; سنڌي شخصيتون

20 May, 2016

سيد امداد محمد شاھ

سيد امداد محمد شاھ

سنڌ جو بي داغ سياستدان ۽ مخلص سماج سڌارڪ

سهيل ميمڻ



وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل سماج سڌارڪ، سياستدان، سائين جي ايم سيد جي ننڍي فرزند، سياست ۾ شرافت ۽ ايمانداريءَ جي روايت برقرار رکندڙ ۽ سنڌي روايتن جي بهادر سپاهي، سائين امداد محمد شاهه جي اڄ نائين ورسي آهي. ۳۰ ڊسمبر ۱۹۳۵ع تي سن ۾ جنم وٺندڙ سيد امداد محمد شاهه پنهنجي پرائمري تعليم سن ۾ ۽ پوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ مشنري اسڪول ۾ ورتي، انٽر ميڊيئٽ ۽ سائنس ۾ گريجويشن پڻ ڪراچيءَ جي مشهور ڊي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اسلاميه ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. سائين امداد محمد شاهه اصولن جو ايترو ته پڪو هو پنهنجي اولاد جي به نه ٻڌندو هو. ٺيٺ سنڌي لهجي ۾ گفتگو ڪندو هو، انگريزيءَ تي عبور حاصل هئس، سادو کائيندو هو ۽ سادو پائيندو هو، وڏي گاڏي رکي وڏيرن وانگر ڳوٺ وارن تي داٻي بجاءِ عام ڪار ۾ سفر ڪندو هو، روڊ جو سفر سائين امداد شاهه ايترو ڪيو جو جيڪڏهن چئجي ته سندس اڌ زندگي روڊ تي سفر ۾ گذري ته به غلط نه ٿيندو. هو چوندو هو، پرڻو ڀلي ڪنهن جو نه کائي سگهجي ته خير آهي پر مرڻي تي اڳ يا پوءِ ضرور پهچجي. اهوئي سبب هو جو سائين امداد محمد شاهه جي ڪارجي ڊگيءَ ۾ اجرڪون هميشه پيل هونديون هيون. سائين امداد محمد شاهه وٽ، سائين جي ايم سيد جيان شام جو کل، ڀوڳ جي محفل نه  لڳي اهو ممڪن  نه هو. قانون جو ايترو احترام ڪندو هو جو، پنهنجي ڪار جي ريڊيو جو لائسنس به ٺهرائيندو هو. ڏوهارين لاءِ پويون ڏينهن هو، سندس چوڻ هو ته جي ڪو ڏوهاري درياهه ۾ ٻڏندو هجي ۽ توهان کي بچائڻ لاءِ هٿ ڏئي ته، ان کي هٿ کان وٺي درياهه مان ڪڍڻ بجاءِ، اڃا به ڌڪو ڏئي ڇڏجي.

