; سنڌي شخصيتون

06 October, 2014

پروفيسر عبدالمجيد - هيمون ڪالاڻي

پروفيسر عبدالمجيد
سندس سڦل حياتيءَ جي ۶۰ هين بهار
هيمون ڪالاڻي
لاکيڻي لطيف ’هرڻ هَماءُ‘ ٿي سسئيءَ کي پنهونءَ جو پنڌ ووڙيندي، جيڪا سسئيءَ جي پنڌ جي تصوير ڪشي پنهنجي سر سسئي آبريءَ ۾ ڪئي آهي. ان ’جستجو لاتقنطو‘ جا مثال سنڌ جي معاشري ۾ ڳولڻ سان اڄ به ڪيترا ملندا، جن سنسار ۾ سرگردان گذاري پنهنجي حياتيءَ جي ورقن ۾ زندگيءَ جا اهڙا سبق سمويا هوندا، جيڪر انهن جي ڦرهيءَ کي اچاري گيان وٺڻ ويهجي ته هوند اسرندڙ ٽَهين کي اڪابر ڪري وجهجي. جتي شخصيتن جي ڀيد ڀاوَ مان ناموس نڪري وڃي ۽ وڏا بت ڪاغذي شينهن نڪرن ته اتي بهتر ۽ پيشي سان مخلص ماڻهن توڙي پنهنجي ذات ۽ ڏڏن کي سخن ور ڪندڙ ڪردارن کي ڳولهي ڦلهوري دنيا سان روشناس ڪرائڻ ڪٺن ڪم ضرور آهي، پر جن ماڻڪ ميڙيا، پريت ۽ ريت جي پت رکي، سماج جو سونهون ٿي جوان اکين تي بينائيءَ جو چشمو چاڙهي، اونداهين ذهنن ۾ علم جا ڏيئا روشن ڪري شعور جون ڪيتريون ئي لاٽون روشن ڪيو ن، انهن جو پورهيو سڦلتا جي پنڌ تي مڃتا ضرور ماڻي ٿو. مرشد لطيف به چيو آهي ته:

ڪامريڊ چاچو اسماعيل قريشي - گلاب پيرزادو

ڪامريڊ چاچو اسماعيل قريشي
هڪ بهادر هاري اڳواڻ
گلاب پيرزادو
ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن. انهن جي سموري شعوري زندگي مسلسل جدوجهد ۽ پنهنجي آدرشن جي حاصلات لاءِ لڳاتار جاکوڙ جي علامت هوندي آهي. ڪامريڊ چاچا اسماعيل قريشي به هڪ اهڙي ڪردار جو مالڪ هئو. هُو خير پور ضلعي جي شهر سڳيون جي ڀرسان قريشي ڳوٺ ۾ ڄائو نپنو. هوش سنڀاليائين ته ويجهو ئي راڻيپور واري پيرن جي شهرت، نيڪ نامي ۽ دٻدٻو ڏٺائين. روايت موجب پاڻ به ان گاديءَ جو پهريان فقير ۽ پوءِ خليفو بڻيو. ڪيترن ئي سالن تائين هُن جو ڪم راڻيپور جي پيرن جي لاءِ سندن مريدن خادمن کان ڏَنُ وصول ڪري درگاهه تي پهچائڻ هوندو هئو. پوءِ جڏهن ۱۹۸۳ ۾ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ پئي هلي ۽ قيادت پاران جيل ڀريو تحريڪ جي حڪمت عملي جوڙي وئي ته چاچو به جيل ۾ وڃڻ لاءِ رضاڪار طور اڳيان آيو. گرفتاريءَ کان پوءِ کيس سکر سينٽرل جيل موڪليو ويو. جتي پهريون ڀيرو سندس ملاقات ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن سان ٿي جيڪي پڻ ان ساڳي ارادي ۽ مقصد سان اڳي ئي قيد هئا. اتي پيپلز پارٽيءَ جا هاڻوڪا ڪجهه وڏا اڳواڻ به باندي هئا جن ۾ نثار کهڙو، بابل جکراڻي، ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ ٻيا شامل آهن. ڪامريڊ ڄام ساقي جيل ۾ انهن ساٿين جو اسٽڊي سرڪل وٺندو هئو. ان کان علاوه ساڳي جيل جي جنرل وارڊ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن جو هڪ ٻيو اسٽڊي سرڪل پڻ هلندو هئو جنهن ۾ چاچي اسماعيل کي به ويهڻ جو موقعو مليو. جنهن کان پوءِ اها ئي ڪار ٿي جنهن کي ڀٽائي پنهنجي لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي: جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين، تڏهانڪر تِرَ جيترو، وير نه وسريام. اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.

