; سنڌي شخصيتون: سونهن، لڌي، رستماڻي، معصوم، سنڌي،
Showing posts with label سونهن، لڌي، رستماڻي، معصوم، سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label سونهن، لڌي، رستماڻي، معصوم، سنڌي،. Show all posts

18 January, 2013

سونهن لڌي رستماڻي - معصوم سنڌي

سونهن لڌي رستماڻي
معصوم سنڌي
سونهن لڌي رستماڻي جو جنم ۳۰ آگسٽ ۱۹۹۲ع تي واهي پانڌيءَ جي ڳوٺ غيبي خان رستماڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم مهراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول ڄامشوري، ميٽرڪ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ڪراچي، انٽر گلشن ڊگري ڪاليج ڪراچي، جڏهن ته انڊر گريجوئيٽ ايڪسچينج جي اسڪالرشپ تي پينسيلوينيا جي ڪيرن يونيورسٽي جو پنڌ ڪيو. سندس پيءُ ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي ۽ امڙ زاهده پري، سونهن رستماڻي کي مرڳو هڪ پٽ جيان پاليو. پر هن سان گڏوگڏ هن جي تربيت به ڪجهه اهڙي انداز سان ڪئي آهي جو، اڄ هوءَ ننڍي عمر جي نوجوان (شاگردن) جي ڀيٽ ۾ ملڪي سياست، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جو تمام گهري نظر سان مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ٿي. هو مرڳو عملي طرح سماجي سرگرميون جاري رکي ٿي. پر ان سان گڏوگڏ مشاهداتي طور تي انهن کي پروڙي ان جي حل ۽ حاصلات لاءِ قلم جو سهارو وٺي، مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾، مضمون وغيره به لکندي رهي ٿي.