; سنڌي شخصيتون

26 April, 2021

مير علي بخش خان شاهواڻي ٽالپر- اعظم ڀٽي

مير علي بخش خان شاهواڻي ٽالپر

ٽنڊو محمد خان جي شاهواڻي ٽالپرن جو ناليوارو جاگيردار

اعظم ڀٽي



ٽنڊو محمد خان جي شاهواڻي ٽالپر جي تاريخ تي جيڪا دز چڙهيل آهي، ان ڪيترن ئي ڪردارن کي ميرانجهڙو ڪري ڇڏيو. جيڪي ڪردار انگريزن سان جرئتمندي سان لکپڙهه ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا، انهن جي ڪردار کي الاء ته ڇو تاريخ ۾ مخفي رکيو ويو. ڇا ان سموري ڪاروهنوار ۾ شعوري هٿ شامل هئا يا اڃان ڪو ٻيو سبب برپا ٿيل هو. انهن ئي ڪردارن مان شاهواڻي ٽالپرن جو ناليوارو جاگيردار مير علي بخش خان ٽالپر به هڪ هو.

06 April, 2021

ڪامريڊ غلام رسول سهتو

ڪامريڊ غلام رسول سهتو

ھاري حقن جو اڳواڻ، بزرگ صحافي ۽ کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سھتو لاڏاڻو ڪري ويو



حيدرآباد: هاري حقن جو اڳواڻ، بزرگ صحافي ۽ کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو ڊگهي بيماري بعد ۷۳ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪامريڊ غلام رسول سهتو ڳچ عرصي کان بيماري سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، ڊاڪٽرن موجب ڪامريڊ غلام رسول کي دل، گردن ۽ شگر جون بيماريون هيون. ڪامريڊ غلام رسول سهتو هاري حقن جو اڳواڻ هو ۽ پ پ جي گذريل حڪومت ۾ هن هارين جي حقن لاءِ حيدر آباد کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ ۱۰۰ ڏينهن کان وڌيڪ بک هڙتال پڻ ڪئي هئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۱ع تي کنيل)

 

14 March, 2021

ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ

ارباب کھاوڙ

منهنجو استاد، منهنجو دوست

رسول ميمڻ



مون کي ياد آهي ارباب کهاوڙ سان پهرين ملاقات ۱۹۷۳ع ۾ ٿي. هو ٽيبل تي ويهي، ڪرسيءَ تي پير رکي سمرسٽ ماهم جو ڪتاب پڙهي رهيو هيو.

اهو آف وائيٽ بنگلو هيو، بلڪل نئون ۽ ان جي هڪ ڪمري ۾ ارباب رهندو هيو. ننڍي قد ۽ چست جسم وارو. سگريٽ مٿان سگريٽ، چين (Chain) سموڪر، جتي به ويهندو ته ڪمرو دونهي ۽ ماڻهن سان ڀرجي ويندو. خوش مزاج ۽ دلچسپ ڳالهه تي وڏو ٽهڪ ڏئي کلندڙ. هن جا ٽهڪ ڪمري ٻاهران ورانڊي ۽ پڌر ۾ شرارتي ٻارن جيان ڊوڙون پائيندا هيا.

13 March, 2021

محمد سليمان وساڻ

محمد سليمان وساڻ

سيبتو شخص - ۱۳ مارچ ۱۹۷۶ع تي جنم ڏينهن جي نسبت سان

مٺل جسڪاڻي



سليمان وساڻ سان پهرين عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي، پوءِ موبائيل فون وسيلي رابطو ٿيو ۽ ۲۸ آگسٽ ۲۰۱۵ع تي ڪراچيءَ ۾ محمود مغل جي ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“ جي مهورتي تقريب دوران، پهرين روبرو ملاقات ٿي. تمام گهڻو محنتي، محبتي، خوش اخلاق ۽ خوش طبيعت شخص سان ملي، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي.

07 March, 2021

نرگس لطيف

نرگس لطيف

هڪ عورت، جنهن ڪچري مان سون بنائڻ جونعرو ڏئي، پوري دنيا کي متوجهه ڪيو آهي.