انور حسين وسطڙ- ساجد علي ملاح

انور حسين وسطڙو
ثقافت کاتي سنڌ کان وسري ويل فنڪار
ساجد علي ملاح/نوابشاهه

موسيقيءَ جي دنيا ۾ استاد منظور علي خان هڪ وڏو نالو آهي، استاد منظور علي خان جي پيارن شاگردن مان انور حسين وسطڙي به موسيقيءَ جي دنيا ۾ پنهنجي استاد وانگر پاڻ مڃرايو آهي، جڏهن ۱۹۸۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان استاد منظور علي خان، انور حسين وسطڙو، محمد يوسف، وحيد علي، فيروزگل، عابده پروين ۽ رونا ليليٰ جا ڪلام هلندا هئا، ته ماڻهو گهڙيال جو وقت ڏسي ريڊيو جي ويجهو ٿي اهي ڪلام ٻڌندا هئا، گهرن، اوطاقن ۽ دڪانن، هوٽلن تي انهن فنڪارن کي وڏي شوق ۽ چاهه سان ٻڌو ويندو هو. ڪلاسيڪل ۽ فوڪ موسيقيءَ ۾ انور حسين وسطڙو پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، استاد منظور علي خان جي وفات کانپوءِ جڏهن ڪلاسيڪل فوڪ موسيقيءَ ۾ اسان کي اونداهي نظر اچي رهي هئي، تڏهن هن مٺڙي آواز جي مالڪ انور حسين وسطڙي موسيقيءَ کي بچايو، انور حسين وسطڙي جي ڪلامن مان ڪجهه ڪلام جيئن، ”منهنجي دل اوهان سان الائي ڇو اڙي آ“ ”ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو مون کي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو وغيره تمام گهڻا مقبول ٿيا، بزرگ، جوان، توڙي عورتون به انهن ڪلامن کي فرمائش طور ريڊيو تي انور حسين وسطڙي جي آواز کي پسند ڪنديون هيون ۽ وڏي شوق سان ڪيسٽ تي پڻ هن سنڌ  جي ڪلاسيڪل راڳيءَ کي ٻڌو ويندو هو، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان زندگيءَ ۾ انهن شخصيتن جو قدر نه ڪندا آهيون پر انهن جي حياتيءَ کانپوءِ وڏا وڏا بيان، سيمينار ۽ سندن ياد ۾ تقريبون ڪوٺائيندا آهيون، پر حياتي ۾ ڪڏهن به انهن ڪردارن کي ياد نه ڪيو ويندو آهي، ته اسان جا فنڪار ڪهڙي حال ۾ آهن، انهن جو گذر سفر هن مهانگائيءَ جي دور ۾ ڪيئن ٿئي ٿو، اگر اسان جي هنن فنڪارن کي ڪا بيماري ٿئي ٿي ته ثقافت کاتو هنن فنڪارن جي علاج ڪرائڻ لاءِ به تيار نه آهي، هِي راڳي مسواڙ جي جڳهه ۾ رهي ٿو، هن هيڏي وڏي ڪردار کي سنڌ ثقافت کاتو، ڪو به وظيفو ڏيڻ لاءِ  تيار نه آهي، انور حسين وسطڙو فالج ۽ دل جي بيماريءَ سبب بستري تي پيل رهيو پر سرڪار طرفان سندن ڪا به سار نه لڌي وئي آهي، ثقافت کاتي سان بار بار رابطو ڪرڻ  جي باوجود سنڌ جي هن ڪلاڪار کي ثقافت کاتي نظرانداز ڪري ڇڏيو، مون جڏهن ساڻس ملاقات ڪئي، ته هن جي اکڙين مان بي اختيار لڙڪ وهي رهيا هئا، ۽ پوءِ جڏهن بيماريءَ ۽ غريبيءَ واري حالت ۾ به پنهنجو مشهور ڪلام ”حال منهنجا ڪير پڇندو ڪير آ، منهنجو هتي“، جهونگاري رهيو هو، انور حسين وسطڙي جي اها حالت ڏسي مون کي سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي، ضلعي نوابشاهه جي چونڊيل نمائندن جي رويي تي انتهائي حيرت ٿي ته اسان جا حڪمران سنڌ جي ثقافت بچائڻ، اجاگر ڪرڻ لاءِ وڏيون وڏيون دعوائون ڪن ٿا، تقريرون ڪن ٿا، پر سنڌ جي ثقافت کي دنيا ۾ متعارف ڪرائيندڙ ڪلاڪارن جي سار نٿي لڌي وڃي. اسان جا حڪمران اخبارن ۾ سَکڻا سياسي بيان ڏين ٿا پر سنڌ جي ثقافت ۽ موسيقيءَ کي بچائڻ ۽ انهيءَ سفر کي جاري رکڻ لاءِ انور حسين وسطڙي جهڙن ڪردارن جي سهائتا ڪرڻي پوندي.

