; سنڌي شخصيتون

10 July, 2016

ڪيرت ٻاٻاڻي

ڪيرت ٻاٻاڻي
هڪ مها ديش ڀڳت
رکيل مورائي
هڪ مها ديش ڀڳت سنڌي، ترقي پسند اديب، برطانوي سامراج خلاف وڙهندڙ هڪ بهادر شاگرد، سنڌ کي ڪڏهن به نه ڇڏڻ جو وچن ڪندڙ، گرفتار ڪري زوري جلاوطن ڪيو ويندڙ وطن دوست ليکڪ، هند ۾ سنڌيت جي هلچل جو هڪ اهم اڳواڻ، ورهاڱي کي ساهه جي آخري هڏڪيءَ تائين نه قبوليندڙ ذهين شخص، هند جي سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سموري حياتي قربان ڪندڙ، هند جي ترقي پسند ادب جي ٽه مورتي جي آخري مورت، ڪيرت ٻاٻاڻي ٽي ڏينهن اڳ، سنڌ کي ستهٺ سال نه ڏسي سگهڻ جو درد دل ۾ سانڍي، آڌيءَ رات هن جهان مان اڏاڻو، ان جهان ڏانهن جيڪو اسان سڀني ٻڌو ته آهي پر ڏٺو نه آهي، اهڙو جهان جنهن کي نه قبوليندي به قبولڻو پوي ٿو.