جان خاصخيلي



جڏهن نرگس لطيف سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ آئي هئي ته ڪجهه دوستن سان هن جي اڳئي واقفيت هئي پر اهو سندس شخصيت ۽ بردباري جو ڪمال هو ته هوءَ جلدي ۾ سڀني سان ملي جُلي وئي هئي ۽ هن کي ڪا به اوپرائپ محسوس نه ٿي. ان وقت هوءَ صحافت سان لاڳاپيل هئي. هوُءَ ڊان، فرنٽيئر پوسٽ، دي مسلم، اسٽار ۽ ڊيلي نيوز لاءِ لکندي هئي ۽ سندس چوڻ موجب ان لکڻ مان ئي سندس اقتصادي ضرورتون پوريون ٿينديون هيون.

ڪشا رام راجپال

ڪشا رام راجپال

سريش ڪمار



سائين ڪشا رام راجپال تعليمي ۽ سماجي خدمت جو ھڪ نمايان ڪردار رهيو آهي.

شڪارپور جي علمي ماحول جي اھميت ۽ افاديت کي جيئن ھتان جي استادن ڄاتو. تيئن ساڻن ڪير ٿو ھمسري ڪري سگھي. ھر دور ھر ۽ نسل لاءِ ڏاھپ ۽ ڏات ۾ سرواڻ. اھو سڀ ڪجهھ مھان ۽ ترقي يافته تعليمي ادارن سبب ممڪن پئي ٿيو. انھن استادن ۾ شڪارپور جو استاد سائين ڪشا رام راجپال به ھڪڙو مثال بڻجي نروار ٿيو.

محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي

محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي

استاد الشعراءِ ۽ صديءَ جي ادبي اتهاس جو وارث

عبدالستار “آڪاش” ٽکڙائي



سڀ کان پهرين آئون سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سٿ خاص طور تي سيڪريٽري شاخ سائين آغا جان آغا ۽ ڪاروباري ڪميٽي، انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان ۽ مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن بزرگ شاعر سائين محمد دائود تاج ٽکڙائي جي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس مان ۾ هي پروگرام رکيو آهي، هي روايتون جس لهڻن، هنن روايتن جا امين به جس لهڻن جن سائين تاج ٽکڙائي جي زندگي ۾ کين مڃتا ڏني آهي. سائين شاعري ۾ منهنجو استاد آهي آئون ادب جو هڪ ادنى طالب آهيان ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ منهنجي ٻين شاعر دوستن جيان سکيا سائين تاج ٽکڙائي کان ورتي اٿم. سائين تاج ٽکڙائي، استادالشعراءُ ۽ سنڌي شاعريءَ جي هڪ اتهاس جو وارث آهي. اڄ سائين تاج ٽکڙائي جي شاگرد هئڻ جي ناتي اوهانجي اڳيان سائين جي زندگي ۽ سندن ادبي ڪم تي ضرور روشني وجهندس.

05 March, 2021

حافظ محمد اسلم مھيسر رفيقوي

حافظ محمد اسلم مھيسر رفيقوي

مشهور صوفي شاعر - ستونجاھين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا

امتياز مهيسر



حافظ محمد اسلم مھيسر (اسلم رفيقوي) سال ۱۸۹۰ع ڌاري، حافظن جي ماڙيءَ ۾ سندس والد گرامي حافظ جان محمد مھيسر جي گهر، ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ جنم ورتو. حافظ جان محمد مھيسر خيرپور جي مير صاحبن جو استاد ۽ سندن حڪومت ۾ خاص معاون طور ڪم ڪيو. حافظ محمد اسلم مھيسر شروعاتي تعليم قرآن شريق پڙهڻ وغيره ٺيڙهي جي مشھور مدرسي دارلھدا ۾ حاصل ڪيائين بعد ۾ پنهنجي والد محترم حافظ جان محمد مھيسر وٽ قرآن شريف حفظ ڪيائون ۽ پڳ ٻڌائون. ان کان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جڳ مشهور عالم دين حضرت علامہ ميان غلام محمد مھيسر رحہ جي مدرسي درگاه ڪمالديرو شريف ۾ عربي ۽ فارسي پڙهي عالم دين بڻيا. حافظ محمد اسلم مھيسر ننڍپڻ کان ئي عشق جي رمز ۾ ٽمٽار رهيا. عشق مجاز جي ڏاڪڻ پار ڪري عشق حقيقت جي منزل ماڻيائون، جو جڏهن ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڇا وار اچي ويا تہ بي ساختہ چئي ڏنائون؛