ڏاڏا شاهه جيلاني - الطاف اثيم

ڏاڏا شاهه جيلاني
هڪ جهان ديده سڌو ماڻهو
الطاف اثيم
هونئن ته ضلعي خيرپور جي آس پاس سوين مير مهندار، پير پڳدار توڙي سگهارا سردار سڪونت پذير هئا، مگر مون پنهنجي سانڀر ۾ جنهن سپوت جو نالو سخن جي سچائي، اصولن خاطر ارڏائي ۽ عدل خاطر بيباڪي ۽ بي ڊپائيءَ جي نشانيءَ طور پنهنجي ارد گرد ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ سوني سڪي جيان جرڪندو ڏٺو، سو هو سڀ ڪنهن کي پنهنجن ڳڻن سان ڳنهي وٺندڙ سهڻو سائين اميد علي شاهه عرف ”ڏاڏا شاهه جيلاني“. هو سکر جي مشهور جيلاني ساداتن مان هو ۽ جوانيءَ ۾ ئي اچي خيرپور جا وڻ وسايا هئائين. ممڪن آهي ته نئون نسل کيس گهٽ سڃاڻندو هجي ۽ ڪن ته مورڳو سندس نالو ئي اڄ پڙهيو هجي، تنهن لاءِ مانائتي اديب مرحوم علي احمد بروهيءَ لکيو هو ته، ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪٿي ڪٿي پري کان کيس ڏسڻ جو موقعو ملندو هو ته هو انهن خالص ماڻهن منجهان هڪ هو، جنهن لاءِ ماڻهو آڱريون کڻي چئي سگهن ته اجهو اهو جوان ڏاڏا شاهه آهي. سائين ڏاڏا شاهه هڪ ملاقات دوران مون کي پنهنجي باري ۾ هي فارسي شعر لکرايو هو:
ني عارف آگاهم، ني زاهد درگاهم
گر راست همي پرسي، درسم، به ڪتابِ اندر.
(يعني: مان نه عارف بالا آهيان، نه زاهد درگاهه آهيان، جي سچ پڇين ٿو ته فقط مان زندگيءَ جي ڪتاب جو ڄاڻو آهيان.)

05 October, 2014

استاد امير علي خان - ناصر قاضي

استاد امير علي خان
ناصر قاضي

ڏاتيار ڏيهه جي اهڙن ڏات ڌڻين ۾ استاد امير علي خان جو صدورو نالو پڻ ملي ٿو، جنهن ساز کي سيني لائڻ سان گڏوگڏ قلم کي به پنهنجي قلب ۾ جوڳي جاءِ ڏيندي ڪلا کي قلم سان همڪنار ڪري ڏيکايو. استاد امير علي خان جو تعلق ‘ماڙيچا گھراڻي’ سان آهي، جنهن گھراڻي بابت اوائلي احوال هن ريت ملي ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ راجسٿان رياست جي مڱڻيارن جي 24 ڳوٺن مان ‘ماڙ’ نالي هڪ علائقو ايامن کان آباد هو، جنهن جي نسبت سان هيءُ گھراڻو ‘ماڙيچا گھراڻو’ سڏجي ٿو. موسيقيءَ جي فن سان وابسته ٻين گھراڻن سان گڏ ماڙيچا گھراڻي جون به پوري ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ جي ميدان ۾ سگھاريون خدمتون سرانجام ڏنل آهن. اڳتي هلي هن گھراڻي جو عظيم گائيڪ ۽ موسيقار استاد سومار خان پنهنجي پياري ڀائيٽي ۽ شاگرد خانصاحب استاد حاجي خير محمد خان سان گڏجي ورهاڱي کان اڳ ئي 1911ع ڌاري هميشه لاءِ سنڌ ۾ آيو ۽ پهريان سانگھڙ ۽ بعد ۾ حيدرآباد ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين، اهڙيءَ طرح سنڌ جو هيءُ اصلوڪو سنڌي موسيقار گھراڻو هميشه لاءِ سنڌ جي نالي سان سڃاڻجڻ لڳو.

ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي - مٺل جسڪاڻي

ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي
سدائين سارڻ جهڙو سياڻو ماڻهو
ورسي (28 جولاءِ 2013ع) جي نسبت سان
مٺل جسڪاڻي
سمجهه، ساڃاهه، سياڻپ، ڏاهپ ۽ ڏانءُ مروج تعليم جو محتاج نه آهن، جيڪڏهن عام اسڪولي تعليم ضروري هجي ها، ته موجوده تعليم ۽ تربيتي سرشتي کان اڳ وارن ماڻهن ۾ نه ماڻهپو هجي ها ۽ نه ئي ڪا دانش. ان جو اهو مطلب قطعي ڪونهي، ته مروج تعليم ڪنهن به ڪم جي نه آهي. نه، ائين نه آهي. تعليم انسان جي ٽئين اک آهي. ان ڪري مروج تعليم کان قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، ان سان مطالعي جي اضافي جي سگهه پيدا ٿيندي آهي. جنهن ڪري اهي ماڻهو، جيڪي مشاهدي ۽ ڪچهرين سان گهڻو ڪجهه پرائي، ڏاهپ جا ڏاڪا طئي ڪندا آهن، اهي ئي ساڳيا ماڻهو، جيڪڏهن مروج تعليم واري مرحلي مان به گذرندا، ته منجهن سياڻپ، سمجهه ۽ ساڃانهن، اڃا به وڌيڪ وڌندي. جنهن جي نتيجي ۾ سندن هر عمل، قول ۽ فعل مثبت رُخ ۾ رڙهندو، پنهنجا چاهيندڙ وڌائيندو ۽ پاڻ جهڙا ٻيا پيدا ڪندو، اڳتي وڌندو ويندو.

انور حسين وسطڙو - ناصر قاضي

انور حسين وسطڙو
منفرد آواز ۽ سهڻو انداز
ناصر قاضي
1947ع ۾ ورهاڱي واري ويل وڇوڙي جا ورلاپ پوريءَ سنڌ مان ٻـُرندا رهيا، ڇاڪاڻ ته پنهنجي ديس ڄاوا اصلوڪا سنڌي جلاوطنيءَ جو ڏهاڳ سرير ۾ سانڍي هميشه لاءِ وسندڙ وٿاڻن کي ويران ڪري ڏورانهين ڏيهه وڃي رهيا هئا. ڳلن تي ڳوڙهن جون ڳراٽڙيون پائي ملي موڪلائيندڙ سنڌي جڏهن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ کي هميشه لاءِ ڇڏي رهيا هوندا، تڏهن مٿن ڪهڙي قيامت برپا ٿي هوندي، ان جو اندازو ته انهن  مٺڙن ماروئڙن کي ئي هوندو، جيڪي پنهنجن سنگتين ساٿين، ڏک سک جي شريڪن، گڏ رانديون رهندڙن ۽ ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائيندڙن کان ڀاڪر ڇڏائي سرحد جي هن پار وڃڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا.

عنايت بلوچ

عنايت بلوچ

هڪڙو سهڻو ماڻهو - ساروڻين ۾ تـُنهنجو عڪس

زيب سنڌي



عنايت بلوچ سان منهنجو پهريون تعارف سندس هڪ نظم وسيلي ٿيو هو. تڏهن اڃان مون نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو. لکندو به ڪهاڻيون هئس ته پڙهندو به ڪهاڻيون ۽ ڪجهه ٻيو نثر هئس، باقي شاعري مونکي سمجهه ۾ اچڻ بدران منهنجي مٿي تان گذري هلي ويندي هئي. انڪري ڪو به رسالو پڙهندي مان شاعري جا صفحا بنا پڙهڻ جي فقط سرسري طور تي ڏسي ورقَ اٿلائي ڇڏيندو هئس. ائين ئي ۱۹۷۵ع ۾ ماهوار ”سوجهرو“ جي ڪنهن شماري ۾ ڇپيل شاعري جا ورقَ پئي ورايم جو عنايت بلوچ جي هڪ نظم تي نظر بيهي رهي. اهو نظم پڙهيم ته نه فقط ڏاڍو وڻيو، پر انهيءَ نظم جون ٻه سٽون، منهنجي شاعريءَ کان ڪورِي دل جي ڪاغذ تي لکجي ويون.

