; سنڌي شخصيتون

30 January, 2013

الياس عشقي - ڊاڪٽر سحر امداد حسيني


الياس عشقي
وهه ماکي جي ڪن
ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
الياس عشقي هڪ شاعر هو. هن جي مزاج، هن جي رويي، هن جي دل، هن جي حساسيت، هن کي ساري سڀ ڄمار نج پج شاعر ئي رهڻ ڏنو. جيتوڻيڪ وڏيءَ عمر ۾ هو تحقيق ڏانهن پڻ نهايت سنجيدگيءَ سان ويو، هن پي ايڇ ڊي به ڪئي. هو سنڌ جي انهن چند خوش نصيب ماڻهن منجهان هو، جن کي ساڳئي وقت گهڻين ٻولين تي عبور هو. فارسيءَ ۾ ڪيل سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”شهر آشوب“ ڇپيل آهي، جيڪو فارسيءَ تي سندس دسترس کي ظاهر ڪري ٿو. جديد سنڌي شاعريءَ جي چونڊ شاعرن جو اردوءَ ۾ ڪيل بهترين ترجمو ”موج موج مهراڻ“ ترجمي کان وڌ تخليق ڀاسي ٿو، جنهن جو بنيادي ڪارڻ عشقي صاحب جو سنڌي ٻوليءَ تي عبور هو. ان ترجمي جو ڪمال اهو آهي ته سنڌي شاعريءَ جو اردو شاعريءَ ۾ ترجمو ڪندي، بحر وزن کي قائم رکندي به، سنڌي شعر جي منظوميت ۽ معنويت کي ڇيهو نٿو رسي، شعر جو روح ضربجي نٿو. الياس عشقيءَ نه رڳو سنڌي شاعريءَ جو ترجمو ڪيو، پر هن سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام خوبصورت شاعري پڻ ڪئي. هن جو شعري آهنگ، سنڌي ٻوليءَ تي سندس دسترس، خوبصورت خيال کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سمائڻ ۽ خود سنڌي شاعريءَ جي مختلف صنفن ۽ انهن جي مختلف مزاج پٽ-اندر انهن صنفن کي ورتائڻ جو هنر، خوبصورت خيالن کي تز سنڌي ٻوليءَ ۾ سمائڻ جو حسن، سنڌ ۽ سنڌيت سان عشقيءَ جي عشق جو دليل آهي.

27 January, 2013

ممتاز مرزا - طارق عزيز شيخ


ممتاز مرزا
سنڌي ثقافت جو روشن ستارو
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو اديب، ڊرامه رائيٽر، نثر نويس ۽ ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ڪمپيئر ممتاز مرزا حيدرآباد ۾ ۲۹ نومبر ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ئي حاصل ڪئي. ممتاز مرزا جو والد مرزا گل حسن بيگ ”احسن ڪربلائي“ انگريزن جي دور جو ناميارو شاعر هو، سندس واسطو مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، محمد بخش واصف سميت ان دور جي مايه ناز عالمن اديبن سان هو، انهي ڪري ممتاز مرزا تي به علمي ادبي ماحول جو اثر ننڍپڻ کان ئي پيو. مرزا گل حسن بيگ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر هو، تنهن ڪري ممتاز مرزا به والد سان گڏ ريڊيو تي وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن هن جي ڄمار اڃا ۱۶ ورهيه هئي، اهو ئي زمانو هو جو سندس ڪمپيئر ٿيڻ وارو شوق جاڳيو. والد صاحب جي صحبت، علمي ادبي محفلون ۽ سرگرميون هن جي مٿان اثر انداز ٿينديون ويون.