14 February, 2021

علي احمد لنڊ

علي احمد لنڊ

هميشه لاء وڇڙي ويو

اعظم ڀٽي



مون هُن جي متعلق پهرين به لکيو هو ته ذاتي پسند يا ناپسند، عارضي ذاتي نوعيت جا اختلاف مجموعي سُٺاين واري عمل کان ڪڏهن به ڪنهن به صورت ۾ مٿي ٿي نٿا سگهن. اُهو به طئه ٿيل اصول آهي ته تنگ نظري يا ڪنهن به شعبي ۾ انتهاپسندي هميشه منفي اثر ڇڏيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن صفا معمولي قسم جا اختلاف سُٺن ناتن جو بنياد بڻجي ويندا آهن ته ڪڏهن وري سُٺا ناتا معمولي قسم جي ڳالهين جي ڪري ختم به ٿي ويندا آهن، پر حقيقت اِها آهي ته سَوين اختلافن جي باوجود به جنهن به فرد جو ڪردار جيترو لهڻي ٿو، اُهو حق ان کي ملڻ گهرجي، اُن جو هڪ سبب اِهو به آهي ته مون پنهنجي قلم کان ڪڏهن پٽڪن لاهڻ جو ڪم ناهي ورتو. اظهار جي آزادي ۽ اختلاف راءِ جو حق هر فرد کي فطري طور مليل آهي، پر اُن جو مقصد اِهو قطعي به ناهي ته ماضي، حال ۽ مُستقبل کي گڏائي ڪنهن به فرد جي مجموعي ڪردار بابت هڪڙي ۽ حتمي راءِ قائم ڪري ڇڏجي ۽ اُن مان صرف پنهنجي ذاتي مفاد جو نچوڙ چٽو ڪري بيهارجي. ماضيءَ ۾ جن ماڻهن لاءِ منهنجي راءِ هڪڙي هئي ته اڄ انهن بابت منهنجا ذاتي خيال ۽ رايا مختلف آهن. اڄ جن ڪردارن بابت منهنجي راءِ جيڪڏهن ڪا مثبت شڪل رکي ٿي ته ٿي سگهي ٿو ذاتي مشاهدن ۽ تجربن جي بنياد تي ايندڙ وقت ۾ انهن جي باري ۾ منهنجي راءِ اڃا به ٻي ڪنهن نوعيت جي هُجي. اُن سَموري ڪار گُذاري ۾ ذاتي ۽ فطري سوچ واري ڌارا جو عمل دخل اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن انسان جو ذهن سوچڻ، ڪن ٻُڌڻ ۽ اکيون ڏسڻ ڇڏي ڏين ته هر شيءِ جامد بڻجي ويندي ۽ جُمود جو شڪار ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي ذاتي خول مان ٻاهر نِڪري نٿو سگهي. آئون سائين جي ايم سيد جي اُن قول جو قائل آهيان ته ”سياسي اختلافن سبب پنهنجا ذاتي واسطا ڪڏهن به ختم نه ڪرڻ گهرجن.“ آئون سمجهان ٿو ته منهنجا اُهي ذاتي يا گروهي اختلاف جيڪي منهنجو ماضي بڻجي چُڪا آهن ۽ سياسي اختلاف پنهنجي جڳهه تي، پر انهن اختلافن مون کي هڪ صحافتي ۽ ادبي وابستگي جو بنياد فراهم ڪيو، هاڻي ته صحافت به منهنجو ماضي بڻجي چُڪي آهي، پر ادبي وابستگي اسان جي سماجي حلقي ۾ منهنجي شناسائي جي چادر کي وڌيڪ ڪُشادو ڪيو. شناسائي جو اُهو رستو کوڙ سارن ڪردارن سان گڏ ڪجهه ڪامورن سان به جُڙي پيو. اِها الڳ ڳالهه آهي ته اُنهن ڪامورن سان منهنجي وابستگي جي رَسي سندن رٽائرمينٽ کانپوءِ مضبوط ٿي، نه ته ڪيترن ئي الزامن جا تير مون تي به سڌا هُجن ها. اُنهن مان هڪ فرد اهڙو به هو، جيڪو مختلف حوالن سان گڏ هڪ علم ۽ ادب دوست واري ڪردار جي سُڃاڻپ به رکندڙ هو. اُن حوالي ئي مون کي سندس شخصيت تي قلم کڻڻ لاءِ قائل ڪيو. ٻيو هڪ اهم سبب اِهو به آهي ته هُن ۾ سَهپ ۽ برداشت جو مادو تمام گهڻو وزني رهيو، ڪير ڇا به چئي وڃي، هُو هر وقت مُسڪرائيندو رهندو هو. اهڙي قسم جي مُسڪراهٽ، مزاج ۽ طبيعت اڳئين ڪاوڙ ڪرڻ واري شخص لاءِ وڏي شرمندگيءَ جو سبب بڻجندي به مون ڏٺي. نوڪري دوران آئون سندس ماتحت هوندي سخت عتاب جو شڪار به رهيس ته ڪچي سرڪاري ملازمت جي پَڪي ۽ مُستقل ٿيڻ لاءِ اسان هاءِ ڪورٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين وڃي پهتاسين، پر سندس مجموعي ڪم ۽ ڪردار سبب مون کي پنهنجو اُهو عتاب وارو زمانو وسارڻ تي مجبور ڪري ٿو.