فيض احمد فيض - ارشاد ڪاغذي

فيض احمد فيض
انقلاب ۽ آزادي جو شاعر
ارشاد ڪاغذي
فيض احمد فيض (جنم: 13 فيبروري 1911ع وفات: 20 نومبر 1984ع) جي جنم ڏينهن جي موقعي جي مناسبت سان عبرت جي پڙهندڙن جي خدمت ۾ اردو جي هن عظيم شاعر کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. فيض احمد فيض اردو جو صاحب طرز شاعر هو. هو انقلاب ۽ آزادي، مساوات، مارڪسي، فلسفي ۽ مرزا غالب ۽ علامه اقبال کان متاثر هو. فيض اديب ۽ مشهور صحافي پڻ هو. فيض احمد فيض اردو شاعريءَ جي اُفق جو جرڪندڙ ستارو آهي. هن جي بلند خيالي جو مقام ديسان ديس مشهور آهي ۽ هن جي فني عظمت جو قائل هر فرد آهي. فيض احمد فيض جي شاعري کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان انقلاب جو جوش، جذبو ۽ جنون جسم ۾ سرايت ڪري وڃي ٿو ۽ ماڻهو انقلاب جي احساس سان سلهاڙجي پئي ٿو ۽ انقلابي مستي رڳ رڳ ۾ ڊوڙي بجلي جي ڪرنٽ جيان رت کي گرمائي ٿي ۽ تبديلي جي تڙپ ۽ لُڇَ پڇَ ۾ ڪيئي لنگھه لنگھي پار پئي ٿو. فيض احمد فيض پنهنجي شاعري جي وسيلي مظلوم، محڪوم ۽ پيڙهيل انسانن جي حق ۾ آواز بلند ڪيو ۽ انسان مٿان ٻي انسان جو جبر ۽ استحصال قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ نئين سماج لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. فيض جي ڪلام ۾ قومن جي آزادي ۽ ترقي جو پيغام ملي ٿو. فيض احمد فيض معاشي ۽ معاشرتي اڻ برابري، عدم مساوات ۽ ڏاڍ جي خلاف لکيو ۽ شخصي، جنسي ۽ انساني حقن جو علمبردار رهيو. انقلابي خيالن ۽ کاٻي ڌر جي نظرين جو حامي هجڻ ڪري ڪيئي صعوبتون برداشت ڪيون. هن نه فقط پنهنجي وقت ۾ ملڪي حالتن بلڪه عالمي حالتن کان متاثر ٿي خوب ۽ گھڻو لکيو ۽ بيشمار گيت رچيا ــ انقلاب چين، وچ اوڀر، افريقا جي صورتحال ۽ خاص طرح فلسطين جي حالتن تي شاعري ڪئي.

سردار قريشي - لياقت راڄپر

سردار قريشي
سنڌي ميڊيا جو جاکوڙي ڪردار
لياقت راڄپر
هڪ ڏينهن مان سردين جي شام ۾ پنهنجي ڀاءُ ذوالفقار راڄپر سان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملڻ لاءِ ويس، ذوالفقار انتظار ۾ لان ۾ ويٺو هو ته هڪ سنهي لچڪدار جسم واري ماڻهو اچي سلام ڪري خير و عافيت معلوم ڪئي، جنهن کي مون پهرين لمحي ۾ ڪونه سڃاتو پر پوءِ هن چيو ته هُو سردار قريشي آهي. مون Sorry ڪئي ته هن کي سڃاڻي نه سگهيس، ان لاءِ ته هڪ وڏي ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ هن سان ملاقات ٿي هئي، تڏهن هو جسم ۾ ڀريل هيو ۽ هن کي ڏاڙهي به نه هئي. ڪچهري دوران سردار ٻڌايو ته هن کي دل جو عارضو ٿي پيو هيو ۽ باءِ پاس ڪرائڻ کانپوءِ هن جي وزن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ڏاڙهي رکڻ جي ڪري هن کي پراڻا دوست هڪدم نٿا سڃاڻي سگهن. بهرحال سردار سان چانهه پيئڻ کانپوءِ جڏهن مان گهر ڏانهن روانو ٿيس ته سردار جي گذريل زندگي ۽ هن جون سنڌي صحافت لاءِ ڪيل خدمتون منهنجي ذهن ۾ ولوڙجي ٻاهر نڪرڻ لڳيون. پريس ڪلب کان امپريس مارڪيٽ جي پنڌ دوران ۽ ان کانپوءِ نيپا تائين ۽ ان کان بعد رڪشي ۾ چڙهي جوهر چورنگي تائين ڄڻ ته سردار جي زندگي جي ڪهاڻي واري فلم هلندي رهي. هن سفر دوران خاص ڳالهه اها آهي ته گاڏين ۽ رڪشائن جي گجگوڙ دار آواز ۽ ڪن ڦاڙ هارون منهنجي سوچ جي سفر ۽ فلم کي ڊسٽرب نه ڪري سگهيا. ان کان علاوه هي سلسلو گهر تائين پهچڻ تائين جاري رهيو ۽ رات جو بستري تي ليٽڻ تائين مس ختم ٿيو.