25 January, 2013

ذوالفقار علي ڀٽو - آصف جيلاني


ذوالفقار علي ڀٽو
گهڻ رخي ۽ گهڻ رنگي شخصيت
آصف جيلاني
اها ۱۹۵۴ع جي ڳالهه آهي، مظفر علي منصوري صاحب، جيڪو انهن ڏينهن ۾ اي پي پي ۾ هو ۽ ڊان جي مشير حسن سان گڏ آئون سنڌ چيف ڪورٽ جي ڪيفي ۾ ويٺو هئس ته ڇويهن سالن جو هڪ نوجوان، سنهي چنبڙيل پتلون، جسم تي ڇڪي چاڙهيل ڪوٽ، چمڪدار غير ملڪي جوتا پاتل ۽ چال اهڙي جو ڄڻ فرش تي رقص تي موسيقي جي تيز ڌن سان قدم ملائي رهيو هجي. هي ذوالفقار علي ڀٽو هو، جيڪو ڪيليفورنيا جي برڪلي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ تازو تازو پاڪستان موٽيو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئائين. ان زماني ۾ هو سنڌ جي مشهور وڪيل رام چنداڻي ڏنگو مل جي چيمبرس سان لاڳاپيل هو. گانڌي گارڊن جي پٺيان ان علائقي ۾، جيڪو گارڊن ايسٽ سڏجندو هو، هي پنهنجي والد سر شاهنواز جي بنگلي ۾ رهندو هو. آئون ان زماني ۾ ان علائقي ۾ خيرپور هائوس جي ويجهو رهندو هئس ۽ وقت بوقت ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي. سنڌ چيف ڪورٽ جي ڪيفي ۾ مونکي ڏسي هو اسان جي ميز ڏانهن آيو هو. انهن ڏينهن ۾ هو تمام گهڻو خوش هو. چوڻ لڳو: ”آصف، مونکي پهريون ڪيس مليو آهي، جيڪو تمام گهڻو اهم آهي. سنڌ جي هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئيءَ کي وزير اعلى ايوب کهڙي گرفتار ڪرائي ورتو آهي، آئون ان جي ناحق بند ۾ رکڻ خلاف درخواست داخل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وڃي رهيو آهيان، پر مونکي ڊپ آهي ته کهڙو مونکي به گرفتار ڪرائي وٺندو.“ وري ڪجهه دير ترسي چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن چئن ڏينهن کانپوءِ آئون ڪراچيءَ نه موٽان ته تون منهنجي ناحق بند ۾ رکڻ خلاف درخواست داخل ڪرائجانءِ.“

قاضي نور محمد لغاري - خليل کوسو


قاضي نور محمد لغاري
لنڊن جي عجائب گهر ۾ موجود سنڌي خطاطي
خليل کوسو
گرهوڙيءَ جي سنڌيءَ جو ڪاتب، قاضي نور محمد لغاري ولد حافظ دريا خان لغاري ۱۸۷۶ع ۾، ٽنڊي الهيار جي لڳ مسڻ ۾ ڄائو. لاکي شاهه (ٻير موري ميرپور خاص) واري مدرسي ۾، ان وقت جي جيد عالم مولانا محمد علي سنڌيءَ وٽ، محمد عثمان قِراني جهڙي ڪمال جي عالم جو ’ڌوڙي‘ ٿيو. هونئن به مدرسن جي طالبن جا اکر اعليٰ قسم جا هوندا آهن، مرحوم قاضي صاحب ڪانهن جي قلم سان، جيڪي لافاني لفظ لکيا، شايد پنا به رِيس ڪندا هوندا ته شل قاضي صاحب قلم جي ڪَر اسان ڏانهن موڙي. نور محمد صاحب احمد شاهه گرهوڙ واري وٽ ٻني ٻاري جو ليکو چوکو ڪندي ’قاضي‘ جو لقب ماڻيو. هارين نارين جا حساب ڪتاب جنهن دوات سان دفترن تي درج ڪندو هو، احمد شاهه اُهي اکر ڏسي ’انگشت بدندان‘ ٿي ويو. هڪ ڏينهن نور محمد ڏانهن نگاهه ڪندي شاهه صاحب فرمايو ته، ”قاضي صاحب! توهان اگر گرهوڙيءَ جي ڪاتبن ۾ شمار ٿيو ته ڪَر بنهه ڀلو ٿيندو.“ ڪاتب صاحب به ان گذارش کي غنيمت سمجهندي سفيد پنن تي گرهوڙيءَ جي گوهرن جون مالهائون پوئڻ لڳو.

مهناز بيگم - مصطفى ملاح

مهناز بيگم جو لاڏاڻو
غزل ۽ ٺمري جو الاپ بيهي ويو
مصطفى ملاح/ڪراچي
فلم، ٽي وي ۽ ريڊيو جي ڀلوڙ ڳائڻي ٺمري ۽ غزل ۾ مهدي حسن کانپوءِ پنهنجي آواز سان ڪروڙين ماڻهن جو دليون کٽيندڙ، مهناز بيگم ڪالهه پنهنجي بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ لاءِ آمريڪا وڃي رهي هئي، ته جهاز ۾ سفر دوران ئي هن جي طبعيت خراب ٿي پئي ۽ هن کي بحرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هوءَ ۵۵ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