عاشق نظاماڻي- ناصر قاضي

عاشق نظاماڻي
چنڊ کان پرينءَ جو سوالي، اويلو مسافر
ناصر قاضي

ڀڳت ڪبير هڪ هنڌ چيو ته:
نينان اوپر پائون ڌريئي، ڌيري ڌيري چل،
ڇنڀي نه ميري پنبڙي، ڏکي نه تيري پگ.
ڀڳت ڪبير جي هن شعر جو مفهوم ڪجھه هن طرح آهي ته اي منهنجا محبوب! تون پنهنجا پير منهنجي اکڙين تي رک ۽ منهنجين اکڙين جي مٿان هوريان هوريان گھمندو رهه، تڏهن به مان پنهنجون پنبڙيون ڪونه ڇڀيندس، متان تنهنجا پير نه ڏکي پون.....!!!
ڀڳت ڪبير جي هن شعر جي ڀٽائي سرڪار ترديد ڪندي چيو ته: اهو عاشق ئي ڪهڙو، جيڪو محبوب کي چوي ته تون پنهنجا پير منهنجي اکڙين تي رک ۽ آهستي آهستي هَل، ڇاڪاڻ ته محبوب پنهنجي مرضي جو صاحب آهي، اها سندس خوشي آهي ته آهستي هلي يا تيز هلي، عاشق جو ڪوئي به حق ناهي جو محبوب کي اکڙين تي آهستي آهستي هلڻ جو چوي، ان ويل لطيفي آواز آيو ته......!!!

28 September, 2014

تيرٿ بسنت - قاسم راڄپر

تيرٿ بسنت
عالمي سطح جو سنڌي اديب
قاسم راڄپر
سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ تي صدين کان اهڙا املهه انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃايو آهي. انهن ۾ ڪجهه شخصيتون اهڙيون به آهن، جن هڪ کان وڌيڪ شعبن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عظيم هڏ ڏوکي تيرٿ بسنت جو شمار به اهڙن انسانن ۾ ٿئي ٿو. جنهن نه رڳو شاعري، نثر نويسي، ڊراما نگاري، تحقيق ۾ پاڻ مڃايو، پر عالمي سياست بابت به سندس گهرو مطالعو هو. پر سنڌ هند جي هن عظيم اديب بابت ڄاڻ تمام گهٽ ماڻهن کي آهي. تيرٿ بسنت (وسنت) ۷ سيپٽمبر ۱۹۰۹ع تي لقمان خيرپور ۾ پيدا ٿيو. هو سوڍو راجپوت نک سان واسطو رکندڙ هو. سندس والد جو نالو ويڙهو مل هو. سندس ننڍپڻ سکيو نه گذريو، گهرو معاملن سبب سندس ابتدائي تعليم به متاثر ٿي. ۱۶ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هو فلمن ۾ اداڪاريءَ لاءِ ڪراچيءَ ڀڄي آيو. پوءِ هن زندگيءَ جو وڏو حصو حيدرآباد ۾ گذاريو. هو حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر به چونڊيو. کيس گهمڻ ڦرڻ جو وڏو شوق هوندو هو، هو نوڪريءَ سانگي ايران ۽ عراق به گهمي آيو هو. جتي هن عربي ۽ فارسي به سکي.اُتي هن جي ملاقات مها ڪوي گرو ديو ٽئگور سان به ٿي. ان سلسلي ۾ هن پاڻ لکيو آهي ته ”جڏهن گرو ديو ٽئگور ايران جي دؤري تي آيو هو، تڏهن اُتي جي سرڪار جي حڪم موجب، هو ويهه کن ڏينهن گرو ديو ٽئگور جي شيوا ۾ رهيو هو.“