شهيد الله بخش سومرو


شهيد الله بخش سومرو
سنڌ جي سياست جو عظيم ڪردار
سارنگ منير سومرو
زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيندڙ شهيد الله بخش سومري پرائمري تعليم لاءِ ۱۹۰۶ ۾ ٺل شهر ۾ پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي جنهن کانپوءَ الله بخش سومرو ۱۹۱۱ ۾ شڪارپور جي هوپنل هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم لاءِ داخلا ورتي ۽ هن ۱۹۱۹ ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي هو ننڍي هوندي کان ئي هو شيار ۽ ذهين هو هن جو تعلق وچولي طبقي جي خاندان سان هو هن جو والد مستري محمد عمر هو جنهن کي انگريزن پاران خان صاحب جو اعزاز مليل هو هن جي والد الله بخش سومرو جي پرورش تمام شاندار نموني ڪئي. الله بخش سومرو ڪاليج جي دور ۾ ئي ڪاروبار ۽ ٺيڪيداريءَ پنهنجي والد سان هٿ ونڊائيندو رهيو ۽ هن جو لاڙو سياست ۾ به ٿيندو ويو، الله بخش سومرو ۱۹۲۳ ۾ سياست ۾ قدم رکيو ۽ هو جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو. ۱۹۲۶ع ۾ خانبهادر جان محمد پٺاڻ جهڙي سلطان ڪوٽ ۽ سکر ضلعي جي بااثر ۽ اهم زميندار جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو، هن جا ڀُٽي خاندان سان پنهنجي والد جي زماني کان سٺا لاڳاپا هئا، ان ڪري هن بمبئي ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀُٽي جو ساڄو هٿ ٿي ڪم ڪيو، جيڪو ان زماني ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو، ذهين ۽ باصلاحيت هئڻ ڪري، الهه بخش سومرو بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ دوران ڪائونسل سان واسطو رکندڙ سرڪاري ڪميٽين تي چونڊيو ويو. اهڙيءَ طرح هي ۱۹۲۶ع کان ۱۹۳۶ع تائين، جيسين سنڌ بمبئيءَ سان شامل هئي، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو، جڏهن جيڪب  آباد ۾ گهوڙن جي سالياني نمائش جي موقعي تي سنڌ جي لوڪل بورڊن جي صدرن ۽ چيف آفيسرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، ته هن لوڪل بورڊن جي تنظيم، اختيارن ۽ سڌارن بابت ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪرايا ۽ سنڌ جي لوڪل بورڊن جي ائسوسئيشن قائم ڪرايائين ان موقعي تي هن سنڌ جي مسلمان سياستدانن جي ڪانفرنس سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪوٺائي، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ ۽ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي ٺهرائن جي تائيد ۾ ٺهراءَ پاس ڪرايا. ۱۹۳۴ع ۾ جڏهن جي ايم سيد جي بنگلي (ڪراچي) ۾ ’پيپلز پارٽي‘ ٺاهي وئي ته اُن جو ليڊر شاهنواز ڀٽي کي ۽ ڊپٽي ليڊر الهه بخش سومري کي چونڊيو ويو. ۱۹۳۶ع ۾ ’اتحاد پارٽي‘ قائم ٿيڻ تي هيءُ اُن ۾ شامل ٿيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ بعد ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا ۲۴ ميمبر چونڊجي آيا، پر اُن جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر حاجي عبدالله هارون هارائي ويا، ان تي گورنر سر لئنسليٽ گرهام، سر غلام حسين کي وزارت لاءِ گهرايو، جنهن جي پارٽيءَ جا صرف ۵ ميمبر چونڊجي آيا هئا. هن مير گروپ کي وزارت ڏئي، اتحاد پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد حاصل ڪري وزارت ٺاهي. ميران محمد شاهه به اتحاد پارٽي ڇڏي وڃي.

