; سنڌي شخصيتون

18 July, 2019

ميان غوث بخش چانگ - دلبر بروهي


ميان غوث بخش چانگ
کاهوڙي ڪردار جو وڇوڙو!
دلبر بروهي
ڏاهن جو چوڻ آهي ته ”ڀلو انسان ڪڏهن به نٿو مري، سندس ڪردار کي هميشه تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.“ هونئن ته سنڌ ۾ انيڪ ڪردار ٿي گذريا آهن پر هڪ لازوال ڪردار جيڪو ميان غوث بخش چانگ جي نالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، جنهن سڄي ڄمار ڌرتي ۽ بي پهچ ماڻهن جي ناءُ ڪئي، سندس جدوجهد ذريعي پنهنجي الڳ ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن، ڪاوشن ۽ جدوجهد ۾ سڄي زندگي گذاري، ميان غوث بخش چانگ ضلعي نوشهروفيروز جي شهر هالاڻي لڳ ننڍي ڳوٺ سوڀو خان چانگ ۾ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو، سوڀو خان چانگ جا چار پٽ هئا جنهن ۾ حمزو، محمد حسين، مير محمد ۽ محمد جمن شامل آهن، ميان غوث بخش ۽ محمد قاسم بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، ميان غوث بخش ۽ محمد قاسم جو پيءَ حمزو خان اُٺن ذريعي پنهنجي محنت مزدوري ڪري ڪٽنب جو پيٽ پاليندو هو، ننڍي هوندي کان ئي ٻئي ڀائر ميان غوث بخش ۽ محمد قاسم پنهنجي چاچي محمد حسين چانگ جي اٽي جي چڪي ۾ محنت مزدوري پڻ ڪئي جيڪي پنهنجي والد جا ٻانهن ٻيلي رهيا، اها ڳالهه ميان غوث بخش اڪثر ڪچهرين ۾ وڏي فخر سان چوندو هو ته آئون غربت ۽ جهالت سان جنگ جوٽي هن مقام تي پهتو آهيان پر ان وقت بني بشر کي خبر نه هئي ته سوڀو خان جا ٻئي پوٽا هڪ ميان غوث بخش ۽ ٻيو محمد قاسم چانگ وقت سان گڏوگڏ اڳتي هلي پنهنجي ڪردار ۾ پنهنجي قبيلي ۽ برادري جو نالو روشن ڪندا. غوث بخش چانگ جي اوچتي وڇوڙي کانپوءِ علائقي جي ماڻهن جون نظرون سندن ننڍي ڀاءُ محمد قاسم چانگ سندن ڀائٽيي امداد چانگ ۽ منصور ڏانهن آهن، ماڻهن کي يقين آهي ته محمد قاسم چانگ، امداد چانگ ۽ سندس پٽ منصور اسان کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندا، هو به ميان وانگر پنهنجي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندا، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ڀوتارن پاران علائقي کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ توڙي ترقياتي ڪم نه ٿيڻ تي ميان غوث بخش مجبورن پنهنجي سرڪاري نوڪري اڌ ۾ ڇڏي رٽائرمنٽ وٺي سياست ۾ حصو ورتو، ميان غوث بخش پنهنجي وس آهر پنهنجي علائقي ۾ ترقياتي ڪمن روڊ، پيئڻ جي پاڻي سميت ڪيترائي ڪم ڪرايا، هن جي ڪم ڪرائڻ تي تڪ جا سياسي ڀوتار ۽ تر جا وڏيرا مخالف ٿي ويا، هنن مختلف طريقن سان سندس رستا روڪ ڪئي، مڪاني چونڊن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان ڪامياب ٿيڻ تي ويتر ڀوتار ناراض ٿيا، هن چونڊن ۾ ميان غوث بخش پاران بيهاريل پينل جي کٽڻ تي ويتر مخالفت تيز ٿي وئي، ان بعد تازو عام چونڊن جو اعلان ٿيو ته ميان غوث بخش صوبائي تڪ تي بيهڻ جو اعلان ڪيو چونڊن ۾ هن ۱۵ هزار کان مٿي ووٽ کڻي سياسي ڀوتارن کي هڪڙي قسم جو پيغام ڏنو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي تڪ ۾ عوام جي ڀلي لاءِ ترقياتي ڪم نه ڪرائيندو ته اوهان جو اڳتي کٽڻ به مشڪل ٿيندو.

