; سنڌي شخصيتون

12 September, 2020

سائين الهورايو قريشي

سائين الهورايو قريشي

خالد حسين چنا

خيال ۽ يادون به جهرڪيءَ وانگي ٽپ ڏئي ڪڏهن ڪنهن ٽاريءَ تي ٿا ويهن ته ڪڏهن آزاد اُٽار ۾ دنيا جا لقاءَ پسائين ٿا. اوچتو ماضي بعيد جو هڪ منظر سامهون مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب تي نظر پوڻ سان ذهن ۾ تري آيو، جيڪو مون کي شاگردي واري دور ۾ محترم سائين مرحوم الهورايو قريشيءَ پنهنجي صحيءَ سان شاهه عبداللطيف جا شعر پڙهڻ کانپوءِ بطور انعام ڏنو هو. ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي، زندگيءَ جا پل ۽ پهر، ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال ائين گذري ويا خبر ئي ڪا نه پئي. خير ايتري پراڻي ڳالهه به ڪونهي جڏهن سنڌ ۾ ماڻهو واچون ۽ گهڙيال نه هئڻ ڪري سج جا پاڇا ڏسي وقت جو اندازو لڳائيندا هئا پر يقينن شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل مل ۽ ٽرين کي روزانو هلندي ڏٺو. اسان پنهنجو هاءِ اسڪول جي شاگردي وارو دور ياد ڪندي پنهنجن عظيم استادن کي اڄ به خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

11 September, 2020

ماما وشن ٿري

ماما وشن ٿري

ٿر ۾ انسانيت جو شيوڪ

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ



مامي وشن ٿري تي هي لفظ لکڻ وقت آئون ڀڳتي تحريڪ جي سگھاري شاعر نرسي مهتي جو هيءُ گيت ”سانورئي را نام هزار ڪيسي لکان ڪنڪو پتري“ لوڪ ڳائڪ مهيشارام ميهگوال جي آواز ۾ گھڙي گھڙي ٻڌان ٿو. سچ اهو آهي ته، مون ڪڏهن لکڻ وقت اهڙي  ٻڏتر محسوس نه ڪئي آهي جھڙي مامي تي لکڻ وقت محسوس ڪري رهيو آهيان. مامي وشن جي خدمتن جا رنگ هزار آهن، آئون هن تي خاڪو ڪيئن لکان!؟ ڪٿان شروع ڪريان!؟

سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“

سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سال ۱۹۶۲ع جي بهار جي مند ۾، جڏهن مان ڇهين ڪلاس ۾ نيو ماڊل هاءِ اسڪول پنوعاقل ۾ پڙهندو هوس (ياد رهي ته اهو اسڪول ڪچهري روڊ تي جتي هاڻي الشمس اسپتال سگا پاران آهي. اتي هو) هي اسڪول ۱۹۵۸ع ۾ منهنجي والد صاحب قائم ڪيو هو. پني عاقل ۾ پهريون خانگي اسڪول. نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرميون به ٿينديون هيون. انهيءَ زماني ۾ ”مهراڻ“ اخبار ۾ ٻارن جي صفحي ”ٻارن جي ڦلواڙي“ ۾ مواد موڪليندو هوس، جيڪو ڇپجندو رهندو هو. اخبار جو ايڊيٽر هو سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“. ان زماني ۾ اسان ننڍن ننڍن ٻارن لاءِ، اخبار جي ايڊيٽر سان ملڻ وڏي خوشنصيبي هئي.

عبدالڪريم سومرو

عبدالڪريم سومرو

منهنجو سائين

اعظم ڀٽي



منهنجو هڪ استاد چوندو آهي ته؛ ”فقط تدريسي علم حاصل ڪري، اوهان سماج ۾ سُٺا ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل ۽ پروفيشنل ماڻهو ته ٿي سگهو ٿا پر اهو ضرور ناهي ته تدريسي علم اوهان کي سُٺو انسان به بڻائي! سُٺو انسان ٿيڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي ٻولي جي ادب ۽ ثقافت سان چاهه جو جُزو پيدا ڪرڻو پوندو، ٻوليءَ سان محبت، ان جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت جي پروڙ ئي اوهان کي بهترين انسان بڻجڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.“