07 July, 2016

ڪيرت مھرچنداڻي

ڪيرت مھرچنداڻي
(ڄم ۱۹۳۳ع ۽ وفات ۱۹۸۹ع)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڪيرت مھرچنداڻيءَ، تاريخ ۲۲ جون ۱۹۳۳ع تي ڪيولرام مھرچنداڻيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس ڄم جو ھنڌ، شھر دريا خان مري، تڏھوڪو ضلع نوابشاھ ۽ ھاڻوڪو ضلع نوشھروفيروز آھي. تعليم؛ ايم اي ۽ بي ايڊ تائين حاصل ڪئي ھيائين. خاص مشغولي؛ ريڊيو ٻڌڻ ۽ اخبار پڙھڻ ھيس. پيشي جي لحاظ کان، اسڪول ٽيچر ھيو. ڪتاب جي ڇاپي وقت، يعني ڊسمبر ۱۹۸۱ع ڌاري، آدرش ھاير سيڪنڊري اسڪول، ڪٻير نگر، احمدآباد ۾ تعينات ھيو.
سندس تڏھوڪو سرنامو؛ ۶/۲، نيو جي وارڊ، ڪٻير نگر، احمدآباد. (گجرات) آھي.
نوڪريءَ دوران فارغ وقت ۾، جنھن ڪار يا ڪرت ۾ پاڻ کي مشغول رکندو ھيو، تنھن حساب سان ھو؛ ناول نويس، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار ھيو. ان کان علاوھ سمپادن پڻ ھيو.
سندس پھاڪن ۽ چوڻين بابت لکيل ڪتاب، چونڊ سنڌي چوڻيون، پھريون دفعو ۱۹۸۱ع ۾، ڪويتا پرنٽنگ پريس، سھج-پور، احمدآباد اندر ۷۵۰ ڪاپيون ڇپيو. ان وقت ڪتاب جي قيمت ۹.۵۰ ساڍا نو روپيا ھئي. اھو ڇاپو ليکڪ پنھنجي سر پاڻ ڇپايو ھيو، جنھن ڪري سمورا حق ۽ واسطا پاڻ وٽ قائم رکيا ھيائين. جڏھن ته ڪتاب جي ڇپائي، گجرات سرڪار جي مالي مدد سان ئي ٿي ھئي. عنوان يا ٽائيٽل تمام سادو ھيس، جيڪو ھوندراج بلواڻيءَ جو ڊزائين ٿيل ھيو. اھو ئي سبب آھي جو ڪتاب جي مٿان، ڪنھن ڇپائيندڙ اداري جو نالو ئي ڏنل ناھي.
ھن ڪتاب ۾، پھاڪن ۽ چوڻين جا مکيه اندراج، ڳاڻيٽي جي حساب سان، ۱۰۴ آندا ويا ھيا. جڏھن ته ڳڻپ ۾ ڪجھ غلطيون پڻ ٿيل ھيون. ھڪڙا ٻه پھاڪا يا چوڻيون ڪتاب اندر ورجائي لکيا ويا ھيا ۽ فھرست اندر اھي ۽ ٻيا ڪجھ وري نظر انداز پڻ ڪيا ويا ھيا. ڪي ته زوريءَ اندر داخل ته ڪيا ويا ھيا، پر فھرست اندر پنھنجي جاءِ تي داخل ڪرڻ کان رھجي ويا، جيڪي وري وچور جي آخر ۾ آندا ويا. سمورا اندراج، لغت جي حساب سان ترتيب نه ڏنل آھن. بلڪ ساڳئي اکر سان شروع ٿيندڙ پھاڪا، چوڻيون يا ورجيسون، پاڻ ۾ يڪجاءِ ڪيل آھن. اندراج بابت اھو به نه ڄاڻايو ويو آھي ته آيا، اھو پھاڪو آھي، چوڻي آھي، اصطلاح آھي يا ورجيس آھي. يا وچئون ئي ڪا ٻي جنس آھي. ان کان علاوھ ڪتاب جي اندر ڪيترا ئي ھندي لفظ ڏنا ويا آھن، جن جي ڪري سنڌ اندر ڪير به پڙھندڙ، معنوي ڄاڻ نه ھئڻ سبب، پڙھڻ وقت ڏکيائي محسوس ڪندو. فقط اھو نه بلڪ ڇپائيءَ دوران، ڪتاب جا پروف چيڪ نه ٿي سگھيا، جنھنڪري ڪتاب اندر ڪافي غلطيون ٿي ويون. انھن غلطين جو ڀلنامو پڻ تيار ڪيو ويو، جيڪو ٻه-ڪالمي چئن صفحن تي آڌاريل آھي.
اھي سموريون اوڻايون چوڻايون ڪتاب جي زينت کي وڃايو ويٺيون ھيون. اھو ئي سبب آھي جو ڪتاب تي نظر ثاني ڪرڻ ضروري ٿي پيو ۽ ڇپائيءَ کان اڳ، کيس غلطين کان آجو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي آھي. اميد ته پڙھندڙن کي اھا ڳالھ ضرور پسند ايندي. ڇو جو نيٽ تي سندس انھيءَ ڪتاب بابت ڪنھن جي راءِ رکيل آھي؛
True to his teaching profession (though also a novelist, short story writer and essayist), Kirat Meharchandani brought out Choonda Sindhi Chavnyoon (Selected Sindhi Sayings) specially for the benefit of the student community,...
ھن ڪتاب تي کيس ايوارڊ پڻ مليو ھيو.
Government of Gujarat Award Kirat Meharchandani was awarded Rs. 2000 for his collection of short stories Sangarsh. Goverdhan Shastri Award Dr. Bhawani L;;l Bhartiya, Head of the Dayanand Chair, [ational ivention ' Indian Authors 3er ...

ھن ڪتاب کان علاوھ سندس ٻيا به ڪيترا ئي ڪتاب پڻ ڇپيا. تن ڇپيل ڪتابن جي وچور، ھيٺ ڏجي ٿي.