جاويد مهر - صاحب خان ڀٽي

جاويد مهر
ڪتب خاني کي گهر سمجهندڙ شخصيت
صاحب خان ڀٽي
ڪتاب دنيا جو عظيم تحفو آهي، جنهن جي ڪري چيو ويندو آهي ته ڪتاب هڪ بهترين دوست آهي، ڪتاب لفظ اچارڻ يا ٻڌڻ سان من اندر احساس، فڪر، علم ۽ روحاني طاقت جو وجد طاري ٿئي وڃي ٿو. پر افسوس جو  سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي حڪومتي بي ڌياني سبب سنڌي نصابي ڪتابن کان محروم ٿيندو پيو وڃي، جس آهي انهن جاکوڙيندڙن کي جن پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ لائبريريون قائم ڪيون آهن، جتي سوين ماڻهو روزانو انهن ڪتابن کي پڙهي من اندر سڪون حاصل ڪن ٿا. انهن شخصيتن مان جاويد مهر به هڪ آهي. جنهن ان شهر ۾ لائبريري کولي جتي سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ سنڌ دشمن تمام گهڻو سرگرم هئا، جيڪي ڪنهن به سنڌي وسندي توڙي سنڌي کي نه سهندا هئا. هن ان دور ۾ گلستان جوهر بلاڪ 19 ڀٽائي آباد ۾“ سنڌ پبلڪ لائيبريري قائم ڪئي، جنهن مان اڄ به هزارين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.

پير عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين

پير مٺا سائين

قلب جي شمع روشن ڪندڙ صوفي بزرگ

۵۲ هين سالياني عرس جي مناسبت سان

عبدالفتاح عباسي



سنڌ جي سونهاري سرزمين هر دور ۾ عظيم هستين کي جنم ڏنو آهي ۽ سنڌ پنهنجي خطي جي اندر بزرگان دين اولياءَ الله، ڪامل هستين، درويشن، صوفي بزرگن خلق خدا جي حوالي سان شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، لازوال خوبين جي مالڪ اوليا الله بزرگن سنڌ جي سرزمين جي اندر ڀٽائي سرڪار جي شعر جي تشريح جيان پوري عالم جي لاءِ دعاگو بڻجي جيڪو بي مثال ۽ شاندار تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو جنگين جي فاتحن کان به ڏٺو وڃي ته ان حوالي سان منفرد ۽ انوکو آهي، ڇو ته هڪڙا ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ تلوار ۽ تير سان جنگيون فتح ڪن ٿا، پر اهي شخص جن جي شخصيت جي سحر سان انسانيت جي اندر واري قلب جي اندر جيڪا روحانيت جي شمع روشن ٿئي ٿي ۽ اسم اعظم الله جون برڪتون ڇائنجن ٿيون، ان جو ڪو مثال نٿو ٿي سگهي، قلبي ذڪر جي تنوار عاشقن جي عظيم خوراڪ آهي ۽ هي جيڪي ذڪر ۾ فنا في الله، فنا في الرسول ﷺ، فنا في الشيخ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، انهن جا درجا، انهن جون محنتون، انهن جون ڪاوشون ۽ انهن جو مقام اعليٰ درجي تي رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي نفس کي مارين ٿا ۽ زندگي جي عيش و عشرت زندگي جي رونقن بجاءِ پنهنجي رب ڪريم جي رضامندي لاءِ جهر جهنگ وستي واهڻ نگر نگر ۾ انسانيت جي خيرخواهي ۽ ڀلائي جي پرچار ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ نڪري پون ٿا ۽ اهي صوفي ازم جي حقيقي فلسفي تي عمل ڪندي جيڪو دڳ وٺن ٿا، اهو نهايت ئي انسانيت امن، پيار، محبت، اخوت، ڀائيچارو ۽ پريت جو پيغام آهي ۽ ان ۾ ئي انسانيت جي بقا ۽ سلامتي آهي، اوليا الله، درويشن، بزرگن ۽ صوفين رب تعاليٰ جي رضامندي لاءِ ۽ پنهنجي محبوب حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي خوشنودي لاءِ جيڪي ڪشالا ڪاٽين ٿا ۽ منزلون طئي ڪن ٿا، اهي بظاهر ڪن ماڻهن لاءِ ڀل جو ڏکيون هجن ۽ سفر اڻانگو هجي، پر انهن اولياءَ الله ڪامل هستين، صوفي بزرگن لاءِ ڏينهن توڙي رات عشق الاهي ۾ جيڪا زندگي بسر ٿئي ٿي، اها هڪ کليل ڪتاب جيان رهي ٿي، سماج جي اندر هي تڏي تي ويهندڙ ۽ راتين جو رب پاڪ تعاليٰ جي عاجزي انڪساري نياز نوڙت ۽ نه صرف پنج وقت نماز بلڪه انهن جون راتين جون راتيون تهجد کانپوءِ سڏڪن جا آواز لازمي طرح پنهنجي لاءِ نه ٿا ٿين. بلڪه اهي پنهنجي حلقاءِ احباب، امت جي خيرخواهي ۾ جاري ٿين ٿا ۽ انهن جو روئڻ ٻاڏائڻ ۽ رب جي خوشنودي حاصل ڪرڻ هڪ مثالي محنت آهي، ڀٽائي سرڪار فرمايو آهي ته:

مير نادر علي ابڙو - غلام محمد ڪنڀر

مير نادر علي ابڙو
سماج سڌارڪ سنڌ جي نادر شخصيت
غلام محمد ڪنڀر
مير نادر علي ابڙو جو ڪردار ادبي محور ۾ جيڪر ويهي جانچجي ته ٻين اديبن کان تمام مختلف نظر ايندو. پاڻ سنڌ جي هر اشو تي ڀرپور قلمي پورهيو ڪيو اٿائين ۽ هر دؤر ۾ پنهنجي قلم جي نوڪ سان وفا ڪندي نظر آيو آهي. ادبي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ وري سنڌ جا ڪردار رهيا آهن. جن تي هن اثرائتي نموني سان قلم کنيو آهي ۽ انهن تي پاڻ ڀرپور نموني سان لکندو رهيو آهي. جن ڪردارن جون اسان جي ڌرتي ۽ هتي جي غريب ماڻهن لاءِ خدمتون رهيون آهن، تن تي لکڻ جو فن شايد ئي ڪو مير نادر علي ابڙو کان سکي، جنهن قلمي انداز سان انهن ڪردارن کي اُڀاري متعارف ڪرايو آهي، جنهن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي. مختلف شخصيتن تي لکيل سندس ڪالم مضمون پڙهڻ وقت ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ انهن شخصيتن سان ڪچهري پئي ٿي هلي، اهي حقيقتون آهن، جيڪي سندس جي لکڻين ۾ شامل آهن. مير نادر علي ابڙو خوش نصيب ماڻهو آهي جو سندس جنم سنڌ جي ناليواري اديب، جج، استاد، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبر مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي گهر ٿيو. تنهن لاءِ شروع کان ئي سندس پالنا ادبي ٿي، خوش طبيعت، هر ڪنهن سان پنهنجي منفرد پرڪشش مرڪ چهري تي سجائي ملندڙ ۽ ڪچهرين جو روح راڻو رهندڙ مير نادر علي ابڙو پنهنجي من اندر ۾ تمام حساس قسم جو ماڻهو ۽ ميڻ کان به وڌيڪ ملائيم حساس طبيعت رکندڙ آهي. هو ڪنهن سان به زيادتي برداشت ناهي ڪري سگهندو ۽ سندس من اندر ۾ ويٺل ماڻهو، سماج ۾ ٿيندڙ برائين تي آواز بلند ڪرڻ لاءِ جنجهوڙيندي نظر آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو ڪهڙو به اشو هجي پر مير نادرعلي ابڙو هن تي وڏي داد دليري سان نه صرف لکيو آهي، ايستائين جيستائين انهن سان انصاف ناهي ٿيو، سندس والد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نظر ڪرم رهي آهي ته اتي سنڌ جي ڏاهي دانشور، سرڳواسي سوڀي گيانچنداڻي جي صحبت جو اثر به ڏسي سگهجي ٿو.

