06 October, 2014
پروفيسر عبدالمجيد - هيمون ڪالاڻي
ڪامريڊ چاچو اسماعيل قريشي - گلاب پيرزادو
انور حسين وسطڙ- ساجد علي ملاح
ڏاڏا شاهه جيلاني - الطاف اثيم
05 October, 2014
استاد امير علي خان - ناصر قاضي
ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي - مٺل جسڪاڻي
انور حسين وسطڙو - ناصر قاضي
عنايت بلوچ
عنايت بلوچ
هڪڙو سهڻو ماڻهو - ساروڻين ۾ تـُنهنجو عڪس
زيب سنڌي
عنايت بلوچ سان منهنجو پهريون تعارف سندس هڪ
نظم وسيلي ٿيو هو. تڏهن اڃان مون نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو. لکندو به ڪهاڻيون هئس
ته پڙهندو به ڪهاڻيون ۽ ڪجهه ٻيو نثر هئس، باقي شاعري مونکي سمجهه ۾ اچڻ بدران منهنجي
مٿي تان گذري هلي ويندي هئي. انڪري ڪو به رسالو پڙهندي مان شاعري جا صفحا بنا پڙهڻ
جي فقط سرسري طور تي ڏسي ورقَ اٿلائي ڇڏيندو هئس. ائين ئي ۱۹۷۵ع ۾ ماهوار ”سوجهرو“ جي ڪنهن شماري ۾ ڇپيل شاعري
جا ورقَ پئي ورايم جو عنايت بلوچ جي هڪ نظم تي نظر بيهي رهي. اهو نظم پڙهيم ته نه فقط
ڏاڍو وڻيو، پر انهيءَ نظم جون ٻه سٽون، منهنجي شاعريءَ کان ڪورِي دل جي ڪاغذ تي لکجي
ويون.
عاشق نظاماڻي- ناصر قاضي
28 September, 2014
تيرٿ بسنت - قاسم راڄپر
17 September, 2014
عظيم سنڌي - فقير الهبچايو لغاري
شمس الدين بُلبلِ
شمس الدين بُلبلِ
بُلبلِ سنڌ
ڊاڪٽر
محمد خان شيخ
شمس
الدين بلبل بلاشبه هڪ وڏو ماڻهو هو. وڏو ماڻهو ان شخص کي سڏيو ويندو آهي، جنهن جي عوامي
خدمتن ۽ ڪارنامن جو فائدو عوام کي مستقل طرح وڏي عرصي تائين ملندو رهي.
شمس
الدين بلبل اٽڪل ڏهه سال لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ صحافت جي شعبي سان منسلڪ رهي،
برصغير ۾ پاڻ کي هڪ ممتاز صحافي طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. لاهور ۽ دهليءَ ۾ هن ڪالم
نويس ۽ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ صحافت جي دنيا ۾ مشهوري حاصل ڪيائين. حيدرآباد
دکن جي وزيراعظم جي اصرار تي حيدرآباد دکن ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. حيدآباد دکن
جو وزيراعظم سر آسمان جاهه عظيم مفڪر، ممتاز دانشور ۽ مسلم قوم جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي
هو. حضرت بلبل جي اسلامي نظريات ۽ خيالات کان متاثر ٿي کيس حيدرآباد دکن ۾ رهڻ جي دعوت
ڏني. سر آسمان جاهه بلبل جي مداحن مان هڪ هو.