ڪيرت مھرچنداڻيءَ جا ٻيا اصلوڪا شيع ٿيل ڪتاب
ناول
1.     گناھ جي رات
2.     جواني ديواني
3.     رات ڏينھن
4.     سپنو ۽ حقيقت (اصلوڪو ناول) صفحا ۱۰۵، سال ۱۹۶۰ع ڌاري ڇپيو.
5.     نئون صبح، نئون گيت صفحا ۱۵۴، سنڌو پاڪيٽي بوڪ سيريز، احمدآباد انڊيا، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۳ع.
6.     سپنو ھيءُ سنسار، صفحا ۹۵، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۷۲ع.
Sapano Hem Sansar, a novelette by Kirat Meharchandani, concerns itself with the ill-famed dowry system. Anand loves well Asha, a poor sweet girl and yet marries another, Ratna, whom he had not even seen before the marriage. ...
Though there are already a number of books on the subject, 'Sa'il' has revised and uptodat- ed them. It could be useful to students and teachers of Sindhi. Kirat Meharchandani has published a collection of 20 essays...
7.     الزام
8.     انتظار
ڪھاڻين جا مجموعا
1.     جيون ڌارا؛ صفحا ۹۸، رامو تولاڻي، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۵ع
2.     مني ڪلاڪ جي ملاقات؛ صفحا ۹۱، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۰ع.
3.     سوجھرو (سوراشٽر يونيورسٽيءَ جو درسي ڪتاب)
4.     ھڪڙو ھئو سنڌي واپاري (اصلوڪين سنڌي ڪھاڻين جو مجموعو)؛ صفحا، رتن ڪتاب گھر احمدآباد سال
5.     ڇايا مايا (اصلوڪيون ڪھاڻيون)؛ صفحا ۷۰، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۸ع.
6.     سمترا (چونڊ اصلوڪيون آکاڻيون)؛ (انعامي ڪتاب) (سوراشٽر يونيورسٽيءَ جو درسي ڪتاب) صفحا ۹۹، رتن پبليڪيشن احمدآباد، ڇپائيءَ جو ۱۹۸۰ع.
7.     سنگتراش؛ صفحا ۹۸، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۰ع
8.     زندگي تو بنا اُداس آ اُداس؛ صفحا ۷۲، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۷۱ع.
9.     ڪچي ڀت (چونڊ آکاڻيون)؛ صفحا ۶۶، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۷ع

ٻال رچنائون
1.     گلن جھڙا ٻارڙا
2.     سدا مھڪن گلڙا
جيون چرتر
1.     گرو نانڪ (انعامي ڪتاب) (جيوني ۽ وڪار) صفحا ۸۸، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، سال ۱۹۷۹ع.
2.     ساڌو واسواڻي (جيوني ۽ وڪار) سال ۱۹۷۵ع ڌاري احمد آباد انڊيا ۾ ڇپيو.
3.     سوامي وويڪانند
4.     ڀارت رتن
نظم
1.     گل ۽ آنسو (شاعري) صفحا ۶۳، رامو تولاڻيءَ، جنوري ۱۹۶۶ع ڌاري بڙودا انڊيا مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
2.     اڌورا گيت (شاعري) صفحا ۶۴، گوسوامي شيواپوري، ۱۹۶۲ع ڌاري جيپور انڊيا مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
ٻيا ڪتاب
1.     مضمون مالھا (چونڊ سنڌي مضمون) صفحا ۱۵۲، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، سال ۱۹۷۲ع.
2.     سنڌي مضمون
3.     اُپٽارون (اٺاويھن چونڊ سنڌي چوڻين جو مجموعو، جنھن ۾ انھن جي سمجھاڻيون ڏنيون ويون آھن) ۴۴ صفحن تي مشتمل اھو ڪتابڙو، سال ۱۹۴۶ع ۾ وشنداس اين چندناڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو ھيو.
4.     ادبي گل
5.     پکڙيل گل؛ صفحا ۱۰۱، ڪيرت مھرچنداڻي احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۲ع.
6.     شناخت، آکاڻيون، خط ۽ درخواستون (پنجين درجي کان نائين درجي تائين) صفحا ۴۵، دولت اسٽورس بڙودا انڊيا مان سال ۱۹۶۵ع ۾ ڇپيو.
7.     سليس سنڌي ويا ڪرڻ؛ صفحا ۸۶، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۷۱ع.
8.     دونھين جون لڪيرون (انوادڪ) (سنڌي ڪھاڻيون) ليکڪ؛ بروڪر گلابديس. ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۱ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
9.     تبصرو (ادبي ليک)؛ صفحا ۱۰۴، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۵ع.
10.اتھاس جو اڻ ٽٽندڙ سلسلو؛ آتم ڪٿا، سال ۱۹۸۸ع ڌاري لکيو ھيائين، جنھن ۾ ۱۹۴۷ع کان پوءِ جي سنڌي جيوت بابت ڄاڻ ڏنل آھي. Kirat Meharchandani (d. 1989). A fiction writer in Sindhi. Also write Itihasa Jo Ana-tutandara Silsilo, an autobiographical account (1988), which mirrored the Sindhi life after partition of the country in 1947. b. Krishnaprasad Misra. ...
11.گل ڦل (مضمون)؛ صفحا ۱۳۸، ڇپائيندڙ ڪيرت مھرچنداڻي، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۳ع