17 September, 2014

عظيم سنڌي - فقير الهبچايو لغاري

عظيم سنڌي
سنڌ کي ان جهڙن جاکوڙين جي گهرج آهي
فقير الهبچايو لغاري
عظيم سنڌي ننڍ پڻ کان منهنجو لنگوٽيو يار رهيو آهي، اڄ تائين ڏوريندو پيو اچي. هيءُ مڙس 62 سالن جي عمر تائين رنگا رنگي واٽن جو ڏڌل انسان آهي.
پرائمري تعليم مورو مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ به مورو مان ڪيائين. ڪاليج پڙهڻ لاءِ مهراڻ ڪاليج مورو ۾ پير پاتائين ته کيس شاگرد سياست جي چوٽ لڳي ته ڪامريڊ ۽ عطيم سنڌي بنجي ويو. ڪاليج يونين ۾ بطور صدر به رهيو. ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن جي حد کان زياده خدمت ڪيائين. ايم اي سنڌي ادب ۾ به پوزيشن ماڻيائين. چواڻي آهي ته ”غربت تعليم جي راهن ۾ رڪاوٽ آهي“ جي مصداق پوسٽ گريجوئيٽ ٿيو. نوڪري مليس نه ورتائين. روزگار خاطر درزي بنجي ويو. پوءِ ته ادب جو سهارو وٺي دونهين دکائي پنهنجي گهر اڳيان دڪان ٺهرائي ٻه چار شاگرد ويهاري، سچائي سان ڪم ڪرڻ لڳو. ڏينهن پڄاڻان موري جو وڏو درزي بنجي ويو. شادي ڪيائين. اولاد ٿيس، غربت هوندي به پنهنجن سڪيلڌن پٽن کي پڙهائي پار پهتو. هن وقت سندس اولاد سٺين نوڪرين ۾ آهي. شل خوش هجن.

شمس الدين بُلبلِ

شمس الدين بُلبلِ

بُلبلِ سنڌ

ڊاڪٽر محمد خان شيخ



شمس الدين بلبل بلاشبه هڪ وڏو ماڻهو هو. وڏو ماڻهو ان شخص کي سڏيو ويندو آهي، جنهن جي عوامي خدمتن ۽ ڪارنامن جو فائدو عوام کي مستقل طرح وڏي عرصي تائين ملندو رهي.

شمس الدين بلبل اٽڪل ڏهه سال لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ صحافت جي شعبي سان منسلڪ رهي، برصغير ۾ پاڻ کي هڪ ممتاز صحافي طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. لاهور ۽ دهليءَ ۾ هن ڪالم نويس ۽ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ صحافت جي دنيا ۾ مشهوري حاصل ڪيائين. حيدرآباد دکن جي وزيراعظم جي اصرار تي حيدرآباد دکن ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. حيدآباد دکن جو وزيراعظم سر آسمان جاهه عظيم مفڪر، ممتاز دانشور ۽ مسلم قوم جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو. حضرت بلبل جي اسلامي نظريات ۽ خيالات کان متاثر ٿي کيس حيدرآباد دکن ۾ رهڻ جي دعوت ڏني. سر آسمان جاهه بلبل جي مداحن مان هڪ هو.

07 September, 2014

مصري فقير - ناصر قاضي

مصري فقير
سنڌي راڳ جو سدا بهار آواز
ناصر قاضي
ڪراچيءَ کان ڪشمور توڙي ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين پنهنجي پياري سون ورني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمندي جڏهن ڀلاري ڀٽائيءَ جي ڀونءِ هالا طرف رخ ڪبو ته اتي سروري درگاهه جا معلم ۽ مدرس امن ۽ آشتيءَ واري سبق ڏيڻ ۾ صدين کان مصروفِ عمل ڏسجي رهيا آهن. هن درگاهه تي مخدوم نوح سرور هالائيءَ کان ويندي اڄ ڏينهن تائين جا درگاهه ڌڻي هر دؤر ۾ امن، آشتي ۽ آجپي جو پيغام ڏيندا رهيا آهن. ساڳئي درگاهه جي معلمن جي ڊگھي صف ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري ڪافي گو شاعر، گھڻ رخي شخصيت ۽ مٺڙي توڙي ٻاجھاري انسان مخدوم سائين محمد زمان طالب المولى جي شفقت ڀريو ڇپر ۽ ڇانورو پڻ نظر اچي ٿو، مخدوم صاحب جي ان ٻاجھه ڀري ڇانوَ ۾ رهي جيڪي به طالب المولى جا طالب رهيا، تن ٻين اخلاقي امرن سميت شاعري توڙي سر سنگيت جا سبق به ضرور پروڙيا آهن. مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ان محبتن واري مڪتب اندر، قرب وارن ڪلاسن جي برهه وارين بئنچن تي ويهي جن سلوڪ جي صاحبن سڪ سندا سبق پڙهيا، انهن ۾ نامياري صوفي راڳي ۽ شاعر مصري فقير جو مٺڙو نالو پڻ ملي ٿو.