الياس عشقي
وهه ماکي جي ڪن
ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
الياس عشقي هڪ شاعر هو. هن جي مزاج، هن جي رويي، هن
جي دل، هن جي حساسيت، هن کي ساري سڀ ڄمار نج پج شاعر ئي رهڻ ڏنو. جيتوڻيڪ وڏيءَ عمر
۾ هو تحقيق ڏانهن پڻ نهايت سنجيدگيءَ سان ويو، هن پي ايڇ ڊي به ڪئي. هو سنڌ جي انهن
چند خوش نصيب ماڻهن منجهان هو، جن کي ساڳئي وقت گهڻين ٻولين تي عبور هو. فارسيءَ ۾
ڪيل سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”شهر آشوب“ ڇپيل آهي، جيڪو فارسيءَ تي سندس دسترس کي ظاهر
ڪري ٿو. جديد سنڌي شاعريءَ جي چونڊ شاعرن جو اردوءَ ۾ ڪيل بهترين ترجمو ”موج موج مهراڻ“
ترجمي کان وڌ تخليق ڀاسي ٿو، جنهن جو بنيادي ڪارڻ عشقي صاحب جو سنڌي ٻوليءَ تي عبور
هو. ان ترجمي جو ڪمال اهو آهي ته سنڌي شاعريءَ جو اردو شاعريءَ ۾ ترجمو ڪندي، بحر وزن
کي قائم رکندي به، سنڌي شعر جي منظوميت ۽ معنويت کي ڇيهو نٿو رسي، شعر جو روح ضربجي
نٿو. الياس عشقيءَ نه رڳو سنڌي شاعريءَ جو ترجمو ڪيو، پر هن سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام خوبصورت
شاعري پڻ ڪئي. هن جو شعري آهنگ، سنڌي ٻوليءَ تي سندس دسترس، خوبصورت خيال کي سنڌي ٻوليءَ
۾ سمائڻ ۽ خود سنڌي شاعريءَ جي مختلف صنفن ۽ انهن جي مختلف مزاج پٽ-اندر انهن صنفن
کي ورتائڻ جو هنر، خوبصورت خيالن کي تز سنڌي ٻوليءَ ۾ سمائڻ جو حسن، سنڌ ۽ سنڌيت سان
عشقيءَ جي عشق جو دليل آهي.