ترجما
1.     ٽينڊر بحال نه ٿيو. (سنڌي ڪھاڻيون) موھن مھرچنداڻيءَ سان گڏجي لکيائين. ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۶ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
2.     ھڪ ٻيو دروناچاريه (سنڌي ڊرامو). ليکڪ: شنڪر شيش. ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۴ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
3.     اوطاق (سنڌي ڊرامو) سال ۱۹۸۵ع ڌاري، رتن ڪتاب گھر احمدآباد انڊيا مان ڇپيو.
4.     روشنيءَ جا ترورا (سنڌي اصلوڪين ڪھاڻين جو مجموعو) ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۴ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
5.     پکڙيل گل (سنڌي مضمون) صفحا ۱۰۱، ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۵ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
سمپادن
1.     پشپانجلي
2.     وديارٿي (مخزن)
3.     انجلي (مخزن)
4.     جھرمر (ٻال رسالو)
5.     جھلڪ (مخزن)
6.     پدمڻي (مخزن)
7.     بووڪ (مخزن)
8.     چانڊوڪي (مخزن)
9.     سنڌيت (مخزن)
10.نئون گل (ڪھاڻيون) وغيرھ
11.دھشت ۽ ٻيون ڪھاڻيون؛ صفحا ۶۵، ڇپيندڙ ڪيرت مھرچنداڻي، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۶ع.

ترجما

ان کان علاوھ، ڪيرت مھرچنداڻيءَ ٻين ليکڪن سان گڏجي به ڪتاب لکيا يا ترتيب ڏنا جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا.
1.     اوائلي سنڌي نثر جو جائزو؛ مرليدر جيٽلي سان گڏ، صفحا۸۸، ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۶ع ۾ ڇپرايو.


سندس تذڪرو، مختيار احمد ملاح صاحب جي ڪتاب ’سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ منجھ ملي ٿو. جتي سندس ڪھاڻيڪار وارو پھلو اجاگر ڪيو ويو آھي. ٻڌايل آھي؛ ”ھو شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس ھيو. سندس ڪھاڻين جا ڪيترا ئي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ ’جيون ڌارا‘، ’سڌا‘، ’مونجھ‘، (۱۹۸۷ع) ۽ روشنيءَ جا ترورا (۱۹۸۴ع) اھم آھن. ڪيرت مھرچنداڻيءَ جي ڪھاڻين جو تعداد تمام گھڻو آھي.“

01 July, 2016

حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي - ادل سولنگي

حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي
هڪ شخص مئو ڇا هي! ڄڻ ڳوٺ مري ويو آ
ادل سولنگي
حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي جنهن ڦوهه جوانيءَ ۾ چڱ مڙسيءَ جي پڳ ٻڌي، پنهنجي راڄ ڀاڳ کي سنڀاليو. هي اهو زمانو هئو جڏهن محراب پور جو ڳوٺ ناري ڪناري سان آباد هوندو هئو. جڏهن ڳوٺ جي چئني پاسن کان انبن جا باغ هوندا هئا تڏهن ساريالو فصل مڙئي گهٽ ٿيندو هئو. زمينن ۾ ڪڻڪ جوئر، باجهر، چڻا ۽ مٽر پوکيا ويندا هئا. هي اهو زمانو هئو جڏهن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڀٽن، کهڙن ۽ اسراڻن جي سياست جي چاندي هوندي هئي. هي اهو زمانو هئو جڏهن ڏوڪري تعلقي ۾ وري موسيٰ خان ٻگهيو ۽ غلام عمر خان انڙ جي سياسي حڪمراني هوندي هئي. ڏينهن بدليا، زمانا بلديا، وقت بدليو، اسان محراب پور  جي هن رڄ مڙس کي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ويجهو ڏٺو، هن کهڙن سان به گڏ سياسي وکون کنيون، ٻگهين ۽ سيالن جي به سياسي سنڀال ڪئي. ڳوٺ محراب پور ۾ ڪنهن زماني ۾ هن راڄ ڌڻي، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ٻلهاڙي راند سان گڏ والي بال راند به ڪئي. ڪاري سونهاري ۽ ڇهپرن سان سدائين اڇا ڪپڙا پهريندڙ ۽ مٿي تي ململ يا بوسڪيءَ جي پڳ پائي بگي، گهوڙي جي سواري ڪندي مختلف ماڳن ڏانهن ايندو ويندو رهندو هئو. هو گهڻو ڪري اڪيلو جڏهن زمينن تي گهمڻ لاءِ نڪرندو هئو، تڏهن ڪلهي ۾ پسٽل وجهي هٿ ۾ ڇٽي جهلي گهوڙي تي سوار ٿي ڪنهن مغل شهزادي جيان نظر ايندو هئو.