10 September, 2020

منصور ميراڻي

منصور ميراڻي

مٽيءَ جي مهڪ جهڙو شاعر ۽ اديب

زين سولنگي



ڪافي سال اڳ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهڻ دوران سچل چيئر جي بلڊنگ جي سامهون خوبصورت باغيچي ۾ هڪ ڪلاس-ميٽ سان خيرپور جي شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين متعلق ڪچهري ڪري رهيو هئس ته ان ٻڌايو؛ ”خيرپور، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين سان ڀري پئي آهي.“ ڳالهه شروع ٿي حضرت سچل سرمست کان، نانڪ يوسف، سخي ابو محمد صالح شاه جيلاني، مير علي نواز ناز، عطا محمد حامي، تنوير عباسي، تاجل بيوس، منير سولنگي، پروفيسر خادم سنڌي کان ٿيندي وڃي منصور ميراڻيءَ تي پهتي. حقيقت اها آهي ته مون کي ان ڪچهريءَ کان اڳ، محترم منصور ميراڻي جي اها ڄاڻ نه هئي ته هو به خيرپور جو آهي. جڏهن ته مون ان کان اڳ، نامياري فنڪار سرمد سنڌيءَ جي نهايت ئي پرڪشش خوبصورت آواز ۾ منصور ميراڻيءَ جو اهو شاندار گيت:

09 September, 2020

منظور مگسي

منظور مگسي

آشائن جا ديپ جلائي، سپنا سوچيندڙ شاعر - ستين سالوار سار جي موقعي تي

مٺل جسڪاڻي



يار! يار ڪو وسرندا به آهن ڇا؟ نه. يار نه وسرندا آهن. اها ٻيءَ ڳالهه آهي، ته زمانيگيري ۾ ڪڏهن يارگيري، ته ڪڏهن وري يارگردي به ٿي ويندي آهي!

منظور مگسي، پي ٽي وي تي جيڪا شهرت ۽ سڃاڻپ ماڻي، ان کان اڳ هو اسان جو دوست هو. اسان جي سنگت کان پهرين ڇا هو، اها خبر نه آهي، پر جيستائين اسان هڪ ٻئي جي سنگت ۾ هئاسين، منظور مگسي گهڻن دوستن ۾ رابطي جو ذريعو به هو.

حميره نور

حميره نور

همت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندڙ شاعره ۽ اديبه

علي محمد درد سولنگي



حميره نور، جنهن پنهنجي لکڻ جي شروعات، حميره شمس شيخ جي نالي سان ۲۷ مئي ۱۹۹۱ع ۾ ڪئي، سندس باقاعده ڪو به استاد نه آهي، نه ئي هن ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ جي شروعات ڪئي. هي سڀ قدرتي ۽ %۱۰۰ سؤ سيڪڙو حادثاتي واقعو هيو. شاعري ڪرڻ کان اڳ هن کي/حميره کي شاعريءَ کان سخت چڙ هئي. جڏهن سيپٽمبر ۱۹۹۱ع ۾ روزاني ”پڪار“ ڪراڇيءَ ۾ حميره جي پهرين تخليق ڇپي ته سندس رشتيدارن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن جا رويا ۽ رايا انتهائي خراب هيا. ڪن ته ايترو به چيو ته؛ ”حميره عشق ۾ ناڪام ٿي آهي. تڏهن شاعري شروع ڪئي اٿس/تڏهن شاعري پئي ڪري.“ ايتري تائين جو سندس والد به سندس شاعريءَ واري عمل جي پهريان مخالفت ڪئي. ليڪن حميره لکڻ جو عمل جاري رکيو ۽ آخرڪار سندس والد به سندس همت افزائي ڪرڻ شروع ڪئي، حميره شاعريءَ سان گڏ ڪھاڻيون ۽ ڪالم به لکيا آهن.

ناصر مراد قريشي

ناصر مراد قريشي



ناصر مراد ولد مراد علي نور قريشي، ۲۸ فيبروري ۱۹۶۷ تي جيڪب آباد جي مذهبي گھراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد مراد علي نور صاحب، ملڪ جو ناليوارو شاعر ۽ اديب ھو.