محمد حاڪم خاصخيلي

محمد حاڪم خاصخيلي

سندس وڇوڙي تي

عوامي آواز ايڊيٽوريل



ڪجهه ڏينهن اڳ وڇڙي ويل صحافي محمد حاڪم خاصخيلي منهنجو پراڻو دوست ۽ ساٿي ھو. اسان ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاھ جي هڪ ئي“ بي” ڪلاس ۾ پنجين کان ڏھين ڪلاس (مئٽرڪ) تائين گڏ پڙھياسون. مون کي اڄ به ياد آھي ته هو ٻڌائيندو ھو ته سال ۱۹۵۰ جي پيدائش آھي، اھڙي ريت سندس ڄمار اٽڪل ۷۱ ورھيه ھئي. مونکي سمجھه ۾ نٿو اچي ته پريس ڪلب وارن سندس ڄمار ۸۵ ورھيه ڇو لکي آھي؟ اھو ياد اٿم ته گھڻو پوءِ هن شڪايت ڪئي ھئي ته سندس ڀاءُ مير محمد جي ڄمار شناختي ڪارڊ وارن وڌيڪ لکي ھئي ۽ شروع ۾ ڪوششن جي باوجود به ٺيڪ نه ڪري سگھيا. بھرحال، اھو ٿي سگھي ٿو ته سندس ڄمار به وڌيڪ لکيل ھجي.

گل حسن ’گل‘ لاکو

گل حسن ’گل‘ لاکو

گهڻن جو گُل، زندهه دل ۽ بردبار شاعر ۽ نثر نويس - جنم ڏينھن جي نسبت سان

مٺل جسڪاڻي



گل حسن ’گل‘ لاکو، منهنجو ئي نه، گهڻن جو گُل آهي. زندهه دل آهي. بردبار شاعر ۽ نثر نويس آهي. ساڻس روبرو ۽ فاصلاتي ميل ملاقات، کل ڀوڳ، ٻَڌا ٻَڌا ٽهڪ پئي رهيا آهن. تمام گهڻو قربائتو ۽ ملنسار آهي. ٻين کي وقت ڏيندڙ آهي. سندس جنم تاريخ ۰۴ فيبروري جي نسبت سان حاضر آهي سندس مختصر تعارف ۽ ويچار ونڊ...

مٺل: اوھان جو نالو؟

گل: گل حسن ’گل‘ لاکو

اسماعيل ملاح

اسماعيل ملاح

وڇڙيل يار، ڇڻيل پن

ميان مير چانڊيو



ان اڌ رات کان پوءِ مون کي ننڊ نه آئي، اٿي ٻاهر هليو ويس، آڪاش ۾ ستارا هٿ بتين جيان روشن هئا، ڪائنات اڃان پرهه جي ننڊ ستل هئي.