30 June, 2016

ڀائو منور پيرزادو - الطاف پيرزادو

ڀائو منور پيرزادو
جنھن کي ٻلهڙيجي ساريندي
الطاف پيرزادو
ٻلهڙيجي جيئن ته مُهين جي دڙي جي ڪُک ۾ ۽ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي قائم سنڌو ماٿريءَ جو هڪ اهڙو ڳوٺ آهي جنهن جي ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ مهذب پڻو، انسانيت، اوکي ويل ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو جذبو سمايل آهي. سو اهڙو ڳوٺ، جيڪو مُهين جي پاڇي ۾ ۽ سنڌوءَ جي ڪناري تي قائم هجي، اتي مڻيادار ماڻهن جو جنمجڻ به فطري عمل آهي. منور پيرزادو به اهڙن مڻياندار ماڻهن مان هڪ هو جيڪو اربع ڏينهن يعني 27 جنوري 2016ع تي اسان کان وڇڙي ويو. منور جنهن کي اسان جي ٽهيءَ جا نوجوان اڪثر ڪري ”ڀائو“ سڏيندا هئا. سو ڀائو منور هاڻي اسان جي وچ ۾ ناهي.

ڊاڪٽر نواز علي شوق - سوز ٻروچ

ڊاڪٽر نواز علي شوق
سنڌيءَ جو برک عالم
سوز ٻروچ
سنڌ جو مشهور اديب منهنجو پيارو دوست ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ مان گڏ پڙهيا آهيون. سالن جا سال گڏ رهيا آهيون. گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻنهي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. شوق صاحب سٻاجهي طبيعت ۽ ذهانت سبب ڪاليج ۾ گهڻو مقبول ٿي ويو ۽ شاگرد يونين جو نائب صدر چونڊجي ويو. مون شروع ۾ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪئي، ان کان پوءِ اطلاعات کاتي ۾ نوڪري ڪيم ۽ اتان ئي رٽائر ٿيم. شوق صاحب وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو، جتي هن ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي ۽ ايل ايل بي ڪئي. بعد ۾ پرائيويٽ طور سنڌ يونيورسٽي مان اردو ادب ۾ ايم اي ڪئي.

29 June, 2016

رشيد ڀٽي

رشيد ڀٽي
شخصيت ۽ سندس ادبي ڪاوشون
ڀٽي، رشيد: ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو فرزند، ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ اروڙ، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سکر مان ورتي، ۱۹۵۹ع ڌاري لا ڪاليج سکر مان ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۸۴ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ پهريون نمبر کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سندس والد حافظ عبدالحميد -ڀٽي- پڻ مشهور صحافي ۽ اديب هو، سندس اثر هيٺ رشيد ڀٽيءَ ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هُو “المنار” اخبار ۽ “پرهه ڦٽي” مئگزين جو ايڊيٽر، “نئين سنڌ”، ڪراچي ۽ “ الوحيد” ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. هن جي پهرين ڪهاڻي “چوري” ۱۹۵۱ع ڌاري هفتيوار “روشني” سکر ۾ ڇپي. هو شروع کان ئي روشن خيال سوچ جو مالڪ رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، جنهن ڏوهه ۾ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. خوش مزاجيءَ ۽ کري ڳالهائڻ سبب دوستن ۾ سندس الڳ سڃاڻپ رهي.