ناصر مراد پرائمري تعليم، گورنمينٽ پرائمري اسڪول پوليس ھيڊڪوارٽر مان، ۱۹۷۷ ۾ جڏهن ته ميٽرڪ ۱۹۸۲ ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جيڪب آباد مان ڪئي. جنهن دوران سندس رھنمائي استاد وزير احمد سرڪي ۽ استاد نثار احمد سومرو (جيڪي بعد ۾ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيا) جن ڪئي. ان علاوه انٽرميڊيئيٽ ۱۹۸۴ ۽ بي ايس سي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان ۱۹۸۷ ۾ ڪئي. جتي وري کيس پروفيسر لياقت علي پٺاڻ، پروفيسر غلام نبي سڌايو ۽ پروفيسر يونس قريشي جي شفقت ۽ رھنمائي رھيس. ماسٽر ڊگري ڪئمسٽري جھڙي ڏکئي سبجيڪٽ ۾ ۱۹۹۱ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي مان پاس ڪري ٿرڊ پرزيشن حاصل ڪئي.

23 June, 2020

نثار احمد صديقي

تعليمي ماهر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وي سي نثار صديقي جو ساهه سڳو ٽٽي ويو

(ڏيھاڙي عبرت ۲۳ جون ۲۰۲۰ع)


سکر (بيورو رپورٽ) سکر کي ناليوارو تعليمي ادارو آءِ بي اي ڏيندڙ نثار احمد صديقي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، ڪراچي. جي اسپتال ۾ دل جي مرض سبب وفات ڪري ويو، جنازي نماز سکر آءِ بي اي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس خدمتن جي مڃتا آءِ بي اي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي وڇوڙي تي سکر توڙي خيرپور جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار، ان سلسلي ۾ اتر سنڌ کي دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ بهترين تعليمي ادارو انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڏيندڙ اداري جو وائس چانسلر تعليمي ماهر پروفيسر نثار احمد صديقي دل جي مرض سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز آءِ بي اي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪرڻ بعد اتي ئي سندس تدفين ڪئي وئي. مرحوم جي جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي، سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نثار احمد صديقي سکر کي انتهائي معتبر تعليمي ادارو ڏئي سنڌ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪري سنڌ جي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل بچائڻ لاءِ انتهائي وڏيون ڪوششون ورتيون، جنهن سکر آءِ بي اي وارو ادارو قائم ڪري عالمي سطح تي سنڌ جو مان مٿاهون ڪرايو. جڏهن ته نثار احمد صديقي جو اباڻو ڳوٺ پريالوءِ ضلعي خيرپور ۾ آهي. جنهن بعد سندس وارثن سان اهم سياسي سماجي، مذهبي، واپاري ۽ شهرين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ صحافين عذر خواهي ڪئي. ياد رهي ته مشهور تعليمي ماهر آءِ بي اي سکر جو بنياد رکندڙ نثار احمد صديقي ۱۹۴۴ع ۾ خيرپور ضلعي جي شهر پريالوءِ ۾ جنم ورتو، هن زندگي جون ۷۷ بهارون گذارڻ بعد ۲۲ جون ۲۰۲۰ تي دل جي عارضي سبب هن دنيا کي الوداع ڪيو، هو شروعاتي ڏينهن ۾ ۱۰ سال مئٿ، انگريزي ٻولي، اڪنامڪس سبجيڪٽن جو استاد پڻ رهيو، ان کان علاوا ڊپٽي ڪمشنر، ڪمشنر، هوم سيڪريٽري، ڊائريڪٽر مينيجمينٽ سائيٽ سنڌ انڊسٽريل، ٽريڊنگ اسٽيٽس پڻ رهيو، نثار احمد صديقي ۱۹۹۴-۹۵ع ۾ سکر پبلڪ اسڪول جي چئن ڪمرن کان آءِ بي اي جو بنياد وڌو، ۲۰۰۴-۵ع کان باقاعدا آءِ بي اي جوڙڻ سان گڏ ان جو ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته ۱۶ مئي ۲۰۱۷ تي سنڌ اسيمبلي پاران قرار داد پاس ڪري سکر آءِ بي اي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ سان نثار احمد صديقي کي وائس چانسلر ڪيو ويو، جيڪو آخر تائين يونيورسٽي جو وائس چانسلر رهيو، هن نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ پهريون دفعو ڪميونٽي ڪاليج ۽ اسڪولن جو بنياد وڌو، جنهن سنڌ اندر خيرپور، نوشهروفيروز، گھوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو، اوٻاوڙو شهرن ۾ پهريان ڪميونٽي ڪاليج کوليا، نثار احمد صديقي کي بهتر ڪارڪردگي ۽ تعليمي ميدان تي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ستارا امتياز سان نوازيو ويو. هن ۱۹۸۷ع ۾ يو ايس اي جي بوسٽن يونيورسٽي مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي بنياد تي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پاڪستان جي چئن وڏن تعليمي ادارن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي ۽ پوري دنيا ۾ مشهوري پڻ ماڻي.

22 June, 2020

لياقت راڄپر

لياقت راڄپر

جيءُ جھوريندڙ ڪمھلو وڇوڙو

محمد علي پٺاڻ

لياقت راڄپر، جيڪو سنڌ جي اطلاعات کاتي مان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عھدي تان ڪجھ سال اول رٽائر ٿيو هو، سو نه رڳو منهنجو پاڙيسري، پر ڄڻ ته سڳو وڏو ڀاءُ ۽ ٻٽيهن دلين وارو گھرو ۽ گهاٽو دوست به ھو. توڙي جو اسانجي عمرين ۾ سالن جو فاصلو ھو، پر ٻالجتيءَ کان پنھنجن ننڍن ڀائرن ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر (سنڌ ٽي وي جي روح روان ۽ ھڪ سنڌي اخبار جي ايڊيٽر)، ذوالفقار راڄپر (مشهور صحافي ۽ ڪالم نگار) ۽ اعجاز علي راڄپر (انجنيئر ۽ سائنسي مضمونن جو ليکڪ) جيان ڪري نه صرف ڀاءُ ڪري ڀانئيندو ھو، پر دوست جو درجو ڏئي ساڻ کڻي گهمائيندو به ھو ۽ رھبر ٿي صحيح ۽ غلط جي ڄاڻ به وک وک تي شفيقانه ۽ ٻاجهاري انداز ۾ رسائيندو رھندو ھو.

11 June, 2020

رسول بخش پليجو - ۲


رسول بخش پليجو
سنڌ جي عظيم ڏاهي جو وڇوڙو!
ارشاد ڪاغذي
سنڌ جو ڏاهو رسول بخش پليجو، سنڌ جي هارين جو استاد ۽ اڳواڻ، ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينگلز، ولاديمير لينن ۽ مائوزي تنگ، هوچي منهه، چي گويرا، ڪاسترو جو تسلسل ۽ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جو سرگرم ليڊر، سوشل سائنسدان، سنڌي عوامي تحريڪ جو باني، شاهه لطيف جو شارح، اديب، شاعر، مصنف، نقاد، مشهور وڪيل، فيلسوف، نظرئي دان ۽ جديد ترقي پسند تحريڪ جو سرواڻ ڪالهه ۸۸ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
رسول بخش پليجو ٺٽي ضلعي جي جنگشاهي جي ڳوٺ منگر پليجو ۾ ۱۹۳۰ع ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم اتي حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ڪراچي مان سيڪنڊري تعليم ۽ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي.

31 May, 2020

مولانا الحاج علامہ خادم حسين جتوئي رح


مولانا الحاج علامہ خادم حسين جتوئي رح
مولانا نذير حسين جتوئي
سنڌ جي مردم خيز سرزمين اسلام ۽ اسلامي علوم و فنون جي عروج جي دؤر ۾ جيڪي علمي شخصيتون پيدا ڪيون، تاريخ شاهد آهي ته انهن جي غير معمولي علمي ڪارنامن، اَفتاءَ ۽ اجتهاد جي صلاحيتن ۽ معقول ۾ انتها درجي جي مهارت عرب ۽ عجم کان خراج تحسين حاصل ڪيو. انهن مان هر شخصيت پنهنجي پنهنجي دؤر جي برگزيده شخصيت هئي، ۽ اسلامي علوم و فنون جي هر شعبي تي آخري سنَدَ.

18 May, 2020

سيد غلام مصطفيٰ شاهه


سيد غلام مصطفيٰ شاهه
هڪ اعليٰ تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ - سئو سالا جنم ڏينهن جي مناسبت سان
پروفيسر اعجاز قريشي
ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپور جي تاريخي ڳوٺ ٻنون جي پريان سيد قادر ڏني شاهه جي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ڄائي ڄم کان بلڙي شاهه عبدالڪريم جي پاڙيسري هجڻ جو شرف نصيب ٿيو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪنهن رسمي رفرنس، يادگيريءَ محتاج ڪونهي. هو هڪ گھڻ پاسائين ۽ گوناگون قسم جي هستي آهي، جنهن کي سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو وڃي ٿو، ايترو وڏو ماڻهو آهي جو رسمي طور جيڪڏهن چئجي ته هو پنهنجي اندر ۾ هڪ ادارو هو، ته به گهٽ ٿيندو.