ۾ محترمه سيما عباسي صاحبه جون تحريرون مون کي ڀليڪار ڪن ٿيون. خاص ڪري سندس شاعريءَ جو ڪتاب “لفظن ڀوڳيو آ بنواس” جي مطالعي کان پوءِ، اها ڀليءَ ڀت پروڙ پوي ٿي، ته “آدمي هر دم دُکي آهي سڄڻ!”.