ماھين ھيسباڻي - انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي


ماھين ھيسباڻي
ڪل جڳ جي شاعره
انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي
سنڌ ڇھ ھزار سالن کان وٺي ڪري ڌرتي جي وايو منڊل تي سندر سڀيتا جو اھڃاڻ رھي آهي. سنڌ ازلي خوبصورتي سان پنهنجي خاموش مرڪ سان پنهنجي محور ۾ رقص ڪندي نظر ايندي اٿم جتان جو ھر شخص پنهنجي ڪَلجُڳ جو مَھراجا ھجي ٿو. ھر شخص پنهنجي عشق جي پڙلاءُ جا سَڏ سُرڪي ٿو. اندر جي سونهن سان ٽمٽار وجودَ ماحول ۾ امن جو سنديسو ارپين ٿا. اھي امن جا اولڙا روشن مستقبل جي نويد آڻين ٿا، جتي ماڻھون، ماڻھون رند ۽ شاعراڻن خيالن سان سونهن جي سرھاڻ کي پنهنجي سِراٽي رکي ڪري پر سڪون ھُڳاءُ سان مسرور رھن ٿا. اھا مسروريت جي ڪيفيت شاعر جي سڃاڻپ ڪرائن ٿا جيڪي پنهنجي محنتن سان ۽ جفاڪشن سان سنڌ جي سونهن کي مان بخشن ٿا.

17 July, 2019

شهيد احمد خان آصف مصراڻي - آزاد انور ڪانڌڙو


سندس ٻارن لاء شاعري
آزاد انور ڪانڌڙو
احمد خان آصف مصراني
شهيد احمد خان آصف ٻارن لاءِ نه صرف گيت ۽ ٻاراڻا ٻول لکيا پر هن عملي طور تي ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب به لکيا. جن ۾ ٻاراڻا ٻول ۶ جلد وڏي مقبوليت رکي ٿو. شهيد احمد خان آصف جو شمار پنهنجي دؤر جي مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هو نه صرف ناميارو شاعر پر پاڻ ناميارو اديب ۽ محقق به هو. تحقيق جي حوالي سان سندس ڪم مثالي حيثيت رکي ٿو. شهيد احمد خان آصف ۸ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ مٺو ٻٻر ۾ محمد اسماعيل مصراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پاس احمد خان آصف استاد هو. ۱۹۳۷ع کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ احمد خان آصف جا حافظ محمد احسن چنا ۽ مرحوم جمع خان غريب شاعريءَ ۾ استاد هئا، جڏهن ته مضمون، مقالا حاجي محمود خادم جي اثر هيٺ لکيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ارمغان آصف، گلزار چنبيلي، همايون نامه، سيرت زيب النساءِ، سيرت حضرت بلاول، سيرت خواجه اويس قرني، شڪست حال شهزاديون، روميءَ جون رهاڻيون، قصص الانبياءِ، املهه ماڻڪ، جاگرافي دادو ضلعو، جاگرافي خيرپورناٿن شاهه تعلقو، ٻاراڻا ٻول (۶ جلد)، نعتن جو نذرانو ۽ ٻيا ڇپيل آهن. جڏهن ته اڻ ڇپيلن ۾ ڪليات آصف، ڪانگل نامو، ادب رهاڻ، خانخانان جون خوبيون، تزڪ بابري، زرين اقوال، ميرل ڏانهن محبت نامه،مضامين واشعار ۽ ٻيا اڻ ڇپيل آهن.

ڊاڪٽر امان الله سومرو - لياقت راڄپر


ڊاڪٽر امان الله سومرو
لياقت راڄپر
لاڙڪاڻي ۾ هڪ سومرو فيملي جيڪا ملتان کان لڏي اچي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آباد ٿي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم فيمليز ۾ شامل ٿي وئي، جنهن جي علم، ادب، اخلاق، نفاست ۽ قرب جي ڪري لاڙڪاڻي اندر ڀٽو فيملي سان اهم دوستي ٿي وئي. هن فيمليءَ جو اهم فرد غلام حيدر روينيو کاتي ۾ تپيدار هو پر جيئن ئي هن محسوس ڪيو ته کاتي ۾ ڪم ڪرڻ هن لاءِ مشڪل آهي ته هن اتان استعيفيٰ ڏئي ننڍو ڪاروبار شروع ڪيو. پهريائين ته هيءُ خاندان ڳوٺ ٽاٽري، تعلقو ڏوڪري ۾ رهيا ۽ پوءِ لاڙڪاڻي شهر ڏانهن اچي آباد ٿيا.