مون دل ۾ ايئن ئي پئي جهونگاريو

اٿ اٿي ڏس، تهجدگذار جاڳي پيو آ

ڪائنات ستي پئي آ، پيار جاڳي پيو آ

بهار جي ان علي الصبح مون کي ميسيج پهتو ته اسماعيل اداسي دل جي دوري پوڻ سبب اسپتال ۾ گذاري ويو آھي، ان وقت منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، منهنجي من ڪينواس تي سندس زندگيءَ جون ساريون يادون ۽ شاعري جا عڪس ترڻ لڳا.

نسيم بخاري

نسيم بخاري

سماجي لکڻين ۽ صحافت جو بي ڊپو ڪردار!

منظور کوسو



جنهن سماج ۾ ماڻهو انساني درجي کان به گهٽ سطح واري زندگي جي رهيا هجن، افلاس، بک، بيروزگاري، بدامني ۽ بيماريون هٿرادو طور ماڻهوءَ تي مسلط ڪيون وڃن ته اُتي ماڻهو ڪيئن survive ڪري ۽ اهڙي ڀوائتي ماحول ۾ زنده رهڻ به خود پنهنجي جاءِ تي معجزي کان گهٽ ڪين آهي، ڇوته ان حالت ۾ يا ته ماڻهو نفسياتي مريض ٿي پوندو آهن يا خودڪشيون ڪرڻ لڳندا آهن، آئي ڏينهن اوهان کي وڻ ۾ ٽنگيل ماڻهن جون خبريون صرف ميڊيا تي پڙهڻ ڪاڻ ملنديون هونديون، انهن بي رحم حالتن جي پيداوار ماڻهو يا ته سڀ ڪجهه قدرت طرفان سمجهي چپ چاپ رُکي سُکي کائي حالتن سان سمجهوتو ڪري زندگي گذاري رهيا هوندا آهن، يا انهن مان ڪي ڏينهن رات جستجو ڪري ان جبر واري نظام جو حصو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ زندگيون وڃائي رهيا هوندا آهن، ها! پر انهن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي حقيقت کي پروڙي وٺندا آهن، قدرت جو ڪو قصور نه پر هڪ استحصالي طبقي جي ئي پنهنجين محرومين جو ذميوار سمجهندا آهن، انهن جو سوچن ۾ جڏهن هن ظلم خلاف ڪو مانڌاڻ مچندو آهي، دل ڪروڌ ۾ ڪڙهندي آهي ته پوءِ شاعر، فنڪار، حقيقي عوامي نمائندا سياستدان ۽ ڏاڍ جبر خلاف جهيڙيندڙ پيدا ٿيندا آهن، دنيا جو بهترين ادب به اهڙين حالتن جي پيداوار آهي، جَسُ آهي، انهن مڙسن کي جو اهڙي بارش مَئي ڪري ويا ته هڪ زمانو خمار آلود ڪري ڇڏيائون. پنهنجي سونهاري سنڌ ۾ ان جو هڪ وڏو مثال شيخ اياز آهي، جيڪو نظم خواه نثر جو سرجڻهار کيت ۾ بادشاهه هيو، جنهن جو اثر سنڌ جي هر باشعور قبول ڪيو ۽ جنهن جي تخليق سنڌ جي محروم طبقي تي وڏا مثبت اثر ڇڏيا ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته شاهه جيان اياز جو اثر صدين تائين قائم رهندو، جيئن سنڌ ڪو شاهه پيدا نه ڪري سگهي آهي، تيئن شايد ڪو اياز به مشڪل پيدا ڪري سگهي، جيتوڻيڪ منهنجي سهڻي شهر شڪارپور جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ اياز زندگي جا اڪثر ڏهاڙا شڪارپور کان ٻاهر گذاريا ۽ اڄ ڪراڙ ڪپ تي مدفون آهي پر اياز جنهن مَئي جي بارش برسائي شڪارپور جي جوانن تي انهيءَ مڌ جو اهڙو ته اثر ٿيو جو انهن کي پڙهندي ڄڻ ته پڙهندڙ به سحرانگيز شاعريءَ جي سحر ۾ گم ٿيو وڃي، جيئن هي ڏسو: