محمد حاڪم خاصخيلي
سندس وڇوڙي تي
عوامي آواز
ايڊيٽوريل
ڪجهه ڏينهن اڳ وڇڙي
ويل صحافي محمد حاڪم خاصخيلي منهنجو پراڻو دوست ۽ ساٿي ھو. اسان ڊي سي هاءِ اسڪول
نوابشاھ جي هڪ ئي“ بي” ڪلاس ۾ پنجين کان ڏھين ڪلاس (مئٽرڪ) تائين گڏ پڙھياسون. مون
کي اڄ به ياد آھي ته هو ٻڌائيندو ھو ته سال ۱۹۵۰ جي پيدائش آھي، اھڙي ريت سندس ڄمار اٽڪل ۷۱ ورھيه ھئي. مونکي سمجھه ۾ نٿو اچي ته پريس ڪلب
وارن سندس ڄمار ۸۵ ورھيه ڇو لکي آھي؟ اھو ياد اٿم ته گھڻو پوءِ هن شڪايت ڪئي ھئي ته سندس ڀاءُ
مير محمد جي ڄمار شناختي ڪارڊ وارن وڌيڪ لکي ھئي ۽ شروع ۾ ڪوششن جي باوجود به ٺيڪ
نه ڪري سگھيا. بھرحال، اھو ٿي سگھي ٿو ته سندس ڄمار به وڌيڪ لکيل ھجي.