16 July, 2019

برڪت علي آزاد

برڪت علي آزاد
سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي خدمتون
تهذيب الاسلام رضوي
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
مؤلف پاران
جناب برڪت علي آزاد صاحب سنڌ جي نامور صحافين ۾ شمار ٿين ٿا. ۱۹۳۷ع کان صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪيائون. پنھنجي ساري زندگي صحافتي مشن کي جاري رکڻ ۾ ڳاري ڇڏيائون. آخر تائين سندن اهو ارادو هيو ته؛ هڪ اهڙي اخبار جاري ڪجي، جنھن ذريعي هر طبقي جي فڪرمند ماڻھن جي رهنمائي ڪري سگهجي.
مون هن مقالي لکڻ ۾ کين وقتاً فوقتاً زحمت ڏني ۽ کانئن مفيد مشورا پڻ ورتا، جن لاءِ مان دليون جانيون سندن ٿورائتو آهيان. ان کان علاوه پراڻين اخبارن ۽ ڪيترن ڪتابن مان، گنجائش آهر استفادو پڻ حاصل ڪيو اٿم.
هيٺ آزاد صاحب جي زندگيءَ کي ننڍڙن موضوعن ۾ ورڇيندي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪجي ٿي ته جيئن گهڻن لاءِ راهِ عمل پيدا ٿي سگهي.

13 July, 2019

مشڪور ڦلڪارو


مشڪور ڦلڪارو
هڪ آدرشي انسان
استاد لغاري


محمد بخش (مشڪور ڦلڪارو) ولد شير محمد خان جو جنم ۰۳ اپريل ۱۹۵۵ع تي، ڳوٺ صوفي آباد، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ جو امتحان سال ۱۹۷۲ع ۾، گورنمنٽ هاءِ اسڪول رپ شريف ۾ ڏيئي ڪاميابي ماڻيائين. هي سنڌ جو عظيم اسڪالر، محقق ۽ آدرشي انسان، هن وقت ٽنڊي محمد خان جي شهر ۾ رهائش پذير آهي. هن جو والد صاحب بنيادي طور هڪ مسڪين هر هاريءَ هيو. جنهن جي ڪري مشڪور صاحب پنهنجي مدد پاڻ تحت، ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسي، همت ڪري، ايم اي، ايل ايل بي تائين پڙهي ويو. نوڪريءَ جي تلاش ڪندي، سڀ کان پهريان خانداني منصوبه بندي کاتي ۾ فيلڊ موٽيويٽر مقرر ٿيو. ان بعد هڪ انٽرويو ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، پرائمري استاد طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. ايئن هو مختلف عهدن ۽ نوڪرين تي رهندي، عمر جا ۶۰ سال پورا ٿيڻ بعد، ۰۳ اپريل ۲۰۱۵ع تي باقاعده سرڪاري سروس تان ريٽائر ٿيو. سروس دوران پنهنجي پڙهائي به جاري رکندو آيو ۽ علمي ۽ ادبي کيتر ۾ شاعر، محقق ۽ بهترين اسٽيج ڪمپيئر طور به پنهنجي پاڻ کي مڃايائين. شاھ جي رسالي ۽ شيخ اياز جي مزاحمتي شاعريءَ کي، پنهنجي پسنديده موضوعن ۾ شامل ڪيائين. اسٽيج تي اچي چوندو هيو “باغي آهيان، باغي آهيان، تنهنجو آئون سماج! تو سان وڙهندي رهندي منهنجي هر هڪ رت ڦڙي”. ته پنڊال ۾ ويٺل هزارين ماڻهو، تاڙين جي گونجار ۾، کيس ڀرپور داد ڏيندا هئا.