حڪيم يوسف - مٺل جسڪاڻي

حڪيم يوسف
تمام سٺو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، تجزئي نگار، مضمون نگار...
مٺل جسڪاڻي
عالمي اوطاق (فيس بوڪ) معرفت سنگت جو هٿ وڌائيندڙ حڪيم يوسف (Hakim Yousif)، در اصل ٽنڊو محمد خان جي مشهور شخصيت حڪيم محمد يوسف کتري صاحب آهي. پاڻ ساڳئي وقت ناميارو وڪيل بہ آهي. ڪنهن دور ۾ مشهور ۽ معروف صحافي طور بہ سڃاتو ويندو هو (اڄ ڪلهہ ڪي ٿورا کيس صحافي هجڻ جي ناتي سڃاڻن). جڏهن تہ حڪيم يوسف تمام سٺو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، تجزئي نگار، مضمون نگار بہ آهي.

پروفيسر اياز حسين قادري


هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾
ڊاڪٽر ناهيد پروين
اياز حسين قادري کي سنڌي جديد افساني جي بانيڪارن ۾ ليکيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ آيل ماٺار جي انت ۾ جن ليکڪن بنيادي ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ اياز قادري جو نالو شامل آهي. قادري صاحب جو تعلق هڪ علمي ۽ ادبي ڪٽنب سان هو، سندن نانو ۽ مامو ادبي دنيا جي اهم شخصيتن مان هئا، ۽ سندن علمي توڙي ادبي تربيت ۾ سندن مامي ميان غلام عباس قادري جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. قادري صاحب، بنيادي طور تي شاعر هو، پر پاڻ وقت به وقت ڪهاڻيون به لکندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس ڪهاڻين جو انگ ڪو تمام گهڻو ڪونهي، پر سندس هر ڪهاڻي بهترين شاهڪار ڪهاڻي آهي. “بلو دادا” سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو ۱۹۵۷ع ڌاري شايع ٿيو. جنهن کان پوءِ ان جا ڪيترا ئي ڇاپا آيا. سندن لاڏاڻي کان پوءِ قادري قلم قبيلي پاران سندن ڪهاڻين جو مجموعو “ڪهاڻي هر دور جي” جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ بلو دادا مجموعي کان سواءِ بعد ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپيل سندن ڪهاڻيون ۽ ڪجهه اڻڇپيل ڪهاڻيون پڻ شامل آهن. اياز قادري صاحب جنهن دور ۾ ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي، ان دور ۾ “ٽماهي مهراڻ” ۽ “نئين زندگي” سنڌي ادب جا اهم ۽ معياري رسالا ليکبا هئا، ۽ قادري صاحب جا افسانا انهن ٻنهي رسالن ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندا هئا.

الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ - ثريا ڪپري

الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ
نج سنڌي کاڌن جي ماهر ۽ ان تي پهريون بلاگ ٺاهيندڙ
ثريا ڪپري
(هي اليڪٽرونڪ انٽرويو مون نيو جرسي آمريڪا مان ادي الڪا ڪيسواڻي کان هندوستان جي مکيه شهر ۽ واپاري مرڪز ممبئي مان ورتو آهي. هوءَ سنڌي کاڌن کي انٽرنيٽ تي سهڻي نموني سهيڙي، ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ڪرڻ جو  فرض سرانجام ڏيڻ ۾ 2008 کان رڌل آهن.)
کاڌو ڪنهن به قوم جي رهڻي ڪهڻيءَ جي سڃاڻپ هوندو آهي،سنڌ ۾ گهٽ ماڻهن کي ان جو اونو آهي، اسان جو ايندڙ نسل صرف ٽي وي تي انڊيا جي اتر پرديش ۽ بِهار صوبن، يا مغلن جا کاڌا يا وري اولهه جي ملڪن جا کاڌا ٺاهڻ جون ترڪيبون ڏسي وڏو پيو ٿئي، اهو اڳتي هلي اهي مصالحا سنڌي کاڌن ۾ استعمال ڪندو ۽ پنهنجي سنڌي کاڌا ٺاهڻ جو طريقو وساري ويهندو. ڪنهن کي به ان ڳالھ جي ڳڻتي ناهي ته سنڌي کاڌا اسان جي ثقافت جو اهم جز آهن. نج سنڌي کاڌا ٺاهڻ جا طريقا ۽ انهن جي تصويرون ڪتابي شڪل ۾ آڻجن ۽ انٽرنيٽ تي رکجن ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي ثقافت کي نه وسارين.

