صلاح الدين تنيو
سنڌي ڊرامن جو بهترين
اداڪار
ڪمپوزنگ؛ محمد
سليمان وساڻ
نامياري اداڪار
صلاح الدين جو پورو نالو صلاح الدين ولد محمد ابراهيم تنيو آهي. هن ۲۸ فيبروري ۱۹۴۹ع تي ڳوٺ حاجي ڌڻي بخش تنيي تعلقي قمبر ۾
جنم ورتو. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان ۱۹۶۵ع ۾ ڪيائين. جڏهن ته بي. ايس. سي (آنرس) ۱۹۶۷ع ۾ ۽ ايم. ايس. سي سنڌ يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ
آف ڪيمسٽريءَ مان پاس ڪيائين. سڀ کان اول ملازمت جو آغاز سال ۱۹۷۳ع ۾ لوڪل گورنمينٽ کاتي حيدرآباد کان ڪيائين،
جتي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ اسسٽنٽ ٽيڪسيشن آفيسر ٿي ڪم ڪيائين. ست سال نوڪري
ڪرڻ بعد ۱۹۷۹ع ۾ ليڪچرر طور علامه اقبال ڪاليج ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيو. بعد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن
پاس ڪري ۱۹۸۱ع صحت کاتي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر مقرر ٿيو، کيس سال ۱۹۹۱ع ۾ ترقي ملي ۽ بحيثيت ڊويزنل ڊرگ انسپيڪٽر
لاڙڪاڻو ۱۹۹۴ع تائين ڪم ڪيائين. ۱۹۹۴ع ۾ سندس بدلي ڪراچيءَ ٿي، ترقي ڪندي ڊويزنل ڊرگ انسپيڪٽر
۽ پوءِ چيف ڊرگ انسپيڪٽر ٿي سال ۲۰۰۹ع ۾ رٽائر ڪيائين.