19 May, 2016

جگت بجيا - وسعت الله خان

جگت بجيا
فاطمہ ثريا بجيا
جيڪا ھاڻي پري هلي وئي
وسعت الله خان
ائين لڳي رهيو آهي ته گذريل سال جولاءِ کان هينئر تائين اٺن مهينن دوران آسمان ڏانهن گهرائڻ واري سڏ جي طلب ايترو ته زور وٺي وئي آهي جو هي جملو به ساٿ نه پيو ڏئي ”هُن جي لاڏاڻي جو خال ورهين تائين ڀرجي نه سگهندو.“
ٿورو سوچيو گذريل اٺن مهينن دوران ڪهڙا ڪهڙا اڻملهه ماڻهو موت جي واديءَ ۾ گم ٿي ويا. عبدالله حسين، جميل الدين عالي، ڪمال احمد رضوي، اسلم ظهير، نسرين انجم ڀٽي، ندا فاضلي، انتظار حسين ۽ ٻه ڏهاڙا اڳ (۱۰ فيبروري ۲۰۱۶ع) تي فاطمه ثريا بجيا به هلي وئي.

استاد نياز حسين

استاد نياز حسين

مُصطفيٰ ملاح/ ڪراچي



گواليار گهراڻي سان تعلق رکندڙ، موسيقار مرحوم استاد نياز حسين جي اڄ يعني ۰۷ فيبروري ۲۰۱۳ع تي ۲۱ هين ورسي آهي.

11 May, 2016

ڊاڪٽر فيروز احمد -​ اعجاز قريشي

ڊاڪٽر فيروز احمد
سنڌ جو املهه ماڻڪ
اعجاز قريشي
ڪي ماڻهو پنهنجن تخليقن ۽ ڪم ذريعي پنهنجو وڏو ۽ اڻمٽ نالو پئدا ڪندا آهن. سنڌ ڌرتي هڪ ڀاڳ ڀريو ماڳ آهي، جتي مختلف دورن ۾ شاعر، اديب، مفڪر، سياستدان، عالم ۽ استاد پئدا ٿيندا رهيا آهن. هڪ اهڙو ئي املهه ماڻڪ ڊاڪٽر فيروز احمد پڻ هو.

08 May, 2016

سنيتي ڪمار چئٽرجي - مختيار ملاح

سنيتي ڪمار چئٽرجي جا سنڌي ٻوليءَ بابت ويچار
مختيار ملاح
مشرقي دنيا ۾ سنڌ شناسي صرف عربي ۽ فارسي تائين محدود نه آهي، بلڪه هر ٻوليءَ جي عالمن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي بابت بيمثال ويچار لکيا آهن. ان سلسلي ۾ بنگالي عالمن جو به ڪردار ڪو گهٽ نه آهي. رکل داس چئٽرجي، اين جي منجمدار، ڊاڪٽر ذيشان حيدر ۽ سنيتي ڪمار چئٽرجي جا نالا قابل ذڪر آهن. هنن سنڌو تهذيب، ٻولي، رسم الخط ۽ تاريخ تي بهترين ڪم ڪيو آهي. سنيتي ڪمار چئٽرجي ننڍي کنڊ جو مشهور ۽ معروف لسانيات جو ماهر هو. هو بنگالي ٻولي تي ٿيل ڪم جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. پر هن سنڌو تهذيب ٻوليءَ تي به تحقيقي ڪم ڪيو آهي.

