مير علي بخش خان شاهواڻي
ٽالپر
ٽنڊو محمد خان جي شاهواڻي
ٽالپرن جو ناليوارو جاگيردار
اعظم ڀٽي
ٽنڊو محمد خان جي شاهواڻي ٽالپر جي تاريخ تي جيڪا دز چڙهيل آهي، ان ڪيترن ئي ڪردارن کي ميرانجهڙو ڪري ڇڏيو. جيڪي ڪردار انگريزن سان جرئتمندي سان لکپڙهه ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا، انهن جي ڪردار کي الاء ته ڇو تاريخ ۾ مخفي رکيو ويو. ڇا ان سموري ڪاروهنوار ۾ شعوري هٿ شامل هئا يا اڃان ڪو ٻيو سبب برپا ٿيل هو. انهن ئي ڪردارن مان شاهواڻي ٽالپرن جو ناليوارو جاگيردار مير علي بخش خان ٽالپر به هڪ هو.