استاد محمد جمن - مصطفيٰ ملاح


استاد محمد جمن
سُرن جو بادشاهه
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
لوڪ موسيقيءَ جي بنيادي سڃاڻپ منجهان هڪ اهڙي سڃاڻپ، جنهن جي ڪري ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ کي سُرن تي سر ڏيندڙ ماڻهن جي ديس طور سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ اندر لوڪ موسيقيءَ جو ذڪر ڪرڻ سان چند اهڙا فنڪار اکين آڏو تري ايندا، جن راڳ جي منفرد انداز ۽ آلاپ سبب پنهنجي تاحيات سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي، اهڙن فنڪارن ۾ وري استاد محمد جمن جو نالو هر جڳ ۾ نرالي انداز سان ياد رکيو ويندو. قدرت، محمد جمن کي اهڙي ته آواز سان نوازيو هو، جو کيس ٻڌندڙ سدائين دَنگ رهجي ويندا هئا ۽ داد ڏيڻ بنا نه رهي سگهندا هئا.

استاد محمد جمن - غلام محمد ٻگهيو


استاد محمد جمن
سنڌي موسيقي کي منفرد آواز ۽ ڌنون ڏيندڙ
غلام محمد ٻگهيو
سنڌ اهو خطو آهي جنهن پنهنجي تهذيب تمدن ثقافت، علم ادب فن ۽ سنگيت جي ڪري دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آهي سنڌ ڌرتي ڪيترائي عالم، اديب، شاعر، تاريخدان ۽ فنڪار پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي سڄي دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي مهان فنڪارن مان محمد جمن به هڪ آهي. جنهن پنهنجي سٻاجهڙي انداز سان سنڌي موسيقي وسيلي پنهنجو نالو روشن ڪيو.

18 January, 2013

دادن فقير

دادن فقير

سنڌ جو ناميارو شاعر

گل حسن جانوري/راڌڻ



سنڌ جو ناميارو شاعر دادن فقير، ڳوٺ ميانداد چنچڻي، تعلقي وارهه ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم ڳوٺ محراب سنديلو ۾ حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ شاعر ۽ عالم نجف علي تارڪ وٽ عربي ۽ فارسي پڙهيو. جيئن سنڌ ڌرتيءَ کي سرجڻهار قيمتي وسيلن سان مالامال ڪيو آهي، تيئن سنڌ جي سٻاجهڙي سرزمين تي جوڌن جوانن، فقيرن، وينجهارن، اديبن ۽ شاعرن مان هڪ قيمتي هيرو پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي خوبصورت ۽ دل کي ڇُهندڙ شاعريءَ وسيلي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻ چمڪائي عوامي شاعر جو مرتبو ماڻيو. انهيءَ سرموڙ شاعر کي سنڌ جو هر شخص استاد دادن فقير جي نالي سان سڃاڻي ٿو.

سونهن لڌي رستماڻي - معصوم سنڌي

سونهن لڌي رستماڻي
معصوم سنڌي
سونهن لڌي رستماڻي جو جنم ۳۰ آگسٽ ۱۹۹۲ع تي واهي پانڌيءَ جي ڳوٺ غيبي خان رستماڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم مهراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول ڄامشوري، ميٽرڪ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ڪراچي، انٽر گلشن ڊگري ڪاليج ڪراچي، جڏهن ته انڊر گريجوئيٽ ايڪسچينج جي اسڪالرشپ تي پينسيلوينيا جي ڪيرن يونيورسٽي جو پنڌ ڪيو. سندس پيءُ ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي ۽ امڙ زاهده پري، سونهن رستماڻي کي مرڳو هڪ پٽ جيان پاليو. پر هن سان گڏوگڏ هن جي تربيت به ڪجهه اهڙي انداز سان ڪئي آهي جو، اڄ هوءَ ننڍي عمر جي نوجوان (شاگردن) جي ڀيٽ ۾ ملڪي سياست، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جو تمام گهري نظر سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ٿي. هو مرڳو عملي طرح سماجي سرگرميون جاري رکي ٿي. پر ان سان گڏوگڏ مشاهداتي طور تي انهن کي پروڙي ان جي حل ۽ حاصلات لاءِ قلم جو سهارو وٺي، مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾، مضمون وغيره به لکندي رهي ٿي.