حاجي سر عبدالله حسين هارون - آفتاب قادري

حاجي سر عبدالله حسين هارون
آزادي جي تحريڪ جو سچو ليڊر
آفتاب قادري
حاجي سر عبدالله هارون ارادي جو پڪو، جرئتمند ۽ صابر ماڻهو هجڻ جي حيثيت سان مقبول اڳواڻ هو، جيڪو هميشه ان ڳالهه جو فڪرمند هوندو ته ڪهڙي طرح مسلمانن وچ ۾ ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ انهن جي عزت ۽ مرتبي ۾ اضافو ٿئي. جڏهن اسان سندس شخصيت جي باري ۾ حقيقتون ڄاڻينداسين ته پتو پوي ٿو ته حاجي سر عبدالله هارون آزادي جي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني نمايان ٿيو، مسلمانن جي آزادي جي تحريڪ سان سندس گهڻو چاهه هو، هي جڏهن عالمي سطح تائين آزادي جي جدوجهد ۾ اڀري آيو ته هر شخص سندس عظمت کان واقف ٿي ويو. ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جيڪو ٻين سببن جي ڪري به تمام گهڻو مشهور آهي.جڏهن سنڌ ممبئي جو حصو هئي، تڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان کي ڌار صوبي جي حيثيت ڏياري وڃي ۽ مسلمانن جو مرڪز بڻايو وڃي. ڪراچي کي پاڪستان جي گادي جو هنڌ هجڻ جي حيثيت ملي، جتي حاجي عبدالله هارون جي آخري آرام گاهه به آهي. آزادي جي تحريڪ جو عظيم ليڊر عبدالله هارون پهرين جنوري 1872ع تي ڪراچي ۾ ڄائو، هو آزادي جي تحريڪ جو ليڊر ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو. هن پنهنجي زندگي ڀلائين جي ڪمن ۽ سياست ۾ گذاري ۽ 27 اپريل 1942ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

استاد محمد ابراهيم


ماسٽر محمد ابراهيم
ڪڇي لب ۽ لهجي وارو منفرد سنڌي ڪلاڪار
ناصر مقصود گل
سنڌي لغت موجب ’ڪڇ‘ لفظ جي معنى ’ماٿري‘، ’وادي‘ يا ’هيٺاهين زمين‘ آهي، ان ئي نالي سان ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي پاڙي ۾ عربي سمنڊ جي ڪناري تي هندوستان جو هڪ علائقو ’ڪڇ‘ پڻ موجود آهي، جنهن جون سرحدون سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر سان لڳن ٿيون، محققن جو اهو خيال آهي ته اهو علائقو عربي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ ماٿري هجڻ ڪري قديم زماني کان ’ڪڇ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. تاريخ جا ورق ان ڳالهه جا شاهد آهن ته سنڌ جا مارو ماڻهو، خاص ڪري لاڙي، ٿري، ڪاڇائي ۽ ڪڇي اڪثر ڏڪر وارين حالتن سان منهن ڏيندا رهيا آهن ۽ هر حالت ۾ محنت سندن شان ۽ مان رهندي آئي آهي. صدين کان ڪڇ جا ملاح، جهازرانن طور مشهور هئا. تاريخ ۾ ڪن هنڌن تي اهي به شاهديون ملن ٿيون ته ڪڇ جا محنت ڪش ڪڇي ايترا ته هوشيار ۽ جفاڪش هوندا هئا، جو سن ۱۷۰۲ع ڌاري ڪڇي ملاحن هڪ سامونڊي ٻيڙو بنا ڪنهن ٻاهرين مدد جي جوڙي تيار ڪيو، جيڪو ننڍي کنڊ کان ڪاميابيءَ سان انگلينڊ روانو ڪيو ويو.