11 July, 2019

حسن مجتبي - مختيار شاھنوازاڻي


حسن مجتبي
جرنلزم، ادب ۽ شاعري جو روشن چراغ
مختيار شاھنوازاڻي
ھن جي لکڻ جا رنگ رتول نرالا آھن، ھن جي جرنلزم جا وسيع دائرا ھجن ٿا. ھو ھڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ اھو تخليقڪار آھي، جنھن جون تحريرون ۽ تجزيا ھلچل مچائي ڇڏين ٿا. ھن دور جو سگھارو آواز آھي. حسن مجتبي ۾ گھڻ رخيون صلاحتيون آھن، آدرشي اديب، برجستو صحافي ۽ اھو مورخ شاعر آھي جنھن جي شاعري ۾ تاريخ گفتگو ڪندي آھي. جنھن ۾ رُڪ (اسٽيشن) جي رڙ آھي ته پنڪي جي پڪار به ۽ دارا جو سپنو به. ھن جي نثر ۽ نظم جو ڊڪشن الڳ آھي. حسن مجتبي جا ڪالم ابتدا کان اختتام تائين معني خيز ھوندا آھن. ھن جي اسٽوري جي اڻت ياترا جيان دل ۽ دماغ ۾ ڦرندي رھندي آھي. حسن مجتبي جي تخيل ۾ سفرنامي جو آرٽ ھوندو آھي ھن جي لکڻ جي اسلوب ۾ اھڙيون خوبيون آھن جو پڙھندڙ مشاھدو ڪندو ھجي. ھن جي جرنلزم جي ڏيھان ڏيھ ھاڪ آھي ھن وقت نيويارڪ جي عالمي اشاعت پيپرن ۾ لکي ٿو ۽ ھُن جي تحريرن جو ايڏو اميج آھي، جو سنڌ جون اڪثر اخبارون ھن جي آرٽيڪل ۽ اسٽوري جون مشتاق ھونديون آھن.

غلام حيدر گجو - مختيار شاھنوازاڻي


غلام حيدر گجو
حسن ۽ سونھن جو ثناگر شاعر
مختيار شاھنوازاڻي
ساھتي پرڳڻو سنڌي ادب جو اثاثو آھي. جتي شاعري جا ڳاڙھا گلاب خوشبو ڦھلائن ٿا گيتن، غزل جي گونجار ساھتي جي سراپا سونھن آھي. ڇو ته ھتي نارائڻ شيام جي شاعري سرجي. ھتي نصير سائين به نوشھري ۾ آھي، جنھن جي ڪلاسيڪل شاعري؛ ”رمزن ساڻ غلام ڪيو ٿي يار اسان کي سڄڻ اسان کي“ جو گيان ملي ٿو. ھتي مسرور پنائيءَ جا گيت به آھن. ھتي نوان جتوئي جو نماڻو سنڌي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، گدا خاصخيلي جا نظم تاريخ جي چيخ آھن. ھتي راشد سائينءَ جي چشمن سان چائڻ جھڙي سندر شاعري به آھي، جنھن ۾ مجازي مام ۽ صبح ٿيڻ جا سونھري سپنا آھن. ساھتي، ادب ۽ ڏاھپ جو اھڙو گلدستو آھي، جتي ايترا بيشمار گل آھن جنھن ۾ پنھجي پنھنجي ھٻڪار ھجي ٿي. حشو ڪيولراماڻي کان وٺي دادا ڪيرت ٻاٻاڻي تائين، وفا جا پيڪر پيدا ٿيا، جن جوت جون مشعلون ٻاري ڇڏيون. ساھتي، ادب ۽ دانش جو سرموڙ پرڳڻو آھي.

جمن ڊي بلوچ - مٺل جسڪاڻي


جمن ڊي بلوچ
رھي جمن ڪٿي به محبت ناھي
مٺل جسڪاڻي
شاعري ۾ رڌم يا لئي يعني موسيقيت جي لاءِ بحر ۽ وزن جي اهميت کان انڪار ڪونهي. شاعري ۾ جمالياتي حُسن به تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي. شاعر جو جيترو مطالعو ۽ مشاهدو هوندو، کيس جيتري فني ڄاڻ هوندي، سندس شاعري جي اڏام به ان نسبت سان ئي بيهندي.