فقير جمال الدين - نور سنڌي

فقير جمال الدين
گيڙو ويس پهريل فقير - ورسيءَ جي حوالي سان
نور سنڌي
فقير جمال الدين لطيف سائين، سچل سرمست، چيزل شاهه، منٺار فقير راڄڙ، اعجاز سائين، خوش خير محمد، ٻڍل شاهه، حسن بخش شاهه هادي، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين صوفي بزرگ شاعرن جو صوفياڻو ڪلام ڳائي فن جي دنيا ۾ وڏي شهريت ماڻي. سندس وڏا جيلسر مير جا هئا. پاڪستان جي قيام بعد اتان لڏي موجوده ڳوٺ عبدالرشيد مري لڳ ٻوٻي آئل فيلڊ ۾ اچي پنهنجا پکڙا اڏيا، سندس خاندان ۾ ڪيترائي فنڪار ٿي گذريا آهن، جن ۾ سندس ڏاڏو طالب فقير والد مصري فقير پنهنجي دور جا وڏا فنڪار ٿي گذريا آهن. جمال الدين فقير 1951ع ڌاري مصري فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ صرف پرائمري جا 5 درجا ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪري سگهيو. کيس قرآن شريف پڙهائيندڙ مشهور مولوي چنيسر ملاح هو.

28 June, 2016

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ - محمد قاسم مير جت وڪيل

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ
سندس ڪيل محنتون
محمد قاسم مير جت وڪيل
انساني فطرت جيان اسان به جنهن سان محبت ڪريون ٿا، جنهن سان هڪ ڀيرو پنهنجي دوستي ۽ سڄڻائپ جا ناتو ڳنڍيون ٿا، ان دوست، سڄڻ يا مُحبتي ۾ ڪي اوڻايون، ڪي خود-مطلبيون ۽ ڪي بيوفايون به لڪل آهن. انهن جي باري ۾ لطيف ”پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي“ چڱاين کان سواءِ ٻي پاسي سوچڻ به گناهه ڪري ورتو آهي. اهو رويو رڳو انساني ناتن رشتن ڏانهن به آهي ته علائقن، شهرن، ڳوٺن ۽ زمين جي ٽڪري جنهن سان اسان جو جذباتي لڳاءُ آهي، ان ڏانهن به آهي. جدلياتي عالم سماجي مونجهارن جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتا ته جيڪا شيون ۽ لقاءَ ظاهري طرح صحيح سلامت، مستقل رهندڙ ۽ اڻ جُهرندڙ ۽ هڪ ڪَريون نظر اچن ٿيون، پر اصل ۾، انهن جي اندر ڀڃ ڊاهه، هڪ ٻئي جي ابتڙ لاڙا ۽ طاقتون موجود آهن.

استاد منظور علي خان


استاد منظور علي خان
اربيلو استاد
ممتاز مرزا
انسان پنھنجي حياتي ۾ ڇا ڇا نٿو ڏسي! ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ٻڌي سڻي ٿو ۽ ڪيئن انھن ڳالھين کي پٺي پويان اڇلي سڀ ڪجھه وساري ائين ڄڻ ڪجھه نه ٿيو ھجي. زندگي جو ڊوڙ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن سوچجي ته انسان جي اھا خوبي به آھي ھو سڀ ڪي جھٽ پل ۾ وساري ويھي نه ته ھيءَ دنيا جا ٽڪساٽ ۽ جنسار ھوند ڪڏھن به نه ھجن ھا پر اھڙن حالن جي باوجود، ڪي ڪي گھڙيون اھڙيون ٿينديون آھن جي وسارڻ جي ڪوشش ڪجي ته به نه وسرن. اھڙي ئي ھڪ ساعت ۾ سيپٽمبر ۱۹۸۰ تي آئي آءُ صبح جو ساڍي نوين بجي ڪراچي ٽي وي تي سچل سرمست جي عرس بابت پروگرام ”سچل سارو سچ“ جي ايڊيٽنگ ۾ مشغول ھئس جو حميد آخوند جو نياپو مليو ته مان ھن سان فون تي ڳالھايان، فون ڪيم چيائين؛ ”استاد منظور علي خان رات گذاري ويو.“
مون کي يقين نه آيو.
چيائين؛ ”جي تعزيتي پروگرام ڪريو ته مان به شرڪت ڪندس.“