لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
[۱۸۸۵ع – ۱۹۵۴ع]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
سنڌي
زبان جو سچو پارکو، خدمتگار، صاف دل صوفي منشي لالچند پٽ امر ڏنل مل جڳتياڻي
حيدرآباد سنڌ ۾ ۲۵ جنوري ۱۸۸۵ع تي جنم ورتو هو. سندس پتا سرڪاري ملازم هو؛ جنهن کيس شروعات کان وٺي
سنڀالي تعليم ڏياري. ڪنهن ٿي ڀانيو ته هي ڇوڪرو وڏو ٿي سنڌي زبان ۽ ادب جو رکوالو
بڻبو! سچ پچ ڌڻيءَ کيس وڏي ڏات ڏني هئي – ۱۹۰۳ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ گهريو، جتان ۱۹۱۸ع تائين فارغ التحصيل ٿي، سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچيءَ ۾ ماستر مقرر ٿيو.
آخر ترقي وٺي پروفيسر جي عهدي تي وڃي رسيو. سنڌ جا ڪافي پڙهيل مسلمان سندس شاگرد
بڻيا – ۱۹۴۰ع ۾ ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي
صلاحڪار بورڊ“ قائم ٿيڻ سان اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ ”سنڌي لغت“ جي تياريءَ ۾ پڻ ڀاڱي
ڀائيوار ٿي ڪم ڪيائين – ۱۹۲۰ع ۾ خلافت دؤر ۾ ”قطع
تعلقات تحريڪ“، ۱۹۲۲ع ۾ ”ڪانگريس واري هلچل“ ۽ ۱۹۴۷ع ۾ آزاديءَ جي جدوجهد“ ۾ پاڻ چڱو موکيائين؛ انهيءَ سلسلي ۾ قيد جا ڪڙا
چاڙهائڻ به، عيب نه ڄاتائين.