06 July, 2019

آغا نور محمد پٺاڻ - استاد لغاري


آغا نور محمد پٺاڻ
علم و ادب جو عاشق
استاد لغاري
آغا نور محمد ولد آغا دوست محمد پٺاڻ، ۱۵ اپريل ۱۹۵۵ع تي، شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم جي سلسلي ۾، اسلامي ڪلچر ۽ اقتصاديات ۾ ڊبل ايم اي ڪيل اٿس. پاڻ علم و ادب ۾ ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ترجمه نگار جي حيثيت ۾ وڏو مقام رکن ٿا. هن وقت تائين جيڪي ڪتاب لکيا اٿس، انهن ۾، “پنجاھ چونڊ افسانا”، “سنڌ جا سماجي ۽ اقتصادي مسئلا”، “پاڪستان جا صوفي شاعر”، “سنڌي ڇپيل ڪتابن جو پنج سالا جائزو”، “ڇپيل ادبي رسالن تي تبصرو”، “سنڌي لوڪ ادب”، “ٺٽي ضلعي جا چونڊ شاعر” وغيره شامل آهن.

02 July, 2019

علي نواز ميمڻ - لياقت راڄپر


علي نواز ميمڻ
آمريڪا ڪيئن پهتو؟ - تاريخ جو سفر
لياقت راڄپر
Image result for Ali Nawaz Memon
علي نواز ميمڻ سنڌ جي مشهور شخصيت عبدالفتاح ميمڻ جو فرزند آهي، جنهن ننڍپڻ کان جدوجهد ڪئي ۽ بين الاقوامي سطح تي نالو ڪمايو. هن هائير ايجوڪيشن آمريڪا مان حاصل ڪئي ۽ مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ ورلڊ بينڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ، يو اين او ۾ ڪم ڪيو ۽ پاڪستان ۾ نيپرا جي چيئرمين طور به ڪم ڪيو. هن وقت هو پنهنجي فيملي سوڌو آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتي سانا جهڙي تنظيم ۾ سرگرم رهي ڪري، ڪم ڪيو اٿس ۽ انهي کان علاوه ٻين سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪي سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ غريب شاگردن ۽ ماڻهن جي مدد ڪن پيون.

سيد الهندو شاهه


سيد الهندو شاهه
سج اُلٿي سيئن
شعبان وسطڙو
سنڌ صدين کان وٺي سکي ستابي رهي آهي پر جڏهن به ڪو ڪوسو واءُ سنڌ تي گهليو به آهي تڏهن به ڪو نه ڪو سرواڻ ۽ مانجهي مڙس سامهون نروار ٿي انهي مشڪل کي آسان نڀايو ۽ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪرايو آهي، اهڙو هڪ مڙس مٿير جڏهن تعليمي حوالي سان سنڌ اونداهي ڄار ۾ ڌڪليجي وڃي رهي هئي، تڏهن هڪ اهڙو غازي جنهن سموري سنڌ مان جهالت ختم ڪرڻ جو وچن ڪيو ۽ ساهتي پرڳڻي کان شروعات ڪئي ۽ اهڙو ته ڪارنامو سرانجام ڪري ڏيکاريو جنهن ساهتي پرڳڻي کي تعليمي روشني سان منور ڪري جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪردار نڀائيندڙ هو خان بهادر الهندو شاهه هو، جيڪو اهڙو ته تاريخي ڪم ڪري ويو، جنهن هزارين خاندانن جون زندگيون جياري پاڻ امر ڪردار بنجي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ جياري ويو.

منظور سخيراڻي - وزير فرهاد سولنگي


منظور سخيراڻي
سنڌ جو اربيلو راڳي - ۶۰ هين سالگرهه
وزير فرهاد سولنگي
Image result for ‫استاد منظور سخيراڻي‬‎
سنڌي موسيقيءَ ۾ اهم جڳهه والاريندڙ منظور سخيراڻي، جنهن هڪ الڳ جڳهه جوڙي، سندس مڌر آواز ۽ گائيڪيءَ جو انداز نرالو آهي. سندس ڳايل گيت  معيار جي لحاظ کان متوازن شاعريءَ سان ڀرپور هوندا آهن. پاڻ نفيس احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعريءَ جي سليڪشن ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ڳايل شاعري اڪثر ڪري استاد بخاري، عبدالغفار تبسم، علي گل سانگي جي هوندي آهي. ان کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ٻين شاعرن جي شاعري به ڳائي اٿس. ان کان علاوه هن ڀٽائي سرڪار، سچل سائين ۽ ٻين صوفي شاعرن کي به ڳايو. پر ساڻس عوامي پهچ مطابق اڪثر ڪري نيم ڪلاسيڪل گائيڪي جي انداز کي ججهي انداز ۾ ڳايو اٿس. جنهن ڪري سندس آواز سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پسند ڪيو وڃي ٿو.