15 January, 2013

اي آر ناگوري - مصطفيٰ ملاح


اي آر ناگوري
هڪ عظيم مُصور
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
پوري زندگي آرٽ کي ڏيندڙ ۽ رنگن سان آمريت خلاف جدوجهد ڪندڙ، اي آر ناگوري جي وڇوڙي کي ٻه سال گذري ويا آهن. اي آر ناگوري کي سنڌ ۾ مُصوريءَ جو بنياد وجهندڙ چئجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڇو ته هن پنجاب جي ڪوهاٽ واري فائن آرٽ کي ڇڏي، سنڌ جي ماڻهن جو مصوريءَ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽ جو بنياد وڌو. پر اڄ هن کي اسان سڀ وساري ويٺا آهيون. سنڌ جي دردن کي چِٽيندڙ ۽ سياسي احتجاجن کي فن ذريعي متعارف ڪرائيندڙ پهريون سياسي مصور، اي آر ناگوريءَ جو اصل نالو عبدالرحيم هو.

استاد خميسو خان - گلبهار ڏيٿو


استاد خميسو خان
سنڌ جو مشهور ڍولڪ نواز ۽ راڳي
گلبهار ڏيٿو
سنڌ ۾ ڪيترا ئي ماڻهو تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن. انهن جا ڪردار ۽ انهن جون نشانيون هميشه ياد ۽ دل اندر رهنديون آهن. فن سان تعلق رکندڙ استاد خميسو خان چانڊيو جي ڳالهه ڪجي ته اها به گهٽ ٿيندي. ڇو ته استاد به پنهنجو پاڻ کي مڃرائي، ڪيئي شاگرد بڻائي ڇڏيا. سال ۲۰۱۲ جي بيدرد سال جي ڳالهه ڪجي ته هُن بيوفائي جو مظاهرو ڪري، اسان کان هڪ وڏو استاد خميسو خان چانڊيو به کسي ورتو. تاريخ ۱۵ جنوري جي شام ۵ لڳي ڌاري سنڌ جو مشهور ڍولڪ نواز ۽ مشهور راڳي، جيجي الهه وسائي جو ور، استاد خميسو خان چانڊيو، سمورن مداحن کي اڪيلو ڪري هليو ويو. پر سندس ڪيل خدمتون هميشه جي لاءِ ياد رهنديون.

محمد فقير گهوٽو - عبدالحي ڀٽو


محمد فقير گهوٽو
تصوف جي پرچار ڪندڙ
عبدالحي ڀٽو
جڏهن اسين سنڌ جي سرزمين جي هر ڪنڊ، ڪڙڇ تي هڪ نظر وجهنداسين ته اسان کي انسانيت جي پيروڪار، صوفي، ولي درويش، بزرگ ۽ الله لوڪ ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا. انهن مان گهوٽڪي لڳ ڳوٺ حسين ٻيلي جو درويش ۽ امن جي واٽ ڏيکاريندڙ محمد فقير گهوٽو به هڪ آهي. جنهن پنهنجي سڄي زندگي ماڻهن کي سڌو رستو ڏيکارڻ سان گڏ، ماڻهن کي امن ۽ محبت سان هلڻ جا سمورا گس ڏيکاريا. سندس شاعري ۾ صوفين جا سمورا رنگ سمايل آهن ۽ هو چوي ٿو ته:

منشي ابراھيم

منشي ابراهيم

سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر

محمد سليمان وساڻ



جنگ جنگ جنگ آ تو سان منهنجي جنگ آ

پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ

سنڌ جي انهن قومي شاعرن جو جڏهن به ذڪر نڪرندو جن ڌرتيء سان ڪيل عشق جي شاعري ڪندي پوري زندگي ڏاڍ جو مقابلو ڪيو انهن عظيم ڪردارن مان مرحوم منشي ابراهيم جو نالو به نمايان هوندو. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جا ڪيترا ئي سپوت ۽ جوڌا جن پنهنجي پوري حياتي سنڌ جي ڏکن، سورن ۽ جدوجهد لاءِ ارپي آهي. جيڪي سنڌي قوم جي اجتمائي مفادن ۽ سنڌ جي آجپي جي رکوالي ڪندي، تاريخ جو سنهري باب بڻجي ويا آهن. منشي محمد ابراهيم به انهن امر ڪردارن مان هڪ قومي شاعر آهي. ضلعي ٽنڊو محمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو پورهيت ڪٽنب سان تعلق رکندڙ منشي محمد ابراهيم ۱۵ جنوري ۱۹۳۴ع ۾ ديني عالم شاعر مولوي محمد اسحاق سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو هو. سندن والد به ان وقت بهترين شاعرن مان هڪ ليکيو ويندو هو.